ڪتاب اسان جا دوست آهن:

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ابو رافع

    [​IMG]اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ اسان جي بزرگن ۽ محسنن جي اسان کي ڏنل اهڙي امانت آهي، جنهن جو تحفظ اسان سڀني جو فرض آهي ۽ وقت بوقت اسان جي اديبن عالمن ۽ اڪابرن اُن جي بچاءَ ۽ واڌ ويجهه لاءِ سدائين پئي ڪوششون ڪيون آهن. ان باوجود اسان جو هيءُ ادارو ڏکين سکين حالتن مان گذري اڄ باوقار نموني ڪم ڪري رهيو آهي اسان جون نيڪ خواهشون هن اداري سان سدائين گڏ رهيون آهن ۽ هاڻ به ان سان گڏ رهنديون ته جيئن هو سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو ڪم ڪندو رهي ۽ سندس آبرو اهڙي ئي رهي جهڙي اسا جي بزرگن جي ذهن ۾ هئي.

    تازو بورڊ پاران ڪي نوان ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندا ويا آهن. جن کي ڏسي حيرت به لڳي ٿي ۽ اسان جي ڪن اڪابرن جي دعوائن تي پاڻي به ڦري وڃي ٿو. خاص طور ت تڏهن جڏهن اهي ڪتاب نظر مان گذرن ٿا. جيڪي ويهه ٽيهه سال اڳ بورڊ آف گورننس ڇپائيءَ جي لاءِ منظور ڪيا هئا. پر اڄ تائين انهن کي سج جي روشنيءَ نصيب نه ٿي. توڙي جو اهي ڪتاب سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ تحقيق سان واسطو رکندڙ هئا. پوءِ به بورڊ ۾ آيل اديبن حضرات انهن کي اهميت ڪا نه ڏني ۽ هاڻ اهي سڀ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي بورڊ جي آبرو وڌائي رهيا آهن جن مان ڪي ڪتاب تازو ئي بورڊ جي موجوده سربراهن ڇپائي پڌرا ڪيا آهن يقينن هيءَ ڪتاب جي تاريخ، تحقيق ۽ علم ادب لاءِ لاڀائتا ٿيندا، جس جا ڀاڳي آهي اهي شخص جن هي املهه ۽ اڻلڀ ڪتاب روشنيءَ ۾ آندا آهن، جيڪي پنهنجي روشنيءَ وري سنڌي پڙهندڙن تائين پڄائيندا.

    [​IMG]ينا بيع الحياته الابديه في في طريق طلاب النقشبنديه
    مٿئين نالي وارو نهايت اهم ڪتاب، ٻارهين صدي هجريءَ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو لکيل آهي جيڪو اصل فارسيءَ ۾ آهي. هي اهم ڪتاب تصوف بابت آهي، جنهن ۾ تصوف جي واڌ ويجهه جي تاريخ سان گڏ تصوف جا مختلف مرحلا بيان ڪيل آهن سنڌي ۾ترجمو ٿيل هي اهم ڪتاب سنڌ جي اوائلي علمي ذخيري جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي ڳولڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن هيءُ ڪتاب ٽن جلد ۾ آهي، جنهن جو پهريون جلد 2012ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ڪتاب جو ٻيون جلد آهي جنهن ۾ ڊبل ڪرائون سائيز جا ٽي سئو اڻانوي صفحا آهن، پڪي جلد ۽ خوبصورت پني سان سنڌيءَ ۾ ڇپيل هيءُ املهه ڪتاب ڇهه سئو ستر روپين جي ملهه وارو آهي.

    [​IMG]ينابيع الحياته الابديه في في طريق طلاب النقشبنديه
    سنڌ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي جڳ مشهور ڪتاب جو ٽيون ۽ آخري جلد آهي. جيڪو تصوف بابت اصل فارسيءَ ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جو ترجمو مولانا نظر محمد اڄڻ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ٻارهين صدي هجريءَ ۽ تصوف بابت سنڌ جي اهم ماخذن مان هڪ آهي هاڻ جڏهن انگريزي ٻوليءَ جو واهپو وڌي رهيو آهي ۽ فارسي ٻوليءَ جا عالم ۽ ڄاڻو گهٽجي رهيا آهن، تڏهن سنڌي علم ۽ ادب بابت گهڻو الڪو وڌي ويو آهي، پوءِ به مولانا نظر محمد اڄڻ جهڙا بزرگ فارسيءَ جا ڄاڻو موجود آهن ته انهن مان اسان جي ادارن کي فائدو وٺڻ گهرجي، اهو اهڙو فائدو هوندو جيڪو سڄي سنڌ کي هڪ اهڙي علم کان واقف ڪندو، جيڪو اسان جي نظرن کان غائب آهي. بورڊ جو هيءُ ڪتاب اسان جي اهم ماخذن مان آهي، جنهن سنڌي لباس ۾ روشني ڏٺي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آهي ۽ منجهس ٽي سئو پنجٽيهه صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه پنج سئو سٺ روپيا آهي. پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل ڪتاب رکڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي.

    [​IMG]قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو
    سنڌ جي قدامت ۽ ان ۾ رهندڙ قومن، قبيلن ۽ نسلن بابت هيءُ ڪتاب سنڌ جي هڪ باوقار عالم، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو چڱو ئي عرصو اڳ سنڌي بورڊ ڇپايو هئو. هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن تحت، سنڌ جي تاريخ ترتيب ڏيڻي هئي ۽ ڪتاب لکرايا ۽ ترتيب ڏيارا ويا هئا. مرزا صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم قديم شهرن ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن بابت هڪ دستاويز آهي. ٻيءَ طرح مرزا صاحب سنڌ کي جيترو ڏنو آهي، سنڌ ان جو فرض ادا ڪري سگهندي به يا نه. هيءُ ڪتاب جو ستون ڇاپو آهي، جنهن مان پڻ ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب جو نئون ڇاپو نهايت سهڻي انداز ۾ شايع ٿيو آهي. پڪي جلد وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ ٽي سئو ٽيهٺ صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ٽي سئو چاليهه روپيا آهي.

    [​IMG]سنڌي معلم
    سنڌ جي هاڪاري عالم، لسانيات جي ماهر، شاهه جي پارکوءَ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل هيءُ اردو ٻوليءَ ۾ اهم ڪتاب، ٻولين کي هڪ ٻئيءَ جي ويجهو آڻڻ جي سلسلي جو اهم ڪتاب آهي هيءُ ڪتاب سنڌي توڻي اردو پڙهندڙ هڪ ٻئي جي ٻولين جي باريڪين کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙي منشا موجب لکيل سائين الانا صاحب جو هيءُ ڪتاب خاص طور اردو پڙهندڙن لاءِ هڪ معلم جو ڪم ڪندڙ ڪتاب ئي آهي، هن ڪتاب جو پڻ هيءُ ٻيو ڇاپو آهي، جنهن ۾ الانا صاحب ڪيترا سڌارا توڻي، واڌارا ڪيا آهن، ۽ سولي اردو توڻي سنڌيءَ ۾ ٻوليءَ جي صرف نحو بابت سمجهاڻيون ڏنيون آهن. هيءُ ڪتاب علمي توڻي ادبي ته آهي پر هن ڪتاب جي اصل اهميت نصابي ڪتاب واري آهي. جنهن مان نه رڳو اردو ٻولي ڳالهائنيدڙ ۽ پڙهندڙ فائدو وٺندا پر سنڌي ٻولي پڙهندڙ ۽ لکندڙ پڻ هن اهم ڪتاب مان فائدو حاصل ڪندا اهڙي پڪ آهي. ڊبل ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ ٻه سئو ستونجاهه صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ٽي سئو پنجهٺ روپيا آهي. سنڌي ادبي بورڊ جا هيءُ سمورو ڪتاب علمي ۽ ادبي حوالي ۾ اهم ڪتاب آهن اداري جا سربراهه ۽ ڪارڪن جس لهڻن جن نهايت سهڻا ڪتاب ڇاپيا آهن، ڪتابن کي وڌيڪ سهڻو ڪرڻ لاءِ موجوده سيڪريٽري الهڏني وگهئي صاحب جون ڪوششون ڪنهن به صورت ۾ ياد رکڻ جهڙيون آهن ۽ بس!

    [​IMG]ڪراچي يونيورسٽيءَ جو تحقيقي جرنل
    ” ڪلاچي“

    ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ”ڪلاچيءَ“ جو جلد سترهون (ڊسمبر 2014) پڌرو ٿي ويو آهي.جنهن جو ايڊيٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ آهي. هن شماري ۾ ڊاڪٽر شازيه پتافي، محمد قاسم راڄپر، پروفيسر ناگپال، احسان دانش، جيئڻ خان ڪيريو، محمد آدم ٻُٽ، ريحانه نظير، ڊاڪٽر آزاد قاضي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ جا لطيفيات ۽ سنڌي ادب بابت تحقيقي مقالا شامل آهن. 200 صفحن تي مشتمل هن ڇماهي تحقيقي جرنل جو مُلهه 200 رپيا آهي.

    وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو تحقيقي جرنل
    ” ڪارونجهر“

    وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ” ڪارونجهر“ جو جلد ڇهون (ڊسمبر 2014) پڌرو ٿي ويو آهي. جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو آهي. هن شماري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جا ايڊيٽر ڏانهن لکيل خط، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر آزاد قاضي، ڊاڪٽر عبدالحنان گبول، نصير سومري، الطاف حسين جوکئي، محمد قاسم راڄپر، مجاهد حسين سولنگي، عابده گهانگهرو، طارق عزيز شيخ، علي جان ٻرڙو، امير علي شاهه، ڊاڪٽر ياسمين سلطانه، ڊاڪٽر شڪيل احمد خان، اوجِ ڪمال جا مقالا شامل آهن. 220 صفحن تي مشتمل هن ڇهه ماهي جرنل جو مُلهه 200 رپيا آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بلڪل درست ادا ڪتابن کان وڌيڪ وفادار دوست اوهان کي ڪٿي به نه ملندا......
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين انٽرنيٽ جتي اسان لا آسانيون پيدا ڪيون آهن اتي ويتر اسين ڪتابن جي مطالعي کان محروم بڻجي ويا آهيون. بس ڪلڪ ڪري جلد کان جلد گهڻو ڪجهه ڏسڻ گهرون ٿا جنهن ڪري اسان مطالعو ڪرڻ کان صفا ڪٽجي ويا آهيون.
     
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ڇا ممڪن آهي ته هتي انهن ڪتابن جون لنڪون ڏنيون وڃن ؟؟؟
    اگر ٿي سگهي ته مهرباني ٿيندي
     
  5. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو پر وري به ڪتابن کي اهميت ڏيڻ گهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    انهن جا پي ڊي ايف ورجن ملي سگهندا يا نه. جي نه ته سنڌ سلامت انتظاميا کي نماڻي گذارش آهي ته انهن جا پي ڊي ايف تيار ڪري اپلوڊ ڪري، ته جيئن اسان ڊائونلوڊ ڪريون...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو