ريحان ڪيريو
سينيئر رڪن
سنڌ جي نوجوان انجنيئر علي حسن ملاح ڪمپيوٽر تي ”سنڌي سکيا“ کانپوءِ موبائيل فون تي پڻ سنڌي سکڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري، هاڻي سنڌ توڙي سڄي دنيا ۾ جيڪي به سنڌي آهن پر سنڌي نه ٿا ڄاڻي سگهن تن کي سندن موبائيل فونن تي اهو سافٽ ويئر لاهي ان وسيلي ٻولي سکڻ جي سهولت ملي ويئي آهي.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين جي اولاد کي مادري سنڌي ٻولي سيکارڻ واسطي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي آپريٽنگ سسٽم اينڊروائڊ لاءِ سنڌي نصابي سافٽ ويئر مفت تيار ڪري Google Play Store گوگل پلي اسٽور تي جاري ڪيو ويوآهي، پاڪستان جي سمورين قومي ٻولين مان سنڌي ٻولي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ شامل ٿيڻ ۾ گوءِ کڻي وئي آهي.
ڄامشورو جي سافٽ ويئر ڊوولپر علي حسن ملاح ۽ انجنيئر سيما ڀٽو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي تيار ڪيل”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي اٺاويهن سبقن سميت رنگن،جاميٽري جي شڪلين ،شين،جانورن،پکين جا آوازن،لکت ۽ مشق شامل ڪري عالمي معيار جي گھرجن کي نظر ۾ رکندي بهتر منصوبابندي ڪئي آهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ لاءِ پهريون ڀيرو تيار ڪيل هن سافٽ ويئر ۾ لفظن ۽ جملن جي اچار لاءِ آوازن ذريعي هِجي ۽ روان جو به طريقو شامل ڪيو آهي جنهن ۾ سکندڙ پنهنجي مرضي سان ان کي پزل گيم جيان استعمال ۾ آڻي سگهي ٿو. جنهن ۾ ٻار کان ٻڍي تائين عمر جي ماڻهو جي نقطه نظر شامل ڪيو ويو آهي. موجوده دور ۾ وڊيو گيم ڏانهن ٻارڙن جي وڌندڙ لاڙي کي سامهون رکندي پنهنجي تيار ڪيل نصابي سافٽ ويئر جي مشق واري حصي ۾ بنيادي الف بي کي راند واري انداز ۾ ترتيب ڏيڻ جي ترڪيب ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هم شڪل لفظ، نقطا ۽ سندن تعداد کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن نئين سکندڙ ننڍي توڙي وڏي جو ڌيان هٽي نه سگهي. هي سافٽ ويئر سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ تعليمي ۽ تدريسي سرگرمين مددگار ثابت ٿيندو جڏهن ته ٻهراڙين ۾ خواندگي جي شرح ۾ واڌ لاءِ غير سرڪاري تنظيمن جي خوابن جي ساڀيا ڏانهن پهرين وک پڻ آهي.
علي محمد ڪيريو ۽ سنڌ سلامت پاران ٻنهي نوجوان انجنيئرن کي لک لک مبارڪون هجن. شال اهي سنڌي ٻولي کي وڌيڪ ۽ جديد بڻيادن تي ترقيءَ ڏيارڻ ۾ پنهنجو دماغ ڪتب آڻيندا رهندا.