چانڊوڪي
سينيئر رڪن
سرڪار بجلي جي قيمتن ۾ 20 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ پاور ڪمپنين کي صارفين جي بجلي قيمتن ۾ 20 پئسا في يونٽ واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ڄاڻايل واڌ اپريل 2010ع کان لاڳو ٿيندي، نوٽيفڪيشن مطابق فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مارچ مهيني لاءِ بجلي اگهن ۾ 57 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته اپريل 2010ع لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ واڌ جو ڪاٿو 77 پئسا في يونت لڳايو ويو آهي، اهڙي طرح اپريل 2010ع کان صارفين جي بجلي قيمتن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 20 پئسا في يونٽ واڌ لاڳو ٿيندي، نيپرا مطابق فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 20 پئسا واڌ ايندڙ بجلي بلن ۾ انگ سان ايڊجسٽمينٽ ڪيو ويندو، 20 پئسا في يونٽ واڌ ماهوار 50 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو نه ٿيندي. (ڪاوش جي ٿورن سان)