آزاد خاصخيلي
سينيئر رڪن
اڙي دل ! هو ٿي چئي تو سان نه ڳالهائبو هاڻي،
چري ٿي آ هو مذاق ٿي سمجهي چئوس مربو هاڻي.
ڇڻي لڙڪ پوندا بڻجي رت جا ڳوڙها جي ائين ٿيو،
لُڙهي اُڀ ويندو سڙي دڳ ويندو جلي پاڻ جلائبو هاڻي.
سرِ عام سڀن سامهون گذرين ٿي باهيون ڏيندي دلين کي،
اُميد جي ٻرندڙ لاٽ کي هوا جي جهوڪي کان بچائبو هاڻي.
ڪيترو ويو وقت ويرن جي ور چڙهي گهڙيون قيمتي سڀ،
نا اُميدي پئي وڃي گهر ڪندي وڃي سڄڻ کي چئجو هاڻي.
لڙڪ لارون ڪري وهندئي پسي ويندئي ڳِٽا ۽ سارا سڄا لٽا،
ياد ايندئي گهاريل گهڙيون پوءِ چوندي هتي نه رهبو هاڻي.
”آزاد“ ياد ايندئي کڻي نيڻ ڪارا پو تون راهون نهاريندين،
ڇڏ رسامو آ هلي چپ چور چئي ڏي سر عام گڏ گهاربو هاڻي.
.....................................................................................................................................................................................، دوستن جي خدمتن ۾ حاضر آهي پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا، اميد ته شاعري جي علم مان ڄاڻو دوست تنقيدي تعميري راءِ ذريعي همٿ افزائي ڪندا. مهرباني.....