انساني ارتقا جو سفر ماجد جاگيراڻي انسان زمانن کان وٺي هن ڌرتي جي گولي تي آباد آهي، گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ انسان ۾ شعوري صلاحيتون به ڏينهون ڏينهن وڌنديون رهيون آهن، گذريل زمانن ۾ انسان تمام سادي نموني سان زندگي گذاريندو هو ۽ محدود علائقن ۽ خطن ۾ انسان پنهنجي ڪرت ۾ لڳل رهيو. جيئن جيئن انسان ذات جي آبادي وڌندي وئي، تيئن تيئن انسان ڌرتي جي وسيع پکيڙ والاريندو ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ملين سالن جا ارتقائي مرحلا طئي ڪري نيٺ انسان اهڙو طاقتور ٿي ويو، جو پوري ايڪو سسٽم ۾ موجود سڀ حياتيات کان پاڻ کي مٿڀرو ثابت ڪري ان سڀني شين تي پنهنجي حاڪميت ۽ دٻدٻو قائم ڪيو. جيئن جيئن انسان جي آدمشماري وڌندي وئي ته انسان زمين جي سڄي ايراضي تي قابض ٿيندو ويو. ڪروڙين سالن جا ارتقائي مرحلا عبور ڪري انسان وقت جي بي رحم وهڪرن ۾ لڙهندي مختلف منزلون ۽ مرحلا طئي ڪرڻ کانپو هن ڌرتي جي گولي تي عظيم تهذيبن جا بڻ بڻياد رکي ڪري اڳتي وڌندو رهيو ۽ انهن ئي وقت جي بي رحم وهڪرن ۾ انهن عظيم سڀيتائن ۽ تهذيبن جا عروج به ٿيا ته زوال به ٿيا، ائين انسان فطرت سان وڙهندو پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جا جتن ڪري نيٺ وڃي ان ڪروڙين سالن جي جدوجهد کي حقيقي رنگ ۽ روپ ڏياريو، جو انسان فطرت جي هر تخليق کان طاقتور، چالاڪ، ذهين بڻجي ويو، هاڻ انسان اهو سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهيو، جو ان کان پهرين ان جي تصور ۾ به نه هو. جيئن ته انسان جو طئي ٿيل سفر تمام گهڻو طويل ۽ ڪروڙين سالن جي مسافري تي مشتمل آهي، ان سفر دوران انسان جي ذهني اوسر تمام گهڻي ترقي ڪئي، جيئن جيئن انساني قبيلا، قومون ۽ سماج وڌندا ويا، انهن جا پاڻ ۾ هڪٻئي سان تضاد، جهيڙا جهٽا، جنگيون ۽ لڙايون به وڌنديون ويون. مختلف خطن جي انساني گروهن ۽ قومن جون ريتون رسمون ۽ قاعدا قانون هميشه مختلف رهيا آهن، پهرين انسان خاندانن ۾ تقسيم ٿيڻ لڳو ۽ اڳتي هلي وري قبيلن ۽ پو قومن جي صورت اختيار ڪري ٻين قبيلن ۽ قومن کان پاڻ کي مٿڀرو ۽ طاقتور بڻائڻ جي لا انهن جي جانين ۽ ملڪيتن تي حملا ڪري اڳتي وڌندو ويو. جيئن ته ان سموري سفر ۾ انسان گهڻو ڪجهه وڃايو ۽ حاصل به ڪيو، ان دوران مختلف قسمن جون ريتون، رسمون، قاعدا، قانون ۽ مذهب جڙندا رهيا ۽ انسان مختلف سماجن، قبيلن، قومن ۽ مذهبن ۾ تقسيم ٿيندو رهيو ۽ وري انهن سڀني قبيلن ۽ قومن جا پنهنجا پنهنجا ضابطه اخلاق جڙندا رهيا، انهن جا عقيدا ۽ مذهب انهن جي ذهنن تي حاوي ٿيندا ويا ۽ اڄوڪو انسان انهن جي ئي ارتقا ۽ جاکوڙ جو نتيجو ۽ مظهر آهي. اڄوڪي جديد دنيا جي انسان جي شعور جي پاتال ۾ انهن ئي صدين جي ڪيل Practices جي حڪمراني آهي، اسان جي سماج ۾ صدين کان مروج ڪيتريون ئي ريتون، رسمون ۽ قاعدا، قانون اسان جي زندگين جو حصو بڻجي چڪا آهن، اهي ئي هر قبيلي ۽ قوم جون ريتون رسمون انهن کي دنيا جي ٻين قومن ۽ قبيلن کان ڌار ۽ منفرد حيثيت ڏيارين ٿيون. هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي سماجي اصولن ۽ ضابطن آهر پنهنجي عام رواجي زندگي گذاريندي آهي، پو چاهي ان سماج ۾ جهڙي قسم جون به رسمون گهر ڪري ويون هجن، انهن فردن کي انهن جي آبياري ۽ پوئواري ڪرڻي پئي ٿي. جيئن ته انسان بنيادي طور تي هڪ سماجي جانور آهي، تنهن ڪري ان ۾ فطري جبلتون به ٿين ٿيون ته وري پنهنجي انا به. تنهن ڪري صدين کان مروج انهن جي سماجن ۾ هر رسم کي، چاهي اها سماجي هجي يا مذهبي، پورو ڪرڻ انهن جي عقيدي ۾ شامل هوندو آهي. تنهن ڪري صدين جي سفر دوران انسان عجيب و غريب وهمن، وسوسن ۽ عقل کان وانجهيل رسمن ۾ پنهنجو پاڻ ڦاسائي ويٺو آهي. وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ انسان ذات جي آبادي به وڌندي ۽ ترقي ڪندي اڄ پوري دنيا ۾ پکڙي چڪي آهي، هر سماج ۾ پنهنجي پنهنجي ثقافت (Culture) پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ڇڏيون آهن. هر قوم جي پنهنجي الڳ ثقافت ٿئي ٿي، جيڪا ان کي دنيا جي ٻين قومن، قبيلن، نسلن ۽ سماجن کان جدا ڪري بيهاري ٿي، وقت سان گڏوگڏ ثقافت (Culture) ۾ تبديليون به ٿينديون رهن ٿيون ۽ سماج مختلف قسمن جي رسمن جا پوئلڳ ۽ عادي ٿي وڃن ٿا. جيئن ته انسان جي ارتقا کان وٺي موجوده جديد دور تائين جو سفر ڪئين ملين سالن تي مشتمل آهي، ان طويل عرصي دوران جيڪا انساني دماغ ترقي ڪئي، ان جو مثال هي جديد ۽ پرآسائش دنيا اسان جي اڳيان آهي. جيئن ته ماضي بعيد ۾ انسان فطرت جي خلقيل هر شي سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي وجود جي بقا رکندو آيو آهي، هڪ ثقافت مان ٻي ثقافت تائين ۽ هڪ تهذيب کان ٻي تهذيب تائين جو سفر انسان جي سوچ کي متضاد بڻائيندو رهيو آهي، ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انسان ذات جو هر گروهه ۽ قوم پنهنجو پاڻ کي ٻين قومن کان اتم ۽ اعليٰ سمجهندي آئي آهي ۽ انسان کي پنهنجي ثقافت (Culture) ٻين خطن جي ماڻهن کان وڌيڪ عظيم محسوس ٿيندي آهي، جنهن کي Ethnocentrism چئبو آهي. اهڙن مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي ته ڪنهن هڪ گروهه پاڻ کي ٻين کان اعليٰ سمجهي ٻين خطن جي ماڻهن تي حملا ڪري، انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪري، انهن جو رت پاڻي وانگر وهايو، ماضي بعيد ۾ ان جا ڪيترائي مثال موجود آهي. برصغير ۾ آرين جي ڪاهه ۽ ان کانپو وري 712ع ۾ برصغير تي ٿيل تاريخي ڪاهه، جنهن ۾ معصوم انسانن جو رت پاڻي وانگر وهايو ويو، معصوم عورتون جون عزتون پائمال ڪيون ويون ۽ انهن کي غلام بڻائي پنهنجن آقائن ڏانهن تحفا ڪري موڪليو ويو، جن وري مزاحمت ڪئي ته انهن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي انهن جا وجود ميساريا ويا، انهن جي ملڪيتن کي مالِ غنيمت سمجهي پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري تقسيم ڪيو ويو، انهن جي ثقافتن ۽ تهذيبن کي نيست ۽ نابود ڪيو ويو. ان کان علاوه ماضي قريب ۾ آمريڪا جهڙي اڄوڪي سپر پاور ملڪ ۾ ڪاري ۽ اڇي (Black & white) جو فرق جنهن جو اڄ ڏينهن تائين اثر باقي آهي، اهي Ethnocentrism جا روشن مثال آهن. پر اها حقيقت آهي ته انسان جي هٿ ٺوڪي ڪيل درجابندي فطري اصولن جي خلاف آهي ۽ ان ئي قسم جي سوچ جي ڪري پوري انسان ذات جي تاريخ رت ۾ ٻڏل آهي ۽ اڄ به انسان ٻئي کي هيڻو ۽ پاڻ کي اتم Superior سمجهڻ واري سوچ جي ڪري ئي انتشار جو شڪار آهي. هي جيڪا پوري دنيا جي سماجن ۾ انارڪي ڦهليل آهي، اها به ٻئي کي هيڻو ۽ پاڻ کي طاقتور بنائڻ واري سوچ جي ڪري ئي آهي. هن وقت انسان ذات جي آبادي کربن جي ڪاٿي کان به ٽپي وئي آهي، مختلف ملڪن ۽ خطن ۾ الڳ الڳ قسم جا مذهب، ريتون رسمون ۽ رواج رائج آهن، هر مذهب ۾ دنيا جي هر شي جي تشريح ان مذهب جي بنيادي عقيدن مطابق ڪيل آهي ۽ هر مذهب جا پنهنجا پنهنجا طور طريقا ۽ زندگي گذارڻ جا اصول آهن، جيڪي ان مذهب جي پوئلڳن (Followers) لا مشعل راهه آهن. هڪ قوم جي ثقافت ٻئي قوم جي ماڻهن کان بلڪل مختلف هوندي آهي، هڪ قوم جي پوري عام رواجي زندگي، قاعدا قانون، رهڻيون ڪهڻيون، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، ثقافتي ميل ميلاپ، پيدائش جون رسمون، شادين جا قسم ۽ رسمون ٻي قوم کان بنهه مختلف هونديون آهن، مثال هڪ خطي ۾ پنهنجي قوم کان ٻاهر شادي ڪرڻ انهن جي رواج جي خلاف هوندو آهي، جنهن کي ائنٿروپالاجي جي ٻولي ۾ Endogamy چئبو آهي، مطلب ته ان گروهه جا ماڻهو پنهنجي ڪٽنب ۽ قبيلي کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي گناهه سمجهن ٿا، ته وري ٻي قوم ۾ ڌارين ۾ شاديون ڪرڻ جو رواج آهي، جنهن کي Exogamy چئبو آهي. هڪ قوم ۽ قبيلي ۾ وري هڪ عورت سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏنل هوندي آهي، جنهن کي Monogamy ته وري ڪن سماجن ۾ هڪ کان وڌيڪ عورتن سان هڪ مرد کي شادي ڪرڻ جي اجازت مليل هوندي آهي، جنهن کي Polygamy چئبو آهي، وري ڪن سماجن ۾ هڪ عورت کي ڪيترن ئي مردن سان ساڳئي وقت شادي ڪرڻ جي اجازت مليل هوندي آهي، جنهن کي Polyandry چيو ويندو آهي. مطلب ته هر قوم پنهنجي پنهنجي الڳ ثقافت ۽ سڃاڻپ جي وارث آهي، جيڪا ثقافت انهن جي وجود جو حصو بڻجي چڪي آهي، ان ثقافت کان علاوه انهن جي سماجي زندگي جو وجود ئي ناهي، پر جيئن ته ثقافتن ۾ ترميمون ۽ تبديليون به گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ اينديون رهنديون آهن، پو چاهي اها Acculturation (هڪ ثقافتي گروهه جو ٻي ثقافت کي قبول ڪرڻ) ذريعي ٿئي يا وري Enculturation ذريعي ٿئي. جيئن ته انسان اڄ ان منزل تي پهتل آهي، جو مافوق الفطرت شيون انسان کي