انساني ارتقا جو سفر : ماجد جاگيراڻي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ماجد جاگيراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2015۔

  1. ماجد جاگيراڻي

    ماجد جاگيراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    انساني ارتقا جو سفر-I

    ماجد جاگيراڻي

    انسان زمانن کان وٺي هن ڌرتي جي گولي تي آباد آهي، گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ انسان ۾ شعوري صلاحيتون به ڏينهون ڏينهن وڌنديون رهيون آهن، گذريل زمانن ۾ انسان تمام سادي نموني سان زندگي گذاريندو هو ۽ محدود علائقن ۽ خطن ۾ انسان پنهنجي ڪرت ۾ لڳل رهيو. جيئن جيئن انسان ذات جي آبادي وڌندي وئي، تيئن تيئن انسان ڌرتي جي وسيع پکيڙ والاريندو ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ملين سالن جا ارتقائي مرحلا طئي ڪري نيٺ انسان اهڙو طاقتور ٿي ويو، جو پوري ايڪو سسٽم ۾ موجود سڀ حياتيات کان پاڻ کي مٿڀرو ثابت ڪري ان سڀني شين تي پنهنجي حاڪميت ۽ دٻدٻو قائم ڪيو. جيئن جيئن انسان جي آدمشماري وڌندي وئي ته انسان زمين جي سڄي ايراضي تي قابض ٿيندو ويو. ڪروڙين سالن جا ارتقائي مرحلا عبور ڪري انسان وقت جي بي رحم وهڪرن ۾ لڙهندي مختلف منزلون ۽ مرحلا طئي ڪرڻ کانپو هن ڌرتي جي گولي تي عظيم تهذيبن جا بڻ بڻياد رکي ڪري اڳتي وڌندو رهيو ۽ انهن ئي وقت جي بي رحم وهڪرن ۾ انهن عظيم سڀيتائن ۽ تهذيبن جا عروج به ٿيا ته زوال به ٿيا، ائين انسان فطرت سان وڙهندو پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جا جتن ڪري نيٺ وڃي ان ڪروڙين سالن جي جدوجهد کي حقيقي رنگ ۽ روپ ڏياريو، جو انسان فطرت جي هر تخليق کان طاقتور، چالاڪ، ذهين بڻجي ويو، هاڻ انسان اهو سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهيو، جو ان کان پهرين ان جي تصور ۾ به نه هو.

    جيئن ته انسان جو طئي ٿيل سفر تمام گهڻو طويل ۽ ڪروڙين سالن جي مسافري تي مشتمل آهي، ان سفر دوران انسان جي ذهني اوسر تمام گهڻي ترقي ڪئي، جيئن جيئن انساني قبيلا، قومون ۽ سماج وڌندا ويا، انهن جا پاڻ ۾ هڪٻئي سان تضاد، جهيڙا جهٽا، جنگيون ۽ لڙايون به وڌنديون ويون. مختلف خطن جي انساني گروهن ۽ قومن جون ريتون رسمون ۽ قاعدا قانون هميشه مختلف رهيا آهن، پهرين انسان خاندانن ۾ تقسيم ٿيڻ لڳو ۽ اڳتي هلي وري قبيلن ۽ پو قومن جي صورت اختيار ڪري ٻين قبيلن ۽ قومن کان پاڻ کي مٿڀرو ۽ طاقتور بڻائڻ جي لا انهن جي جانين ۽ ملڪيتن تي حملا ڪري اڳتي وڌندو ويو. جيئن ته ان سموري سفر ۾ انسان گهڻو ڪجهه وڃايو ۽ حاصل به ڪيو، ان دوران مختلف قسمن جون ريتون، رسمون، قاعدا، قانون ۽ مذهب جڙندا رهيا ۽ انسان مختلف سماجن، قبيلن، قومن ۽ مذهبن ۾ تقسيم ٿيندو رهيو ۽ وري انهن سڀني قبيلن ۽ قومن جا پنهنجا پنهنجا ضابطه اخلاق جڙندا رهيا، انهن جا عقيدا ۽ مذهب انهن جي ذهنن تي حاوي ٿيندا ويا ۽ اڄوڪو انسان انهن جي ئي ارتقا ۽ جاکوڙ جو نتيجو ۽ مظهر آهي.

