تعارف: ڊاڪٽر محمد علي قاضي صاحب، ماتلي شهر، ضلع حيدرآباد ۾ مارچ 1915ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ سندس والد قاضي محمد قاسم 30 يا 35 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. سندن وفات وقت ڊاڪٽر صاحب جن جي عمر پوڻا پنج سال هئي. پيءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ پنهنجي چاچي محمد قائم جي زيرڪفالت رهيو. تعليم: ڊاڪٽر صاحب جي تعليم لوڪل بورڊ پرائمري اسڪول ماتلي ۾ استاد سيد صالح شاهه کان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان 1934ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب کي ٽنڊو محمد خان ۾ ڪئنال اسسٽنٽ جي آفيس ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي، پر اها نوڪري سندس طبيعت کي راس نه آئي، ان ڪري اها ڇڏي، هن 1940ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پنجويهه روپيه ماهوار پگهار تي پڙهائڻ جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1944ع يا 1945ع ۾ پاڻ ڪراچيءَ مان STC سيڪنڊري ٽيچر سرٽيفيڪيٽ امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو ۽ نوڪري ڇڏي وڃي عليڳڙهه يونيورسٽي هندستان مان انٽر جو امتحان پاس ڪري سال 1947ع ۾ واپس وريو. ساڳي سال 1947ع ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻيهر نور محمد هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو۽ سال 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ اميدوار طور بي_اي جو امتحان پاس ڪيائين، انهن ڏينهن ۾ صرف اسڪول استادن کي پرائيويٽ امتحان ڏيڻ جي اجازت هوندي هئي.سال 1952ع ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي جي شعبي اسلامڪ ڪلچر ۾ داخلا ورتي. ان وقت ايم _اي جا ڪلاس شام جي وقت اولڊ ڪيمپس ۾ ٿيندا هئا. اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب ڏينهن جو نوڪري ڪندو هو ۽ شام جو پڙهندو هو. ڊاڪٽر صاحب 1953ع ۾ اسڪول مان ماستري جي نوڪري تان استعيفى ڏني. 1954ع ۾ ايم اي اسلامڪ ڪلچر جو امتحان پاس ڪيائين. لائبريرين شپ: 21 اپريل 1954ع تي سنڌ يونيورسٽي سينٽرل لائبريري ۾ اسسٽنٽ لائبريرين طور مقرر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ مرحوم جناب سجاد حسين لائبريرين هوندو هو. ان جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب 30 مئي 1955ع تي لائبريرين مقرر ٿيو. مرحوم ڊاڪٽر صاحب 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان انگلينڊ جي ليڊس (Leeds) يونيورسٽي مان “Training by Apprenticeship” جو ڇهن مهينن جو ڪورس مڪمل ڪري واپس موٽڻ بعد سنڌ ۾ “لائبريرين شپ” جي فروغ ۽ سنڌ يونيورسٽي لائبريري کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي ڪوششون ڪيون. سندس ذاتي ڪوششن جي ڪري سنڌ يونيورسٽي انتظاميه سال 1962_1961ع ۾ لائبريرين شپ جي تعليم ڏيڻ جي اجازت ڏني. ان کانپوءِ مختلف سالن ۾ مختلف ڪورس پڙهايا ويا، اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي انتظاميه سال 72_1971ع ۾ باقائدي لائبريري سائنس شعبي قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني. ۽ ڊاڪٽر صاحب ئي هن شعبي جو نگران اعلى مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻيو اهم قدم کنيو. “لائبريري سائنس” ايم _ اي جي سطح تائين تعليم ڏيڻ جو. هن مقصد ۾ به قاضي صاحب ڪامياب ٿيو ۽ 25 مارچ 1974ع تي باقائدي لائبريري سائنس ۾ ماسٽر ڪورس پڙهائڻ جو آغاز ڪيو ويو. لائبريري سائنس جي اهميت ۽ افاديت کي تسليم ڪندي ثانوي ۽ اعلى ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد 1976ع کان وٺي سنڌ جي آرٽس ڪاليجن ۾ انٽرميڊئٽ سطح تائين اختياري مضمون طور پڙهائڻ جي اجازت پڻ ڏني وئي. اها ڊاڪٽر صاحب جي ذات آهي جو اڄ سنڌ ۾ لائبريرين شپ کي قدر و منزلت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي. انکانسواءِ ڪاليج ۾ لائبريرين حضرات کي ڪاليجن جي استادن جي برابر معيار (Status) ڏياري قاضي صاحب وڏو جس کٽيو آهي. تنهن کانسواءِ اهو به ڊاڪٽر صاحب جي محنت ۽ ڪاوش جو نتيجو آهي جو اڄ شعبو لائبريري سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جا ٻه استاد، هڪ ميڊم رفيعه احمد شيخ ۽ ٻيو جناب الهه رکيو ٻٽ برطانيه مان (Ph.D.) جي ڊگري حاصل ڪري آيا. ان ڪري مرحوم ڊاڪٽر صاحب جون لائبريري سائنس لاءِ ڪيل قابل قدر خدمتون اسان سنڌ وارا ڪڏهن به وساري نٿا سگھون. سال 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اختيارين وارن ڊاڪٽر صاحب کي سينٽرل لائبريري جي اهم ذميواري کان آجو ڪري سندس خدمتون شعبو لائبريري سائنس جي حوالي ڪيون. پاڻ هن شعبي جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. پاڻ هن عهدي تان پهرين ڊسمبر 1980ع تي رٽائر ٿيا ۽ آخر ڊاڪٽر صاحب 28 جنوري 1987ع اربع جي ڏينهن صبح جو 09 بجي دل جي تڪليف جي ڪري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا. انا لله وانا اليه راجعون.......... لکيل ڪتاب، مضمون، ڪانفرنسون ۽ سيمينار وغيره: · ڊاڪٽر صاحب چار ڪتاب لکيا آهن. پوليٽيڪل سائنس (جيڪو انگريزي زبان ۾)، مقدمه ابن خلدون. ان کانسواءِ ٻه ٻيا درسي ڪتاب ثانوي ۽ اعلى ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد طرفان لکرايا ويا هئا. اهي ٻئي ڪتاب اسلامڪ اسٽڊيز جي مضمون تي لکيل آهن. · ڊاڪٽر صاحب جو هڪ تحقيقي مضمون “ڪتب خاني جي اهميت” ٽماهي مهراڻ رسالي جي نمبر 1 ۽ 2 سال1973ع ۾ ڇپيو آهي. تنهن کانسواءِ پاڻ ريڊيو پاڪستان سان به هڪ ڊگهو عرصو منسلڪ رهيا ۽ اسلام جي مختلف عنوانن تي سندن ڪيل تقريرون نشر ٿينديون رهيون. · ڊاڪٽر صاحب 1960ع ۾ يونيسڪو طرفان لاهور ۾“Book Distribution & Market Research in West Pakistan” جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان نمائندگي ڪئي. · ڊاڪٽر صاحب 10 اپريل 1964ع تي اسلامڪ ڪلچر ۾ (Ph.D.) ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي. سندس (Ph.D.جو موضوع هو.“Cultural Aspects of Life of Muslims in Kalhora & Talpur Period” · ٽن سالن کانپوءِ يعني 16 اپريل 1967ع تي پنهنجي (Ph.D.) ٿيسز پيش ڪئي جيڪا ڪامياب قرار ڏني وئي. · ڊاڪٽر صاحب کي 11 ڊسمبر 1967ع تي سنڌالاجي طرفان جميل احمد جي انگريزي ڪتاب “Heritage of Islam” جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ لکت ۾ چيو ويو. ان کانپوءِ وري ٻيهر سنڌالاجي طرفان کيس 12 نومبر 1968ع تي لکت ۾ ڪتاب “Cultural History of Sindh” جي چوڏهين باب جي استدعا ڪئي وئي. 1969ع تي سنڌالاجي جو صلاحڪار بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سنڌالاجي جي ليٽر نمبر 15 تاريخ 03 اپريل 1981ع تي کيس پنهنجي سوانح عمري لکي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. · سال 1971ع ۾ سنڌ لائبريري ايسوسي ايشن جو قيام عمل ۾ آيوته پاڻ ان جو سرپرست اعلى مقرر ٿيو. · نومبر 1972ع ۾ اقوام متحده طرفان انفارميشن سينٽر آف پاڪستان اسلام آباد ۾ سيمينار منعقد ٿيو جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب “Some Problems in Maintenance of United Nations Depository Collections of Their Possible Solutions” جي عنوان سان پنهنجو مقالو پڙهيو. · 1973ع ۾ “Ministry of Education & Provincial Coordination” (Education Division Wing II) حڪومت پاڪستان طرفان نيشنل بڪ فائونڊيشن جي بورڊ آف گونرس تي سنڌ طرفان ميمبر مقرر ٿيو. · 05 فيبروري 1979ع تي سنڌ ڪائونسل آف اسڪول ۽ ڪاليج لائبريرين طرفان بي _ اي جي لائبريري سليبس ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ٿيو. · 18 نومبر 1979ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پاران انٽرويو وٺڻ لاءِ ماهر مضمون طور مقرر ٿيو. · پاڻ پاڪستان لائبريري ايسوسي ايشن جو مستقل ميمبر ٿي رهيو ۽ پاڪستان لائبريري ايسوسي ايشن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هر ٽئين سال ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان نمائندگي ڪندو رهيو ۽ انهن ڪانفرنسن ۾ پنهنجا مقالا پڙهندو رهندو هو. اهڙي طرح ڍاڪا ۾ منقعد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ 27 کان 30 نومبر 1982ع تائين پاڪستان اڪيڊمي فار رورل ڊولپمنٽ پشاور ۾ پاڪستان لائبريري ايسوسي ايشن طرفان سڏايل ٻارهين اجلاس ۾ سندس لائبريري سائنس ۾ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي ڊاڪٽر صاحب کي سونو تمغو انعام ۾ ڏنو ويوهو. ۽ ان اجلاس جي هڪڙي سيشن جي ڪاروائي جو چيئرمين پڻ مقرر ٿيو. ان کانسواءِ پاڻ پاڪستان لائبريري ايسوسي ايشن جي سنڌ برانچ ڪائونسل جو پريزيڊنٽ پڻ رهي چڪو آهي. · سال 1981ع مهراڻ لائبريري ايسوسي ايشن جو قيام عمل ۾ آيو ته پاڻ ان جي هر ڪاروائي ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ اهڙي طرح ايسوسي ايشن کي سندس هر قسم جو تعاون حاصل رهيو. لائبريري سائنس لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي عيوض 23 اپريل 1981ع تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هڪ سادي پر وقار تقريب ۾ کيس مهراڻ لائبريري ايسوسي ايشن پاران سند پيش ڪئي وئي. · ڊاڪٽر صاحب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو جي قلمي نسخن جي خريد ڪرڻ واري ڪاميٽي جو 1982 کان وٺي عمر جي آخري وقت تائين صلاحڪار پڻ رهيو. ان کانسواءِ پاڻ 1975 کان 1983 تائين شمس العلماء دائود پوٽا سنڌ گورنمينٽ لائبريري حيدرآباد جي ڪتاب خريد ڪرڻ واري ڪميٽي جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. حوالو: ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ انٽرويو ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ صاحب انٽرويو محمد اسحاق لغاري صاحب ڪمپوزنگ ۽ ترتيب: گل حسن لاکو