شڪارپور کي نظر لگي وئي

سجاد سومرو

سينيئر رڪن
اڄ سڄي شڪارپور سڏڪن ۾ آ...
ڪوئي پاڙو، ڪوئي محلو ناهي
جتي روڄ راڙو نه هجي...!
قيامتِ صغريٰ جو منظر آهي...
گلن جي پتين جيان وکريل آهن
پاڙي پاڙي ۾ شهيدن جا لاش!
هر اک آلي آ، هر دل سوڳوار آ...
مومن جيڪي نماز پڙهڻ ويا،
اڄ انهن جي نماز جي
تياري پئي ٿئي!
سڄي شهر ۾
راڪاس گهمي ويو آ...
هڪڙي بم ڌماڪي
ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا!
رت جون ناليون وهڻ لڳيون...
بيوسيءَ جي حالت آ...
ماتم ئي ماتم آ...
ڪربلا جي ميدان ۾
ڪربلا جهڙو قهرام مچي ويو!
هاءِ منهنجي شڪارپور!
توکي هي ڇا ٿي ويو!؟
 
هاءِ منهنجي شڪارپور!
توکي هي ڇا ٿي ويو!؟

هائي منهنجي سنڌڙي توکي ڪنهنجي نظر لڳي وئي ، ماکي کان به مٺڙن ماڻهن جو ڪوس ڪيو ويو..سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي..الله سائين سنڌ ۽ سنڌين تي رحم فرما انهن دجالن کي نيست ۽ نابود فرما.
 
Back
Top