ڪافي رڪنن جي شڪايت رهي آهي ته سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ۾ لکائي دوران ايم بي سنڌي فونٽ ظاهر نه ٿو ٿئي... پهرين مرحلي ۾ ان کي برائوزر ڪيشي جو مسئلو پئي سمجهيو ويو پر جلد ئي احساس ٿي چڪو ته اهو سنڌ سلامت فورم تي موجود ڊيفالٽ اسٽائيل جو مسئلو آهي... ان سلسلي ۾ جيسين ڪنهن نئين ۽ بهتر اسٽائيل جي چونڊ ڪندي ان کي سنڌي ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان ۾ سنڌي سڌو سئون لکڻ جي مطابقت ڪندڙ بڻائجي ان جو هڪ عارضي حل پيش ڪجي ٿو... هاڻي توهان سنڌ سلامت ايڊيٽر جي ٽولبار مان فونٽ چونڊڻ جي لسٽ کوليو جتي ايم بي سنڌي سان گڏو گڌ ايم بي لطيفي، ايم بي خورشيد ۽ ايم بي نرگس فونٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي.. انهن فونٽ جو اضافو ڪندي ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي ته اهي فونٽ لکائي تي اپلائي ڪرڻ وقت ڪمپيوٽر ۾ انسٽال نه ٿيڻ باوجود درست نظر اچن... اميد ته ان سان نه صرف ايڊيٽر تي سنڌي لکائي درست ڪري سگهبي پر گڏو گڏ جواب موڪلڻ لاءِ الڳ فونٽ پسند ڪندي موڪلڻ جو فائدو پڻ حاصل ڪيو ويندو...