اسان جي سڪ ۾ سهڻا

اسان جي سڪ ۾ سهڻ
______________________________

اسان جي سڪ ۾ سهڻا اچي جي ٿا وڃو سرڪار
ڀلايون ڀال ڀايان مان ٿئي ماحول ۾ حٻڪار

سدائين تنهنجو اونو آ اندر ۾ سڪ تو لئه آ
ساعت سڀ ۾ تون سهڻا توسان پيار ٿي ويو پيار

تنهنجي چاه چاهت ۾ رڳو راحت وٺڻ جي آس
اسان هون نينهن نوڙت ۾ هٺيلو هٺ ڪيو سين گار

توهان اعلي ا آهيو ادراڪ توهان جي پياس ۾ پيڪر
رهي ٿو روح هي هردم اوهان جي آس ۾ اوتار

اسان لئه تون ئي هڪڙ کوڙ باقي سڀ بدي آهي
سڄي لولاڪ جا لالڻ تنهنجي جيءَ کي آ سار

اوهان جي عشق موهيو آ اوهان جي سڪ سيني ۾
ڪري بي چين اهڙو ٿي باقي ٻيو مون لئه آهي بيڪار



__________________________________
رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top