جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
مهتاب اڪبر راشدي
شڪارپور جي امام بارگاهه ۾ ڌماڪو! ٽي وي تي هلندڙ ٽِڪر ڏسندي ئي دل، وسامي وئي يا الاهي خير! جمع جو ڏهاڙو، نماز جو اجتماع هوندو…شل خير ٿئي. پهرين خبر، ٻن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي هئي. ٽن منٽن کان پوءِ انگ پنج ٿي ويو ۽ ڏهن منٽن ۾ ويهه ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي خبر دِل دهلائي ڇڏي. هلندي هلندي اهو انگ پنجاهه تائين پڄي ويو. قيامت صغريٰ قيامتِ ڪُبريٰ ۾ تبديل ٿي وئي. بارود جو دونهون، وهندڙ رَتُ، ماڻهن جون دانهون چيخون، آهون….
اِهي منظر ڏسندي مان وڌيڪ پريشان ان خيال کان هئس ته سنڌ ۾ ٻين شعبن وانگر صحت جي شعبي ۾ به انڌير لڳو پيو آهي، اُتي شڪارپور جي اسپتال ۾ اهڙي قسم جي دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ زخمين جي علاج معالجي جون ڪهڙيونسهولتون هونديون؟
منهنجو خدشو صحيح نڪتو، ٻئي ڏينهن جي اخبارن سڀئي اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا. ڪُل ٽي ايمبولينسز هيون، جيڪي فوت ٿي و يلن ۽ زخمين کي ڍوئڻ ۾ مصروف هيون. ڊاڪٽر يا ته موجود نه هئا، جي هئا ته ناڪافي، آڪسيجن سلينڊر؟ انهن جي ته شايد اسپتال وارن کي ضرورت ئي محسوس ڪونه ٿيندي هوندي، جو هو ان کي ڪنهن به ”اوچتي“ ضروت جي لحاظ کان مُهيا ڪري رکن. سو ضروت پوڻ تي جڏهن انهن کي آڻڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۽ سکر مان انتظام ڪيا ويا ته ڪيترن ئي زخمين جا ساهه جا پکيئڙا، پرواز ٿي چڪا هئا.
شديد نوعيت جي زخمين کي لاڙڪاڻي ۽ سکر جي اسپتالن ڏانهن به منتقل ڪيو ويو، پر تيستائين شايد گهڻي دير ٿي چُڪي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي پنجاهه گهرن ۾ غم الم جا ڪڪر ڇائنجي ويا. پنجاهه ماڻهن سان وابسته اڻ ڳڻيل ماڻهن جون خوشيون رُسي ويون. کن پل ۾ انهن خاندانن جي زندگي پنهنجي سُک ۽ شانتيءَ واري راهه مٽائي، ڏک ۽ غم جي دڳ تي هلڻ شروع ٿي وئي آهي.
انهن پنجاهه يا ان کان به وڌيڪ گهرن جي الميي ۽ غم جي شدت کي اسان شايد محسوس ئي نه ڪري سگهنداسين. انهن گهراڻن لاءِ اهو درد هاڻي زندگيءَ جو روڳ بڻجي ويندو. اک ۾ آيل ڳوڙهن کي سڪڻ لاءِ عمر کپي. باقي حڪومتن جو ڪم هاڻي رڳو اهو رهجي ويو آهي ته، واقعي جو نوٽيس وٺي دهشت گرديءَ جو وڏو واقعو آهي ته آءِ، جي کان رپورٽ طلب ڪبي. حادثي جي نتيجي ۾ جي ڪجهه موتَ وڌيڪ ٿيا آهن ته، مرڻ ۽ زخمي ٿيڻ وارن لاءِ ڪجهه پئسن جو اعلان ڪيو ويندو ۽ جي ڪا ڪهل اچي وين ته پوءِ ڪنهن اعليٰ عملدار طرفان جاءِ واردات جو چڪر به لڳي سگهي ٿو. شڪاپور جي هن درد ناڪ واقعي جن حقيقتن کي سامهون آندو آهي. انهن مان سڀ کان خوفناڪ حقيقت هي آهي ته، فرقه واريت کي هوا ڏيڻ ۽ نفرتون پيد اڪرڻ واريون قوتون، هاڻي، سنڌ جي اندر گهڙي آيون آهن. انهن سنڌ جي صوفي شناخت ۽ مذهبي رواداري وارين روايتن کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. اهڙين قوتن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ويڪائو ماڻهو به ملي ٿا وڃن، جيڪي چئن پئسن خاطر، بيگناهه ماڻهن کي مارڻ کي ڪو گناهه تصور نه ٿا ڪن.
ان صورتحال ۾ عوام کي تحفظ ڏيڻ بهرحال حڪومت جو ئي ڪم هوندو آهي. پر اسان کي بحيثيت سنڌ واسي سوچڻو پوندو ته اسان کان ڪٿي ڀُل ٿي آهي؟ حڪومت کي ملامت ته ٿئي پئي ۽ ٿيندي رهندي، پر ڇا اسان به پنهنجو ڪو فرض صحيح ادا ڪيون پيا يا نه؟ يا وري اِهو مثال اسان تي ٺهڪي ٿو اچي ته”جهڙا روح تهڙا ختما“! ”جهڙا عوام، اُهڙائي حاڪم“. جهڙا اسان جا حال، سوچ ۽ عمل آهي، تنهن کي ڏسندي قدرت اسان کي سزا ڏيڻ لاءِ اهڙائي حڪمران اسان جي مٿي ۾ هنيان، جيڪي هنن جي تڪليفن ۽ ڏکيائين کي دور ڪرڻ کان قاصر آهن، هجي عوام ۾ همت ۽ غيرت ته وڃي انهن کي ڳچين کان پڪڙين انهن جا دڳ جھلي بيهن ۽ انهن جي واڳون وارن ڳوڙهن ۽ همدرديءَ وارن کوکلن لفظن کي ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ کان سراسر انڪار ڪن.
پر اِها به حقيقت آهي ته انهن ئي حڪمرانن، ننڍين ننڍين لالچن جي ذريعي هيٺ کان وٺي مٿي تائين ماڻهن کي ائين پئسن جي موهه ۾ ڦاسايو آهي، جو ان روش جي ڪري اسان جي معاشري جي اصلي وصف، يعني عزت نفس ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ، قناعت سان هلڻ وارو طريقو ۽ الله کان مدد گهرڻ وارو تاڃي پيٽو هاڻي تار تار ٿي چڪو آهي. ڪنهن جي به نالي ۾ ملندڙ ڪنهن ڪارڊ ذريعي مفت ۾ ملندڙ هڪ هزار رپين لاءِ اسان پنهنجا روح گروي رکي ڇڏيا آهن. پٽيوالي جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ، ماڻهو انهن وڏيرن، چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي نسل در نسل غلامي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان کان ته خورشيد شاهه جي صلاح تي هلندي واقعي به چڻن جو ڪوٿال مٿي تي رکي روزي ڪمائين ته شايد پيپلزپارٽيءَ وارن طرفان پٽيوالي قبول ڪري نسلن جي غلاميءَ کان سچ به بچي پون.
حڪومت، دهشتگرديءَ کي ٻنجو ته الائي ڪيئن ڏيندي، پر سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي اسپتالن جي جيڪا صورتحال آهي، تنهن کي بهتر بڻائڻ کان کين الائي ڪير ٿو روڪي؟ اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اسپتالن ۾ طبي سهولتن جو نه هئڻ ڪنهن هڪ شهر يا هڪ ڳوٺ جي ڪهاڻي ناهي، جنهن تي اسان کي حيرت ٿئي، هي ته هر ڳوٺ ۽ هر ننڍي وڏي شهر جي حالت زار آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ اُهي مسڪين مريض وڃي ٿا پهچن، جيڪي بي يارومددگار آهن، جن وٽ پرائيويٽ اسپتالن ۽ نه ئي سرڪاري اسپتالن جي اهڙن ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن جي پرائيويٽ ڪلينڪس ۾ وڃي علاج ڪرائڻ جي سگهه آهي جيڪي سرڪاري اسپتالن ۾ کين ڏسي، علاج ڪرڻ بدران کين شام جو پنهنجي پرائيويٽ اسپتال ۾ اچڻ جي صلاح ڏئي کين علاج مُهيا ڪن ٿا. سرڪاري اسپتالن ۾ مشڪل ڪا دوا کين مفت ۾ ملي، اول ته دوا جي پرچي به کين هٿ ۾ اچي ملي ته ٻاهران وٺي اچو، اُهااسپتال ۾ ناهي. جي دوا ملي به ته پڪ مُدي خارج هوندي يا جيڪڏهن رَتُ ۽ پيشاب جي چڪاس ڪرڻي هوندي ته اسپتال جي ليبارٽري ۾ مشينون يا اوزار نه هوندا يا وري ٽيڪنيشن نه هوندو پر اسپتال جي ويجھو ئي ڪاليب ضرور هوندي، جنهن جو ڪاروبار انهن ئي مريضن جي صدقي زورن تي هلندو هوندو.
اها صورتحال، حيدرآباد کان وٺي نواب شاهه، لاڙڪاڻي، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد تائين ساڳي آهي، بدين، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۽ ٺٽو وري ان کان ڪينئن مختلف هوندا؟ پر جي اِها حقيقت آهي ته ان جو ادراڪ حڪومت کي ڇو ناهي؟ سول اسپتالن ۾ ميڊيڪل سپرينٽينڊنس جي روزاني تقرريءَ ۽ بدلي ٿيڻ پٺيان ڪهڙيون ڪهاڻيون آهن، دوائن جي خريداريءَ ۽ اسپتالن ۾ مهيا ڪري ڏيڻ جو طريقيڪار ڇا آهي؟ اسپتالن ۾ ٺهيل ليبارٽريز ڇو ڪم نه ٿيون ڪن؟ مريضن جي گندن بسترن کي ڇو تبديل نه ٿو ڪيو وڃي؟ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ مريض لاءِ تيار ٿيل ناشتو، صبح جو بس اسٽينڊن تي ڪيئن ٿو وڪرو ٿئي؟ اهي ڪهاڻيون اسان تائين پهچن ٿيون. اعليٰ عملدار ان عمل کان بي خبر ڪيئن هوندا؟ پر جڏهن وڏن عملدارن ۾ ايڏي بُک ڪاهي پئي آهي جو هو مريضن جي ناشني مان به نه ٿا ٽرن ته باقي وارڊ بواءِ ۽ چوڪيدارن تي ڪهڙو ڏوهه، اُهي ته کين حصو پَتي پوري پڄائين ٿا.
سوچيان ٿي ته اسان تي اڃا اهڙا ڪيترا عذاب نازل ٿيڻا آهن، اڳين قومن تي جيڪي عذاب سندن ڪرتوتن جي ڪري ايندا رهيا آهن، سي ته اسان مٿان به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اچي ڪڙڪيا آهن، ڏڪار، برساتن جو نه وسڻ يا وري بي موسمي برساتيون پکڙجندڙ بيمارين وگهي موت، ناگهاني آفتون، موسم جون سختيون، بي روزگاري، بدامني، اندروني خلفشار ۽ سڀ کان وڌيڪ ته نااهل ۽ لالاچي حڪمرانن جي حوڪمت، انهن سڀني جي ڪارڻن کي جڏهن سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ان کي سڌارڻ لاءِ ابتدا به پاڻ کان ئي ڪرڻي پوندي. پنهنجي عمل کي بهتر بڻائڻو پوندو. پنهنجين سونهري روايتن کي ٻيهر جيئرو ڪرڻو پوندو، جي ائين نه ڪيوسين ته تباهي ته پنهنجي در تائين پهچي چڪي آهي. بچاءَ جو رستو ڪهڙو آهي.
واپس شڪارپور ڏانهن ٿا اچون. هن شهر جو ڳاڻيٽو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي حسين ترين شهرن ۾ ٿيندو هو، شڪارپور کي توهان شيخ اياز جي تحريرن ۽ آغا سليم جي يادگيرين ۾ ڏٺو هوندو. جنهن شهر جي منصوبابنديءَ مختلف سمتن کان داخل ٿيڻ جا مختلف در هجن، جتي جو آچار، اڄ به پنهنجي شهر جي نالن جي مشهوري ۽ ساک سبب وڪامبو هجي. جنهن جي مائي ۽ آئيسڪريم، قلفي کائڻ لاءِ دل سُرڪي، جنهن شهر جي روايتن ۾ مذهبي رواداري مٿاهين هجي، جتي هندو، مسلمان جي نفريق نه هجي، جيڪو شهيد الله بخش سومري جو شهر هجي. جتي تاراچند اسپتال ٺهرائڻ مهل، اهو نه سوچي ته اتي هندو ايندو يا مسلمان، ان شهر ۾ مذهبي عبادت گاهه ۾ بم ڦاٽي؟ ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي.
پر، وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي ته اسان وٽ، بي لوث خدمت گارن ۽ سماجي ڪاروهنوار جو رواج ئي نه رهيو آهي. سماج جي سڌارڻ لاءِ، اسان سنڌين وٽ، پنهنجي هڙان ڪجهه خرچ ڪرڻ جو ته ڪو تصور ئي ناهي. اسان وٽ، مسڪين جهان خان کوسو، پنهنجي ايمان جي زور تي، ضرورت مندن جي ڪم ڪار لاءِ، پيرين پنڌ هلي، آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو هو ۽ اٻوجھن جي مدد ڪندو هو. پر الائي ڇو، ڪنهن وڏي پئماني يا علائقي جي حد تائين به عوام کي سهولت مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن فرد يا افراد جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي ٿئي. ورهاڱي کان اڳ، انسانن جي بلاتفريق اسڪول ۽ اسپتالون ۽ جانورن جي پاڻي پيارڻ لاءِ پاڻيءَ جا حوض به هن ٺهرايا. مسلمانن کي اهڙي ڪمن ڪرڻ جي توفيق گهٽ رهي آهي ته ڪراچي ۾ ملير واري ٿيل تازي بس سڙڻ واري واقعي تي حڪومتي انتظامن تي تنقيد ڪندي لکيو هيم ته”شڪر آهي جو ايڌي ۽ ڇيپا جون ايمبولينسز اُتي هيون،جيڪي بنا دير حادثي جي جاءِ تي پهچي ٿيون وڃن، جي ائين نه هجي ته، حڪومت جي آسري ته مري وڃڻ وارن جو الائي ڪهڙو حال ٿئي.؟
ڪالهه شڪارپور ۾ ٿيل هن اندوهناڪ حادثي وري مونکي، سنڌ اندر، اهڙي ڪنهن سروس جي نه هئڻ جو شدت سان احساس ڏياريو. اوڏي مهل دل اهو پئي چيو ته، زور زور سان ايڌيءَ کي سڏيون، ته ڀائو! وارو ڪجانءِ، ٻيلي پنهنجيون ايمبولينسز ته موڪل، اسان جا جوان، اسان جا بزرگ، اسان جا ٻچڙا، ڪنهن نموني، رڳو اسپتال پهچن……..اُتي ايڌي نه هيو ۽ اهي زخمي، چنگچين، گڏهه گاڏن ۽ موٽر سائيڪلن ذريعي اسپتال پهتا ته اُتي ڊاڪٽر نه هئا….جي ڊاڪٽر هئا ته گهربل سهولتن جو فقدان هيو. زندگي بچائڻ لاءِ آڪسيجن گهربل هئي. اُتي آڪسيجن سلينڊر ته هيو پر خالي…..!!! سوچيو، اچو گڏجي سوچيون، مذهبي انتهاپسنديءَ کان ماڻهن کي ڪيئن بچايون؟ حڪومت کي پنهنجي ذميوارين ادا ڪرڻ تي ڪيئن مجبور ڪيون