اڄ سڄي شڪارپور سڏڪن ۾ آ... ڪوئي پاڙو، ڪوئي محلو ناهي جتي روڄ راڙو نه هجي...! قيامتِ صغريٰ جو منظر آهي... گلن جي پتين جيان وکريل آهن پاڙي پاڙي ۾ شهيدن جا لاش! هر اک آلي آ، هر دل سوڳوار آ... مومن جيڪي نماز پڙهڻ ويا، اڄ انهن جي نماز جي تياري پئي ٿئي! سڄي شهر ۾ راڪاس گهمي ويو آ... هڪڙي بم ڌماڪي ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا! رت جون ناليون وهڻ لڳيون... بيوسيءَ جي حالت آ... ماتم ئي ماتم آ... ڪربلا جي ميدان ۾ ڪربلا جهڙو قهرام مچي ويو! هاءِ منهنجي شڪارپور! توکي هي ڇا ٿي ويو!؟
هاءِ منهنجي شڪارپور! توکي هي ڇا ٿي ويو!؟ هائي منهنجي سنڌڙي توکي ڪنهنجي نظر لڳي وئي ، ماکي کان به مٺڙن ماڻهن جو ڪوس ڪيو ويو..سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي..الله سائين سنڌ ۽ سنڌين تي رحم فرما انهن دجالن کي نيست ۽ نابود فرما.