• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فاطمه ڀرڳڙي جو ڪتاب احساس جا رنگ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jebv5wG6URZjV.JPG

محترمه فاطمه ڀرڳڙي جو ڪتاب ”احساس جا رنگ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. فاطمه ڀرڳڙي صاحبج هو ڪتاب واقعي احساسن جي رنگن تي مشتمل آهي. سندس لکڻيون خاص ڪري ڪالم اخبارن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. سندس هي ڪتاب مختلف رنگن ۽ احساسن جو مجموعو آهي. هڪ حصو مختصرن ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جن ۾ ڪيئي ڪردار ۽ ڪيئي احساس سمايل آهن، انهن ۾ ساروڻيون شامل آهن، ڳوٺن جو ماحول ۽ ڳوٺن جا رنگ شامل آهن. اسان جي معاشري جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي آسپاس جو ماحول ... بس لکڻ جو انداز پنهنجو اٿس. ٻولي سادي ۽ سولي استعمال ٿيل آهي ... پر ڪٿي ڪٿي اها رواني نظر نه ٿي اچي ... پر ڪهاڻي جو ٿيم ۽ ڪهاڻي جا ڪردار ۽ پيغام چٽو ۽ واضح آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيئي ڪالم به شامل آهن ڪي تکا ته ڪي مٺا ته ڪي کٽا ۽ ترش به .... پر هر ڪهاڻي ۽ ڪالم ۾ پيغام آهي، سماج کي چٽو ۽ وائکو ڪيو ويو آهي. ڪيترن لکڻين ۽ ڪالمن ۾ مزاح شامل آهي .... مزاح جو اهڙو انداز اسان وٽ عورت ليکڪائن گهٽ استعمال ڪيو آهي. اهڙا مزاحيه ڪالم جن ۾ بظاهر ته مزاح آهي پر ان ۾ ڪڙو سچ لڪل آهي ... بس ان سچ واري رنگ جي احساس کي سمجهي. اردو ڪهاڻيون گهڻو ڪري سنجيدگي تي مشتمل آهن.
مان سمجهان ٿو پبلشر ڪجهه جلدي ۾ ئي هيو ..... ڇو ته ڪتاب ۾ پروف جون گهڻيون کاميون نظر اچن پيون جيڪي ڪتاب ۽ لکڻي جي حسن کي متاثر ڪن ٿيون. ان باوجود به هي ڪتاب چهري تي مرڪون سجائڻ لاء ڪافي آهي.
ادي فاطمه ڀرڳڙي کي اهڙيون لکڻيون جاري رکڻ گهرجن .... ڇو ته ميچوئر ٿيڻ ۽ ذميوارين جي بار پوڻ کانپوء جا احساس ... وقت ۽ حالتن جي مجبورين جا احساس لکڻ تي مجبور ڪندا رهندا آهن ۽ اهي احساس لکڻ سان ذهن تان بار ۽ غبار به گهٽجي ويندو آهي.
 
Back
Top