• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

زندگي آٿت تلاشي ٿي اڃان
روح لئي راحت تلاشي ٿي اڃان

اڄ به مومل هيکلي محلات ۾
راڻي جي چاهت تلاشي ٿي اڃان

گل گلابن جا کڻي هي هيکلي
آس جي تربت تلاشي ٿي اڃان

سامراجي سوچ کي موڙي ڇڏيان
دل اُها طاقت تلاشي ٿي اڃان

جواني ۾ نوڙي نه رب جي در اڳيان
پيري ۾ نوڙت تلاشي ٿي اڃان

اڄ به موهن جي دڙي جي نرتڪي
نچڻ جي حسرت تلاشي ٿي اڃان

ڪو ته هن جي بُک کڻي پوري ڪري
نان کي غربت تلاشي ٿي اڃان

جاويد نواز
 
Back
Top