غزل وري ڀاڪرن ۾ ڀري ئي نه ٿي وري قرب اهڙو ڪري ئي نه ٿي چيو مانس مونکي قسم آهي تنهنجو سوا تنهنجي منهنجي سري ئي نه ٿي خدايا تري ٿيون وڃن ٻين جو ٻيڙيون مگر منهنجي ٻيڙي تري ئي نه ٿي مري ٿيون وڃن ڪيتريون زندگيون پر جدائي اصل ۾ مري ئي نه ٿي مونکان وئي آ اهڙو رسي زندگي جو ڪيان ٿو مان واڪا وري ئي نه ٿي وڏو خال هن جي بنا زندگي ۾ اهو خال ٻئي ڪا ڀري ئي نه ٿي جاويد نواز