هونئن ته اسان اڄ ڪلهه ڊسپوزل پاڻي جون بوتلون هر هنڌ استعمال ۾ آڻيون ٿا ان کان علاوه مختلف سوفٽ ڊرنڪس جون بوتلون به گهر ۾ آڻيون ٿا پر اڪثر ڪري اهي پاڻي يا ڊرنڪ استعمال کانپوءِ خالي بوتلون ۽ انهن جا ڍڪ ڪچري ۾ اڇلي ڇڏيندا آهيون يا ٿورو گهڻو گهر جي فرج ۾ پاڻي لاءِ استعمال آڻيندا آهيون پر هيٺ ڪجهه تصويرون ونڊ ڪري رهيو آهيان ان ۾ مختلف طريقن سان انهن خالي پلاسٽڪ جي بوتلن ۽ انهن جي ڍڪڻن کي خوبصورت انداز ۾ سجاوٽ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي .اوهان به ڏسو ۽ پنهنجي گهر جي سونهن ۾ اضافي لاءِ ڪوشش ڪري ڪو به هڪ طريقو ڪتب آڻيو.
تمام زبردست آهي، هن قسم جي هنر سان مختلف ڊزائينو۽ شو پيس ٺاهي انهن کي وڪرو ڪري روزگار ڪمائي سگهجي ٿو.