• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ئي تون

هر هنڌ تون ئي تون

___________________

اي ماه لڪا مهجيبين

تنهنجو حسن واه

تون سڀ کان حسين

تنهنجو روپ

سهڻو سڀاءُ

تنهنجي ادا

تو لئه صدا

تون

سسئي جو سور

پنهل جو پور

تون سهڻي جي سڪ

تون ڇوه ڇوليندڙ ڇڪ

تون شاعر جي وائي

تون بره جو بيت

سونهاري سڌ کيت

تون پکين جو پڙلاءُ

تون اندر ۾ هڳاءُ

تون هندورو هنڌ

تون نوري جو ناز

تون سرندي جو ساز

تون مليراڻي مرڪ

ساه سڀ جي سڪ

پنهوار تنهنجو پڇن

لولين ۾ جي لڇن

تون بره جي باه

تو م سڪ سڀاءُ

تو۾ عشق اتاه

تون نوري تون ناري

تون پيار ۾ پياري

تون گيتن جي گونجار

اصل عشق آڌار

تو ۾ سر سڀئي شاه جا

عشق سڀ اتساه جا

تون صوفين جي سار

تون قلبن قرار

ملڻ ۾ نه ڪنهن آر

تون سنسار جو سک

فلڪ ۾ به تون

عرشن تي پڳل آن

تون غزل گيت وائي

سڪ جي سرهائي

پيار ۾ تون پيڪر

ملي پئو ته جيڪر

حب ۾ ته هيڪر

پو

ڀلايون تنهنجا ڀال

اسان جا هيڻا حال

اوهان کي اٿم سوال

ڪيو پورو قرب مون

هر هنڌ تون ئي تون

هر همڌ تون ئي تون...........

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top