    اڄوڪي جديد دنيا جي انسان جي شعور جي پاتال ۾ انهن ئي صدين جي ڪيل Practices جي حڪمراني آهي، اسان جي سماج ۾ صدين کان مروج ڪيتريون ئي ريتون، رسمون ۽ قاعدا، قانون اسان جي زندگين جو حصو بڻجي چڪا آهن، اهي ئي هر قبيلي ۽ قوم جون ريتون رسمون انهن کي دنيا جي ٻين قومن ۽ قبيلن کان ڌار ۽ منفرد حيثيت ڏيارين ٿيون. هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي سماجي اصولن ۽ ضابطن آهر پنهنجي عام رواجي زندگي گذاريندي آهي، پو چاهي ان سماج ۾ جهڙي قسم جون به رسمون گهر ڪري ويون هجن، انهن فردن کي انهن جي آبياري ۽ پوئواري ڪرڻي پئي ٿي. جيئن ته انسان بنيادي طور تي هڪ سماجي جانور آهي، تنهن ڪري ان ۾ فطري جبلتون به ٿين ٿيون ته وري پنهنجي انا به. تنهن ڪري صدين کان مروج انهن جي سماجن ۾ هر رسم کي، چاهي اها سماجي هجي يا مذهبي، پورو ڪرڻ انهن جي عقيدي ۾ شامل هوندو آهي. تنهن ڪري صدين جي سفر دوران انسان عجيب و غريب وهمن، وسوسن ۽ عقل کان وانجهيل رسمن ۾ پنهنجو پاڻ ڦاسائي ويٺو آهي. وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ انسان ذات جي آبادي به وڌندي ۽ ترقي ڪندي اڄ پوري دنيا ۾ پکڙي چڪي آهي، هر سماج ۾ پنهنجي پنهنجي ثقافت (Culture) پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ڇڏيون آهن. هر قوم جي پنهنجي الڳ ثقافت ٿئي ٿي، جيڪا ان کي دنيا جي ٻين قومن، قبيلن، نسلن ۽ سماجن کان جدا ڪري بيهاري ٿي، وقت سان گڏوگڏ ثقافت (Culture) ۾ تبديليون به ٿينديون رهن ٿيون ۽ سماج مختلف قسمن جي رسمن جا پوئلڳ ۽ عادي ٿي وڃن ٿا. جيئن ته انسان جي ارتقا کان وٺي موجوده جديد دور تائين جو سفر ڪئين ملين سالن تي مشتمل آهي، ان طويل عرصي دوران جيڪا انساني دماغ ترقي ڪئي، ان جو مثال هي جديد ۽ پرآسائش دنيا اسان جي اڳيان آهي. جيئن ته ماضي بعيد ۾ انسان فطرت جي خلقيل هر شي سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي وجود جي بقا رکندو آيو آهي، هڪ ثقافت مان ٻي ثقافت تائين ۽ هڪ تهذيب کان ٻي تهذيب تائين جو سفر انسان جي سوچ کي متضاد بڻائيندو رهيو آهي، ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انسان ذات جو هر گروهه ۽ قوم پنهنجو پاڻ کي ٻين قومن کان اتم ۽ اعليٰ سمجهندي آئي آهي ۽ انسان کي پنهنجي ثقافت (Culture) ٻين خطن جي ماڻهن کان وڌيڪ عظيم محسوس ٿيندي آهي، جنهن کي Ethnocentrism چئبو آهي. اهڙن مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي ته ڪنهن هڪ گروهه پاڻ کي ٻين کان اعليٰ سمجهي ٻين خطن جي ماڻهن تي حملا ڪري، انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪري، انهن جو رت پاڻي وانگر وهايو، ماضي بعيد ۾ ان جا ڪيترائي مثال موجود آهي. برصغير ۾ آرين جي ڪاهه ۽ ان کانپو وري 712ع ۾ برصغير تي ٿيل تاريخي ڪاهه، جنهن ۾ معصوم انسانن جو رت پاڻي وانگر وهايو ويو، معصوم عورتون جون عزتون پائمال ڪيون ويون ۽ انهن کي غلام بڻائي پنهنجن آقائن ڏانهن تحفا ڪري موڪليو ويو، جن وري مزاحمت ڪئي ته انهن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي انهن جا وجود ميساريا ويا، انهن جي ملڪيتن کي مالِ غنيمت سمجهي پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري تقسيم ڪيو ويو، انهن جي ثقافتن ۽ تهذيبن کي نيست ۽ نابود ڪيو ويو. ان کان علاوه ماضي قريب ۾ آمريڪا جهڙي اڄوڪي سپر پاور ملڪ ۾ ڪاري ۽ اڇي (Black & white) جو فرق جنهن جو اڄ ڏينهن تائين اثر باقي آهي، اهي Ethnocentrism جا روشن مثال آهن. پر اها حقيقت آهي ته انسان جي هٿ ٺوڪي ڪيل درجابندي فطري اصولن جي خلاف آهي ۽ ان ئي قسم جي سوچ جي ڪري پوري انسان ذات جي تاريخ رت ۾ ٻڏل آهي ۽ اڄ به انسان ٻئي کي هيڻو ۽ پاڻ کي اتم Superior سمجهڻ واري سوچ جي ڪري ئي انتشار جو شڪار آهي. هي جيڪا پوري دنيا جي سماجن ۾ انارڪي ڦهليل آهي، اها به ٻئي کي هيڻو ۽ پاڻ کي طاقتور بنائڻ واري سوچ جي ڪري ئي آهي. هن وقت انسان ذات جي آبادي کربن جي ڪاٿي کان به ٽپي وئي آهي، مختلف ملڪن ۽ خطن ۾ الڳ الڳ قسم جا مذهب، ريتون رسمون ۽ رواج رائج آهن. (هلندڙ)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تمام سٺي ڪوشش آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان تمام سٺو مضمون لکيو آهي ..... وڻيو

    ٻي قسط جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو