عمران جي ڌرڻن ۾ جهادي حملو ڇو نه ٿيو؟؟؟؟؟؟؟؟ _________________________________________ ها اچو ته سوچون ته عمران خان پوري ملڪ جي معيشت تباهه ڪندڙ ،ڌرڻا هڻندي ملڪ کي ايڏو وڏو هانڃو رسائيندڙ سر عام پوري ملڪ ۾ ڌرڻا هڻندو رهيو کلي عام ڪڏهن اسلام آباد پئي بند ٿيو ته ڪڏهن فيصل آباد ته ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن لاهور پر مجال آ جو ڪو جهادي هن جي هجوم ۾ حملو ڪري ....واه سائين واه ......هي ان ڪري جو سي آئي اي ۽ را هن سان گڏ هئا ۽ اسان جون ايجنسيون به هن سان سي آئي اي جي ماتحت سرتسليم خم هيون پو ڪيئن هن تي حملو ٿيندو ....اهو آهي اڄ جو سچ ...سو سنڌين کي جهادي ۽ هنن ايجنسين جي ڪردار سمجهي پوءِ ڪجهه مذهبي فرقيواريت تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي پوندي .....هي آ هتان جي رياست جو احمڪانه ڪردار ۽ اسان جي ماڻهن کي اڇين ۾ ڌوڙ وجهڻ جو بهانو .....اميد ته ڳالهه سمجه ۾ اچي وئي هوندي .....خير انديش ....سنڌي قوم
صحيح ٿا چئو ادا سڄي دنيا ته آمريڪا قابض رهڻ چاهي ٿو.. ڇو ته هو طاقتور رياست آهي چاهي اسلامي ريپبليڪش جي ڪلهن تي بندوق رکي سڀني مذهبن ۾ فساد ڪرائي چاهي عمران خان جهڙن ۽ زرداري جهڙن کان ونگار وهائي.. هتان جي رياست مڪمل وڪاميل آهي جنهن جي ڪردار بلڪل واضع آهي
دهشتگرد حملا صرف، انهن جڳهن تي ڪندا جتي ماڻهو امن و سڪون ڳولين ٿا، جتي علم اهليت جي پرچار ٿيندي هجي ۽ يقينن اهي جايون ته مسجدون، امام باگاهون ۽ اسڪول آهن. ڇو ته انهن تي حملا ڪرڻ سان اهي ماڻهو مارجي ويندا آهن جيڪي عام شهري ۽ امن پسند هوندا آهن. انهن دهشتگردن جي حمايت ۽ مدد ته اهي سياسي پارٽيون ۽ ايجنسيون ڪري رهيون آهي جيڪي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ خاطر افرا تفري چاهين ٿيون. ڀلا ٻڌايو ته ڌرڻن ۽ سياسي جلسن تي حملا ڪري دهشتگردن کي پنهنجي امداد بند ڪرائڻي آهي ڇا؟
خبر نٿي پوي ته اصل حقيقت ڇا آهي ، هر جا تي طالبان جا حملا ٿين ٿا سوا عمران خان جي ، (لڳي ٿو ته طالبان عمران سان ويجها ئي آهن ) جيڪڏهن ٻيا حملا طالبان جا ايجنسين جي چوڻ تي ٿين ٿا ته عمران انهن ٻنهي شين جو نالو آهي