FROM POVERTY TO POWER سلام سرڪار.(علامتي ڪهاڻي) قصو مختصر ته همراه گڏه ساڻ ڪري وڪري لاء سڄي بازار گھمندو رهيو ..گڏه وڪرو ٿي نه سگهيو .ڪٿي گراهڪ کي پسند نه آيو ڪٿي اگھ گھٽ پئي مليو.اها ماجرا هڪ دلال پئي ڏٺي سو اچي گڏه واري کي پاسو ڏنائين ...”يار سو روپيا ڏين ته گڏه سٺي اگھ ۾ وڪرو ڪرائي ڏيائينء “ شام پئي ٿي گڏه جي مالڪ کي اميد نظر آئي کڻي ها ڪيائين ... هاڻي دلال پنهنجو زباني فن ڏيکارڻ لڳو. ”گڏه آعلي خراساني نسل جو آهي ...شيخ سعدي کان وٺي شيخ چلي تائين سڀني هن نسل جي گڏه جي سواري ڪئي آهي.هن گڏه جا وڏڙا شاه ايران جي واڙي ۾ هوندا هئا . وغيره وغيره “ ...آواز ۽ خوبيون ٻڌي ماڻهو آچي گڏٿيا.... ماڻهن جي ميڙ کي ڏسي مالڪ جي دل ۾ وسوسا اچي اٿيا ۽ بي ايماني چڙهي سو دلال کي ڪن ۾ چوڻ لڳو ” يار واقعي منهنجو گڏه ايترين خوبين جو مالڪ آهي ڇا؟ “.............. دلال ڏند ڪرٽيندي ڪن ۾ جواب ڏنس ”ماٺ ڪري ويھ بي وقوف هي تو وارو سو روپيه ٿو ڳالهائي باقي هي ساڳيوئي گڏه آهي سودو نه ڦٽاء“ سو سائين انهي گھڻو ۽ وڌي ڳالهائيندڙن کي ڏسو ته پڪ سمجھيو کين سو روپيه مليل آهن ...گڏه مڙوئي گڏه آهي پوء سنڌي هجي يا خراساني. !!!!!!!!!!!!!!!!!!!
اڄڪلهه ساڳيو ئي جهان هلي رهيو آهي شي ڪيڏي به خراب هجي اُن جي تعريف ڪري وڪڻڻ سان منافو گهڻو ملندو آهي