1.3 ملين ڊالر جو دنيا جو سڀ کان مهانگو موبائل فون سوئٽزرلينڊ جي هڪ مواصلاتي ڪمپني خالص سون سان تيار ٿيل Le Million نالي دنيا جو سڀ کان مهانگو ۽ بهترين موبائل فون ايجاد ڪيو آهي جنهن ۾ هيرا پڻ لڳل آهن. 1.3 ملين آمريڪي ڊالر واري موبائل فوج جا اڃان تائين صرف 3 سيٽ ٺاهيا ويا آهن ۽ وڌيڪ سيٽ نه ٺاهڻ جي ضمانت ڏيڻ کانپوءِ ان کي گينز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ دنيا جو سڀ کان نرالو موبائل فون هجڻ جو درجو ڏنو ويو آهي. Emmanuel Gueit جي ڊيزائن واري موبائل فون سيٽ کي ٺاهڻ ۾ 18 قيراط وائٽ گولڊ استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته 20 قيراط جا هيرا پڻ هنيا ويا آهن. ان موبائل فون ۾ هڪ عام فون وانگر بليو ٽوٿ، 2 GB ميموري، ايف ايم ريڊيو، ڊيجيٽل ڪئمرا ۽ MP3 پليئر پڻ آهن. ان موبائل فون کي خاص آرڊر تي تيار ڪيو ويندو