گهڻو حيران ۽ پريشان نٿيون ڪن، اهي فطرت جا راز، راز ناهن رهيا، انسان انهن کي پنهنجي ڏاهپ سان پروڙي ورتو آهي ۽ قدرت جي رازن کي پروڙن ڄڻ ته وري ان جي زندگي جو مقصد به رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اگر انسان جي تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسجن ته خبر پوندي ته انسان هميشه ڪائنات جي ڳجهن ۽ ڍڪيل رازن کي ئي نمودار ڪرڻ جي ئي ڪرت ۾ لڳل رهيو آهي ۽ انسان قدرت جي ڪهڪشائن کي پرکڻ لا جدوجهدن ۽ منزلن جا هر روز نوان ڏاڪا پار ڪندو رهي ٿو. اڄ جيتري انسان سائنس جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، دنيا جي شايد ئي ڪا شي ناممڪن رهي هجي، پوري دنيا سان Communication ۽ رابطي لا تيز ترين ايجاديون ڪيون ويون آهن. پر ان جي باوجود لکين ۽ ڪروڙين سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري ڪري انسان مڪمل طرح "انسان" ناهي بڻجي سگهيو، هڪ انسان ٻئي انسان جو رت پاڻي وانگر وهائي رهيو آهي، هڪ ملڪ جيڪو ٿورو گهڻو ٽيڪنالاجي ۾ ترقي يافته ۽ معاشي طور وڌيڪ طاقتور آهي ته اهو ٻئي ملڪ کي زير ڪرڻ لا ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجو ناجائز قبضو ڄمائڻ لا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجون حدون اورانگهي ان تي حملا ڪري ڪمزور ملڪ جي معصوم شهرين کي جانورن وانگر ماريو ٿو وڃي. 19هين صدي دوران ٻه وڏيون ۽ دهشتناڪ عالمي جنگيون لڳي چڪيون آهن، پهرين عالمي جنگ 14-1918ع تائين ۽ ٻي عالمي جنگ 1939-1945ع تائين لڳيون، انهن عالمي جنگين ۾ ڪروڙين معصوم ۽ بيگناهه عورتون، ٻارڙا، پڪا، پوڙها ۽ نوجوان انسان مارجي ويا ۽ لکين انسان هميشه لا معذور بڻجي ويا ۽ ڪروڙين انسانن جون زندگيون متاثر ٿيون. ان کان علاوه ننڍين ننڍين جنگين سان تاريخ ڀري پئي آهي، 1970ع واري دور ۾ افغانستان هڪ ترقي يافته ۽ سڌريل ملڪن جي فهرست ۾ شامل هو، پر اڄ افغانستان مڪمل طرح تباهه ٿي چڪو آهي، عراق ۽ بغداد ڪنهن دور ۾ امن جو هندورو رهيا آهن، پر سازش تحت ان کي زير ڪري ناجائز حملا ڪري اتان جي ماڻهن کي ڪئين صديون پٺتي ڌڪيو ويو آهي، ڏينهون ڏينهن انتهاپسندي ۽ دهشتگردي پنهنجون پاڙون پختيون ڪري رهي آهي، انهن طاقتن جي پٺڀرائي ڪرڻ ۾ دنيا جي چنگيزي ۽ شيطاني قسم جي سوچ ۽ عنصرن جو تمام گهڻو ڪردار آهي، جيڪي انسان ۽ انسانيت دشمن قوتون آهن، انهن طرفان روز بروز نت نون خدشن ۽ هٿ ٺوڪين افواهن جي بنياد تي ٻين ملڪن تي حملا ڪري ۽ انتهاپسندن جي مالي مدد ڪري ٻين خطن جي ماڻهن جي مال ملڪيت، ثقافت ۽ سماجي زندگي تباهه ۽ برباد ڪئي پئي وڃي. جيتري انساني عقل ترقي ڪئي آهي، ته وري ٻئي طرف تنزلي به آئي آهي. اڄڪلهه ته وري نئين قسم جا گروهه وجود وٺي چڪا آهن، جيڪي مذهب جي نالي ۾ معصوم انسانن جون منڍيون ڌڙ کان اهڙي طرح ڌار ڪن ٿا، جيئن ڪو گروهه پٿر جي دور (Paleolithic Period) دوران ڪنهن جانور جو شڪار ڪري ان کي ذبح پيو ڪري، القاعده کانپو هاڻ وري انسانيت دشمن قوتن داعش کي متعارف ڪرائي پوري دنيا جي انسانن ۾ خوف جي هڪ فضا قائم ڪري ڇڏي آهي. انسان ذات جي جيڪا تباهي 19هين صدي کان 20هين صدي تائين ٿي آهي، ان جو ڪو ماضي ۾ مثال ئي نٿو ملي، انسان انهن ئي صدين ۾ تاريخ جي بلند ترين مقام تي پهتو، جيڪا سائنس ترقي ڪئي، گذريل زمانن ۾ ان جو تصور به نه هو، جيتري سائنس انسان جي زندگي آسان ڪري ڇڏي، ان کان وري ٻيڻ تي انسان جي وجود لا وک وک تي مصيبتن، مشڪلاتن ۽ خطرن جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جي انسان کان ته پٿر جي زماني وارو انسان بهتر هو، جيڪو جانورن جو شڪار ڪري گذر سفر ڪندو هو ۽ انسان دوست هو، پر اڄ جو انسان ته انسان جو شڪار پيو ڪري. شروعاتي دور ۾ جڏهن ڪو گروهه يا ماڻهن جو ڪو ٽولو سفر تي ڪيڏانهن نڪرندو هو ته دل ئي دل ۾ اهائي اڻ تڻ هوندي هئن ته، "شل ڪو خونخوار جهنگلي جانور منهن نه پئي". پر اڄ جو انسان اها تمنا ٿو ڪري ته شل "انسان منهن نه پئي"، ڇو ته جيترو وحشي پڻو ۽ دهشت اڄ جي انسان ۾ پنهنجو گهر ڪري وئي آهي، اهڙي قسم جي دهشت ۽ وحشي پڻو ته دنيا جي ڪنهن به خونخوار جهنگلي جانور ۾ به نه آهي. ان کان علاوه وري هر ڪلچر جا ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل سمجهڻ جي روڳ جو شڪار آهن. مطلب ته مڪمل طور تي انسان کي اڃا انسان ٿيڻ ۾ ڪي صديون لڳي سگهن ٿيون، جيڪي ملين سالن جا ارتقائي مرحلا طئي ڪري انسان اڄ ايڏي وڏي ترقي ڪئي آهي، جو مافوق الفطرت جا راز راز ناهن رهيا ته ان جي باوجود شايد ايترا ئي طويل مرحلا وري انسان کي انسان ٿيڻ ۾ لڳن! اها هڪ حقيقت آهي ته مذهب انسان جي لا بڻيا ۽ وجود ۾ آيا آهن، پر اڄڪلهه جيڪا حالت زار لڳي پئي آهي، لڳي ائين پيو ته ڄڻ انسان مذهبن لا ئي وجود ۾ آيو آهي، جن به مذهبن جو جڏهن به وجود ٿيو آهي ته شروعات ۾ جيڪي انهن جا اڳواڻ هئا، انهن اهڙي نموني سان پنهنجي پنهنجي مذهب جا بڻ بڻياد وڌا ته جيئن ان مذهب جي پوئلڳن جي زندگي آسان ٿي پئي، انهن جي روزمرهه جي زندگي ۾ جيڪي ڏکيائون پيش اچن، اهي حل ٿي سگهن ۽ سماج ۾ پرامن ماحول بڻيل رهي ۽ انسان ذات ۾ ڀائپي، برادري ۽ محبت وارو ڳانڍاپو رهي، پر گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ انهن مذهبن جي پوئلڳن انهن کي ايڏو ته ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، جو انسان جو پورو وجود عجيب و غريب ريتن، رسمن، سوچن ۽ رواجن جو پابند بڻجي چڪو آهي. شروع کان وٺي انسان خود هڪ راز رهيو آهي، ان جي پوري تاريخ تي مذهب، سياست، ڪلچر ۽ جاگرافي جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي ۽ هي جيڪو انسان ترقي جي بلندين تي آهي، ان جي پٺيان به صدين جو ڪيل سفر ۽ پورهيو ئي آهي جو انسان هر قسم جي ڪرت ۾ لڳل آهي.