• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرڪيٽ ورلڊ جي تاريخ جا يادگار لمحا... آخري سپاهي ميدان ماري ويو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
پاڪستان سميت سمورن ملڪن لاءِ 1975 جو ورلڊ ڪپ هڪ نئون تجربو هو... پنهنجي طرز جي هن پهرين ٽورنامينٽ جي آغاز کان 4 سالن ۾ رڳو 18 ون ڊي کيڏيا ويا هيا.. ۽ جڏهن 7 جون 1975 تي لارڊز ۾ پهرين ورلڊ ڪپ جو افتتاحي مقابلو کيڏيو ويو ته ان ڏينهن ئي اندازو ٿي ويو ته دنيا اڃان ون ڊي ڪرڪيٽ جي مزاج کي سمجهيو ئي ناهي.. اهو ئي سبب هيو جو انڊيا 335 رنز جو پيڇو ڪندي رڳو 132 رنسون ٺاهيون هيون.. پر رڳو چئن ڏينهن کان پوءِ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٿيل يادگار مقابلي .. انڊيا واري ميچ وساري ڇڏي...
ايجبسٽن، برمنگهم ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جو مقابلو ٽورنامينٽ جو اٺون مقابلو .. ۽ ٻئي ٽيمون تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ ٻئي سان کيڏي رهيون هيون... پاڪستان جو ڪپتان ماجد خان هو جنهن 60 رنز جي اننگ کيڏي، گڏ مشتاق محمد 55 ۽ وسيم راجا 58 رنسون ٺاهي پاڪستان جو اسڪور 266 رنز تائين پهچايو...
ان دور ۾ 267 جو ٽارگيٽ 60 اوورن ۾ به وڏو سمجهيو ويندو هو.. خير موٽ ۾ ويسٽ انڊيز جون رڳو 39 رنز تي سرفراز نواز ٽي وڪيٽون ڪيرائي وڌيون... ۽ اڳتي هلي پاڪستان 99 تائين 5 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ويو.. ان باوجود ويسٽ انڊيز کي فڪر گهٽ هيو جو سندن مهان ڪپتان ڪلايو لائيڊ ڪريز تي موجود هو... جيڪو جلد ئي جاويد ميانداد جي ون ڊي ڪيريئر جي پهرين وڪيٽ بڻيو.. ڏسندي ڏسندي 116 تي ويسٽ انڊيز جا 7 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا ... مقابلو پاڪستان جي هٿ ۾ اچي چڪو هو.. پر ويسٽ انڊيز اڃان هار نه مڃي هئي ۽ ڌڪي ڌوڻي اسڪور کي وڌائيندي رهي.. پر جڏهن سندس 9 وڪيٽ ڪري ته ان کان پوءِ به 16 اوورن ۾ کين 64 رنسون گهربل هيون...
هاڻي پاڪستان کي ضرورت هئي بس رڳو هڪ بهترين بال جي... پر آخر تائين ڪپتان ماجد منتظر ئي رهيو ته ڪو پاڪستاني بالر اهو ڀلو بال اڇلائي.. ويسٽ انڊيز جي آخري جوڙي ڊيرڪ مري ۽ اينڊي رابرٽس کي ميدان مان ڪڍڻ لاءِ ماجد خان هر بالر کي آزمايو.. ايسيتائين جو غير روايتي وسيم راجا کان به اوور ڪرايو پر وڪيٽ نه ڪرڻي سان نه ڪري ....


3pCnNY.jpg


آخر معاملو وڃي آخري اوور تي پهتو.. جنهن ۾ ويسٽ انڊيز کي مقابلو کٽڻ لاءِ 5 رنسون گهربل هيون..
۽ گهربل اسڪور آخري اوور جي چوٿين بال تي پورو ڪري ويسٽ انڊيز ملهه ماري وڌي...
جنهن کان پوءِ ويسٽ انڊيز سيمي فائينل ۾ نيوزلينڊ کي کڙڪائيندي فائنل ۾ پهتي جتي آسٽريليا کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي پهريون ورلڊ ڪپ کٽي ورتو...
پاڪستان لاءِ ان ميچ ۾ شڪست ايتري ته مايوس ڪن رهي جو وري ڪافي عرصي تائين پاڪستان ويسٽ انڊيز کي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست نه ڏئي سگهيو..

 
هي ته تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان ڄاوا به نه هُئاسين. پر وڊيو هڪ ٻي مئچ جي به ياد ڏياري ڇڏي جڏهن 2010 ۾ مئي جي 14 تاريخ تي هڪ ٽي 20 سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي مائڪل هسي ڪُجهه اهڙو ئي رت ڪيو هو. هڪ کٽيل مئچ هارائجي وئي هُئي.
ٽائم ۽ دلچسپي هُجي ته جهلڪيون ڏسو.

 
Back
Top