• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي عشق آتش جو اوهان اسرار ٿي آيا

اسان جي عشق آتش جو اوهان اسرار ٿي آيا
_________________________________

اسان جي عشق آتش جو اوهان اسرار ٿي آيا
اسان جي ميم محبت جو اوهان اقرار ٿي آيا

ائين جنبش جلي جيءُ ٿو اوهان جون ياد گيريون هن
اوهان جي قرب قيدي هون جيءَ جنسار ٿي آيا

سنڀاري سڀ رکيو آهي اوهان جو ساٿ هي سائين
اوهان جي آس اوسيئڙو پرين سڀ پيار ٿي آيا

محبت ماندڪائي آ سڪ ساريان پيو گهاريان
سڄڻ جي سونهن صحبت لئه اکيون ديدار ٿي آيا

اها مورت من ۾ آ اسان جي هوش هجر جي هنڌ
جدا سائين سمجهان ڪيئن سڪ سردار ٿي آيا

خوشبو هو هوائن ۾ فضا پر ٿي پيارل سان
ائين روح ۾ رم جهم ٿي سدان حٻڪار ٿي آيا

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top