اوٻاوڙي ڀرسان سولنگي-ڪوش تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، پيرسن نوجوان پٽ ۽ معصوم پوٽي سم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اوٻاوڙو (رپورٽ: گل محمد پنهور) اوٻاوڙي جي ڪوش-سولنگي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي، سولنگي برادري جي هٿياربندن موٽرسائيڪل تي ڳوٺ ويندڙ پيرسن کي گاڏي تان لاهي نوجوان پٽ ۽ معصوم پوٽي سميت گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب اوٻاوڙي ويجهو جيوڻ شاهه روڊ وٽ تاڙ ۾ لڪي ويٺل سولنگي برادري جي 12 هٿياربندن موٽرسائيڪل تي ڳوٺ ڪريم بخش ڪوش ويندڙ بهاول ڪوش، سندس پٽ سهڻو ڪوش ۽ پوٽي عبدالجبار ڪوش کي هٿيارن جي زور تي گاڏي تان لاهي سڌيون گوليون هنيون، 70 ورهين جو پيرسن بهاول ڪوش ۽ سندس 30 ورهين جو نوجوان پٽ سهڻو ڪوش تڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته 8 ورهين جو معصوم عبدالجبار ڪوش سخت زخمي ٿي پيو، وحشي ڪارروائي ڪرڻ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن بعد ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي زخمي نينگر کي تعلقي اسپتال آندو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس اٽالن جي صورت ۾ واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا، جيڪي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، اسپتال پهتل مقتولن جون وارث عورتون دانهون ڪندي هٿياربندن کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون، هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا، هوڏانهن ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي سولنگي برادري جي سردار اڪرم سولنگي ٻڌايو ته ڪوش برادري جي هٿياربندن 2 سال اڳ منهنجي ڀاءُ سردار اسلم سولنگي کي بيدردي سان قتل ڪيو هو، هن چيو ته جيستائين ڀاءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڪوبه فيصلو نه ڪنداسين، مقتولن جي ڌر موجب سولنگي برادري جي هٿياربندن اڳ ۾ به مقتول بهاول جي پٽ اربيلو ڪوش کي قتل ڪيو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر ظلم ڪندي ٽن ڀاتين کي قتل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڪوش برادري جي چڱي مڙس عالمگير ۽ ڪريم ڪوش ٻڌايو ته تڪرار دوران ٻن سالن ۾ ٻنهي ڌرين جا 65 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن پر هن مهل تائين ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪوبه قدم نه کنيو آهي، هنن چيوته تڪرار سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، اسين وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي اپيل ٿا ڪريون ته ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائي خونريزي ٿيڻ کان بچايو وڃي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، اوٻاوڙو پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
    http://www.thekawish.com/
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوٻاوڙي ڀرسان سولنگي-ڪوش تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، پيرسن نوجوان پٽ ۽ معصوم پ

    رب العالمين اسان سنڌين کي عقل عطا ڪري ۽ سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    باقي ادا پوليس جو ڪم آهي خدمت آپ ڪي ۔۔۔ انڪري انهن جي خدمت آهي قوم جي کيسن مان پئسا ڪڍڻ ۔۔۔ جهيڙا ۽ بد امني نه هوندي ته پوليس جي ٻيگهي ڪيئن مچندي ۔۔۔ الامان
    اڳ هئي؛
    سنڌ امن جي ڌرتي ۔۔۔ صوفين جي ڌرتي ۔۔۔
    هاڻ آهي؛
    سنڌ ظلم جي ڌرتي ۔۔۔ ڌاڙيلن جي ڌرتي ۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اوٻاوڙي ڀرسان سولنگي-ڪوش تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، پيرسن نوجوان پٽ ۽ معصوم پ

    الله تعالي سنڌ جون خوشيون ۽ امن سنڌ کي نصيب ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو