خالد حسين مخدوم- ھڪ بيمثال انسان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خالد حسين مخدوم- ھڪ بيمثال انسان

    ثريا مخدوم

    خالد حسين مخدوم جھڙا انسان ورلي پيدا ٿيندا آھن. ھو طبيعت جو سادو، يارويس، سڀ جي ڪم اچڻ وارو ۽ ڪردار جو نيڪ، با اخلاق، صالح ۽ سچ جو علمبردار ھو. ھو فنون لطيفه، ادب، شاعري ۽ موسيقيءَ جو عاشق ھو. ھن زندگيءَ جي ھر حسين شيءِ سان پيار ڪيو. ھو جنھن سان به مليو، تنھن تي پنھن جي دوستي ۽ شخصيت جي ڪڏھن به نه لھڻ واري مھر ھڻي ويو.

    سنڌ جو ھي درويش صفت ۽ انتھائي ذھين پُٽُ 25 ڊسمبر 1946 تي عبدالوالي ۽ بيبي شھزادي مخدوم جي گھر ۾ ننڍڙي، پر تاريخي ڳوٺ، درٻيلو ۾پيدا ٿيو. ھو پنھن جي ماءُ جي پنجن ٻارن مان ٻيو نمبر ھو. پوءِ عبدالوالي مخدوم ٻي شادي ڪئي، جنھن مان پڻ ٻارٿئس. خالد پنھنجي ڪٽنب ۾، توڙي ڪٽنب جي وڏن جي دوستن ۾ شروع کان ئي ھر دل عزيز ٿي ويو. ماءُ کيس پيار مان ’منون‛ چوندي ھئي. ھڪ ماسيء، جنھن جو ھو دادلو ھو، ھن کي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ خاص شاعراڻا ٻول تخليق ڪيا ھئا. خالد جڏھن ننڊ مان نه اٿندو ھو، ته بجاءِ ڇڪي ۽ پَٽي اُٿارڻ جي، ھوءَ کيس ڳائي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي:

    پيارا پُٽڙا ٿيءُ سڄاڳ، شال ڀلو ٿئي تنھنجو ڀاڳُ

    پيءُ جي ته نه رڳو اکين جو تارو ھو، پر اڳتي ھلي ھو سندس سڄي ٻانھن بڻيو. پيءُ جو ھر ڪم ڪندو ھو. ايڏي وڏي پيار خالد کي بگاڙيو نه، پر سڌاريو. ھو پنھن جي پڙھائي ءَ ۾ ھوشيار ھو، نوڪري به ڪاميابيءَ سان ڪيائين ته ماڻھن سان لاڳاپو پڻ نياز نوڙت وارو رھيُن. دراصل ايڏي اٿاھ پيار، ھن جي دل ۾ پيار جي اھميت کي محسوس ڪرايو. ھو اڪثر چوندو ھو ته زندگيءَ ۾ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي. پيار پئسن سان خريد ڪري نه ٿو سگھجي.خالد جي اسڪولي تعليم سينٽ بوناوينچر اسڪول، حيدرآباد ۾ ٿي. ھا پيٽارو جي ٻي بيچ (جٿو) ھئي. خالد ۽ اسان سڀني کان وڏو ڀاءُ احمد حسين پھرينءَ بيچ ۾ ھو. پيٽارو ۾ خالد جا جيڪي ھم ڪلاسي ھئا، تن ۾ شامل ھئا الطاف شيخ، بشير وسطڙو، ظفر خان ۽ ٻيا. پيٽارو ۾ ٻيا به ڪيڊٽ خالدَ نالي ڏاڍا ھئا. پيٽارو ۾ خالد سٺو نالو ڪمايو. ھو ھائوس جي Quiz (چٽاڀيٽي سوال) ۽ Spelling Bee ٽيمن جو ميمبر ھو. ھن مئٽرڪ ۽ انٽر ٻئي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيا. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو سان خالد آخر تائين پنھنجو لاڳاپو قائم رکيو. ھو پيٽارين ايسوسئيش Petarian Association)) جو ھڪ پرجوش ميمبر ھو ۽ ڪيترائي دفعا ان جي مئنجنگ ڪميٽيءَ تي پڻ رھيو. ھو پيٽاري جي سالياني پروگرامن (Conventions) اڪثر ڪري شرڪت ڪندو ھو.

    خالد انگريزيءَ اسپيلنگن (spellings) ۾ ڇاڪاڻ ته شروع کان ئي ھوشيار ھو، تنهن ڪري اسپيلنگن سان لاڳاپيل ٻيا شوق پڻ اختيار ڪيائين، جن مان ھڪ ھو ڪراسورڊ (Crossword) ڀرڻ. سو ھنن انگريزي اخبار روزانه ’ڊان‛، ڪراچيءَ ۾ ڪراس ورڊ (crossword) ڀرڻ جو پنھنجو روزانه جو نيم ٺاهي ڇڏيو هو. ھن جو روز جو دستور ھوندو ھو ته صبح جونيرن ڪرڻ کان پوءَ، روزانه ’ڊان‛ اخبار پڙھندي، انجو ڪراس ورڊ به پورو ڪري ڇڏيندو ھو. اسڪريبل (scrabble) جو خاص شوقين ھو. اسان ڪافي وقت تائين گھر ۾ پاڻ ۾ اسڪريبل کيڏندا رھياسين، جيڪي ھو انگلنڊ مان وٺي آيو ھو. اسڪريبل جي ڪافي چٽاڀيٽن (championships) ۾ پڻ حصو ورتائين. ڪجھ عرصي کان سوڊوڪو (نمبرن سان لاڳاپيل راند–Sudoku) ڀرڻ جو شوق ٿيس ۽ روزانه ’ڊان‛ اخبار ۾ ئي روزانو اھي به آخر تائين ڀري ويندو ھو، جنھن مان ھن جي ذھانت ۽ دماغي ڦڙتيءَ جي خبر پوي ٿي. خالد کي ادب ۽ فنون لطيفه سان شروع ءَ کان ئي شوق ھو. مئٽرڪ ڪندي ڪندي، ھن انگريزي، ۽ پوءِ سنڌي ۽ اڙدوءَ جو ڪافي ادب پڙھي ڇڏيو ھو. جيڪڏھن شيڪسپئر جو ھڪ ڪتاب ڪورس تي ھو، ته هن باقي ڪيترا ئي ڪتاب شيڪسپيئر جا ھن ازخود پڙھي ڇڏيا ھئا. ھو چاھيندو ته ھو پنھن جي اعليٰ تعليم انگريزي ادب يا فنون لطيفه جي ڪنھن ٻئي شعبي ۾ حاصل ڪري، پر بابا سائينءَ جي سخت اصرار تي ھن سائنس کئين ۽ اھڙيءَ طرح پيٽارو مان پڙھائي پوري ڪري، ھن ڪراچيءَ ۾ اين-اي-ڊي NED)) ڪاليج (ھاڻي يونيورسٽي) ۾ سول انجنئرنگ Civil Engineering)) ۾ داخلا ورتي ۽ ميٺا رام ھاسٽل ۾ رھڻ لڳو. 1967 ۾ ھن سول انجنئرنگ ۾ بي اِي (B.E.) جي ڊگري حاصل ڪري، پنھنجي پڙھائي پوري ڪئي.

    خالد پوءِ انجنيئر جي حيثيت ۾ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ مختلف شهرن ۽ جاين تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، ستت ئي پورٽ قاسم آٿورٽي (PQA) جي ملازمت اختيار ڪيائين. پنھنجي قابليت سبب ھو جنرل مئنيجر جي عھدي تي پھتو. ھو ھڪ ھردل عزيز آفيسر ھو ۽ پنھنجن ماتحتن جو گھڻو خيال رکندو ھو. ھن پورٽ قاسم مان پنھنجي نوڪريءَ جي مدي پوري ٿيڻ کان ڪجھ سال اڳ رٽائرمنٽ ورتي ۽ پنھن جو سڄو وقت پنھن جن ٻين مشغولين کي ڏئڻ لڳو.

    خالد سفر به جام ڪيو. ھو دنيا جون سڀ خاص ڏسڻ جھڙيون شيون ڏسي آيو ھو. ھو امريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، يورپ ۽ ترڪيءَ جا ڪافي شھر گھميو ھو. ايشيا ۾ وري ھندستان، سري لنڪا، سنگاپور، مليشيا، بئنگڪاڪ، برونائي، گڏيل عرب عمارتون UAE)) ايران، شام، عراق، سعودي عرب ، وغيره ڏسي آيو ھو ۽ ڪجھ عمره پڻ ڪيا ھيائين. پئرس ۾ جڳ مشھور عجائب گھر، لوور (Louvre) ۾ به ويو ۽ اتان مونا ليزا جي تصوير جا نقل وٺي آيو.

    خالد مخدووم پاڻ ڪڏھن به سياست ۾ نه رھيو، پر ھن جا سياسي ماڻھن سان گھرا لاڳاپا ھئا. ھن سان جيڪو به مليو، تنھن کي ھن مان ڏنو. مان ۽ زاھد ڇاڪاڻ ته ادا خالد جي ئي گھر ۾ رھندا ھئاسين، قومي ۽ کاٻي ڌر جي سياسي لڏن جو اڪثر اتي اچڻ ٿيندو ھو. حالانڪ ھو اسان جي واسطي وارا ھوندا ھئا، پوءِ به ادا خالد ھنن کي جوڳو مان ڏيندو ھو. ايتريقدر جو اڪثر اسان جي غيرموجودگيءَ ۾ به ادا خالد وٽ ايندا ھئا ۽ ھن جي شخصيت ۽ مھمان نوازيءَ جو مزو ماڻيندا ھئا. نه رڳو ايترو، پر، ھن ڪيترن ئي سياسي شخصيتن کي سندن روپوشيءَ جي دؤر ۾ پنھن جي گھر ۾ پناھون به ڏنيون، جن ۾ ڄام ساقي پڻ شامل آھي. جنرل ضياءُالحق جي دؤرِ حڪومت ۾ جڏھن ڄام روپوش ھو ۽ پاڻ کي ’حاجي صاحب‛ جي نالي سان سڏرائيندو ھو، تڏھن اڪثر ھفتن جا ھفتا ادا خالد جي گھر ۾ رھندو ھو.

    مٿي چئي ڇڪي آھيان ته خالد کي ادب، موسيقي ۽ فنون لطيفه سان جنون جي حد تائين دلچسپي ھئي. پڙھائيءَ جي دوران توڙي پڙھائيءَ کان پوءِ، ھن پنھن جو مطالعو جاري رکيو. سنڌيءَ ۾ شاھ سائين ۽ ٻيو ڪلاسيڪل ادب ته پڙھي ڇڏيائين. جديد ادب ۾ وري شيخ اياز، سائين جمال ابڙو ۽ لڳ ڀڳ سمورو خاص ادب سندن مطالعي ھيٺ ھو. ھر نئون ڪتاب وٺندا ھئا. پاڻ پڙھندا ھئا ۽ اسانکي پڻ پرھائيندا ھئا. شيخ اياز تي ته ڪافي ڪچھريون پڻ ٿينديون رھنديون ھئن، نه رڳو ادب، پر موسيقيءَ جي حوالي سان به، جن مان ڪجھ جو ذڪر اياز پنھنجي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‟ ۾ ڪيو آھي. اڙدو ادب ۾ پڻ ھن ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعري توڙي ٻئي تخليقي ادب جو خوب مطالعو ڪيو، جيئن ته مرزا غالب ۽ ٻيا ڪلاسيڪي شاعر ۽ اديب. جديد شاعريءَ ۾ پڻ مک شاعر پـڙھيا ھئائين، جھڙوڪ، ساحر لڌيانوي، فيض احمد فيض، اسرارالحق مجاز، وغيره وغيره. افسانوي ادب ۾ھوئن ته گھڻائي افسانا نگار ۽ ناول نويس پڙھيا ھئين، پر ڪرشن چندر، قرا ته العين حيدر، سعادت حسن منٽو، ھنجا خاص پسنديده اديب ھئا. باقي رھي انگريزي، سا ته سندس نصابي ٻولي Medium of instruction)) ھئي. اسانجي بابا کي انگريزيءَ سان خاص دلچسپي ھوندي ھئي، جنھن ڪري ھو گھڻو ڪري اسان سان انگريزيءَ ڳالهائيندا ھئا. ان سان اسان سڀني جو انگريزي ۽ انگريزي ادب سان چاھُ پيدا ٿيو. ادا خالد جو ننڍپڻ کان انگريزيءَ تي ايترو عبور ھو جو پاڻ مئٽرڪ جي امتحان ۾ مادري ٻوليءَ جي جاءِ تي به ڏُکي انگريزَي ((Advanced English کنئين. وري ادب سان ازلي عشق هوس. سو خالد ڪافي انگريزي ادب، ڪلاسيڪي ۽ جديد ته شاگرديءَ جي دؤر ۾ ئي پڙھي ڇڏيو ھو ۽ پوءِ آخر تائين اھو سلسلو جاري رھيس. شيڪسپئرShakespeare))، ملٽن (Milton)، وغيره، سڀ ۾ مھارت رکندو ھو. جديد ادب تي به خاص نظر ھوندي ھئن. ميري ڪوريلي(Marie Corelli)، سمرسيٽ ماھم (William Somerset Maugham) ۽ ٻيا ڪافي پسند ھئن. انگريزي ترجمي ۾ ٻين ٻولين جي ادب ۾ وري اٽليءَ جو البرٽو موراويا(Alberto Moravia) وغيره جو تقريبن ھر نئون ڪتاب گھر ۾ ايندو ھو. تخليقي ادب کان سواءِ، ھن جي ڪافي ٻئن موضوئن ۾ پڻ دلچسپي ھئي. تاريخ، سياسي توڙي سماجي، سندن پسنديده موضوعن مان ھئا، خاص ڪري، سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڍ ۾ انگريزي راڄ خلاف ھلايل آزاديءَ جون تحريڪون ۽ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ھندو مسلمان لاڳاپا ۽ ڇڪتاڻيون. سو پنھن جي انھي اتساھ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ليکڪن، سياستدانن ۽ تاريخدانن جا ڪتاب پڙھي ورتا هئائين، جھڙوڪ، سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، مھاتما گانڌي، مولٰانا ابوالڪلام آزاد، ايم. جَي اڪبر ۽ خشونت سنگھ ، وغيره، وغيره.

    ادا خالد نه صرف ادب ۽ تاريخ پاڻ پڙھيا، پر ٻين کي به پڙھايا ۽ انھن ۾ ادب ۽ تاريخ جو شعور پيدا ڪيو. وڏي ڀاءُ احمد حسين کي پڻ ادب سان لڳاءُ ھو. باقي اسا ننڍن ڀائرن ڀينرن، زاھد ۽ مونکي کي ته پڙھڻ جو اتساھ ادا خالد ئي ڏياريو. ھو جيڪي ڪتاب پاڻ پڙھندو هو، اهي وري اسان کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سنڌي ادب سان ته ڪجھ شوق پنھن جو به ھئو، پرمان اڙدو ادب سڄو ھنن جي اثر ھيٺ پڙھيو. ڪرشن چندر، قراته العين، سعادت حسن منٽو، ساحر لڌيانوي، مجاز ۽ ٻين جا جيئن ئي ڪي نوان ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا ھئا ته ھڪدم اھي خريد ڪندا ھئا، پڙھندا ھئا ۽ پڙھائيندا ھئا. ڪرشن چندر سان ته منھنجو ايڏو چاھُ ٿيو، جو مون ھن جا ڪافي افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ورتا ۽ مختلف سنڌي رسالن ۾ ڇپرايا. انگريزي ۽ انگريزيءَ ۾ موجود ادب پڙھڻ جي به سُتي ادا خالد وڌي. مون اڳتي ھلي انگريزي ادب ۾ ايم. اَي ڪئي ۽ ان جو ھڪڙو ڪارڻ گھر جو ادبي ماحول ھو، جنھن جي ٺاھڻ ۾ ادا خالد جو خاص ڪردار ھو.

    پنھن جي خاندان کان سواءِ، خالد پنھن جن دوستن ۾ به ادب پرھڻ ۽ پروڙڻ جي عادت وڌي. انور پيرزادو، جيڪو ادا خالد جو تاحيات دوست ھو، ان کي ادب، خاص ڪري انگريزي ادب ۽ تاريخ سان خالد متعارف ڪرايو ۽ پوءِ کيس انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سندس مدد ڪئي. خالد صاحب جو ڪتابن جو شؤق صرف پڙھڻ ۽ پڙھائڻ تائين محدود نه ھو، پر ھو ان تي تفصيلي بحث مباحثا ڪندا ھئا. ڪتاب پڙھي پوءِ انجي باري ۾ ٻڌائيندا ھئا، جيئن ٻئن ۾ پڙھڻ جي طلب پيدا ٿئي. اسان جي گھر ۾ اڪثر شاھ سائين، شيڪسپيئر ۽ ڪرشن چندر جا ڪردار رقص ڪندا نظر ايندا ھئا. شاعريءَ جي وري ھڪ ھڪ نقطي تي بحث ٿيندو ھو، ان ۾ ڪھڙو پيغام ھو ۽ انکي ڪھڙي نموني پيش ڪيو ويو ھو، وغيره وغيره. اھوئي حال تاريخ ۽ ٻئن موضوعن جي ڪتابن جو ھو. مونکي ياد ٿو اچي ته ادا خالد ۽ انور ايم. جي. اڪبر (M.J. Akbar) ۽ ٻين جي ڪتابن تي راتين جون راتيون بحث ڪندا ھئا. هندستاني باليوڊ جي فلمن ۽ موسيقيءَ جو ننڍوپڻ کان عاشق هو، موسيقار نوشاد جو ديوانو هو. اڳتي ھلي، جڏھن خالد صاحب جو موسيقيءَ جو ذوق وڌيڪ پختو ٿيو، ته ھن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو شوق اختيار ڪيو، جنھن جو دائرو وقت سان گڏ وڌيڪ وسيعُ ٿيندو ويس ۽ جيڪو آخر تائين ھليُن. مونکي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو شوق پڻ ادا خالد ڏياريو. ان ڏس ۾جيڪو به نئون مواد مارڪيٽ ۾ ايندو ھو، پوءِ ڪيسٽون ھجن، سِيڊيون (CD)، ھجن يا وري وڊيو، سو خريد ڪندو ھو، ٻڌندو ھو، ٻڌرائيندو ھو ۽ انجي باري ۾ ٻڌائيندو ھو. اسان ھن کي اڪثر رات جو دير وارا ريڊيو ۽ ٽي .وي ورا ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا پروگرام ٻڌندي ڏسندا ھئاسين. اھڙيءَ طرح اسان ھنجا ننڍا ڀائر ڀينر ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي دنيا ۾ داخل ٿياسين. برِصغير جي وڏن وڏن ڪلاسيڪي ڳائيندڙن ۽ سازندن جا نالا مون ادا خالد کان ٻُڌا ۽ اھڙيءَ طرح ھنن ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ڳائڻن ۾ استاد بڙي غلام علي خان، منور علي خان، بيگم اختري، ته وري سازندن ۾ استاد رَوي شنڪر (ستار نواز)، بسم الله خان (شھنائي نواز)، ويندي مشھورطبلي نواز استاد احمد جان ٿرڪِوا تائين ھن وٽ سڀني جو خزانو ھو. سنڌيءَ ۾ ھوئن ته ھنن کي سڀ ڪلاسيڪي راڳي پسند ھئا، پر استاد منظور علي خان سان خاص لڳاءُ ھئن. سندن ڪلام موبائل فون ۾ رڪارڊ ڪيا ھوائون ۽ اڪثر ٻڌندا رھندا ھئا. ھنن کي راڳ ۽ راڳڻين جي سڃاڻپ ۽ پرک ھئي ۽ ٻڌائيدا ھا ته ڪھڙو راڳ ڪھڙي وقت تي ڳائبو آھي. ڀيروي ۽ راڳُ مالڪونس پسنديده راڳ ھئن.

    خالد نه رڳو راڳ ٻڌو، پر انکي ھمٿايو. سنڌ ۾ ڪيترائي راڳي آھن جن کي خالد صاحب ھمٿايو، ھنن جون لاءِ خاص محفلون منعقد ڪري، ھنن جي پذيرائي ڪئي. اھڙن ئي راڳين ۾ گلشن حديد ۾ رھندڙ سنڌ جو مشھور راڳي حنيف لاشاري پڻ شامل آھي. اھڙيءَ طرح مظھر حسين، تعزيتي رجسٽر ۾ لکي ٿو ته ھو، ”خوشنصيب ھو جو ھن کي خالد صاحب جي خاص محبت نصيب ٿي‟ (3). خالد صاحب موسيقيءِ جي محفلن جو مور ھوندو ھو. فنڪار پاڻ کي خوشنصيب سمجھندا ھئا، جيڪڏھن سندن محفلن ۾ خالد صاحب جھڙو راڳ کي سمجھڻ، پرکڻ، ٻڌڻ ۽ داد ڏيڻ وارو ھجي. سندس پنھن جو گھر پڻ راڳ رنگ جي محفلن جو مرڪز ھوندو ھو، جتي پراڻا توڙي نوان فنڪار پنھن جي فن جو مظاھرو ۽ داد وصول ڪندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو راڳ جي دنيا جا رھواسي ۽ ٻيا دوست يار کيس اڪبر بادشاھ چوندا هئا، جنھن جي دربار ۾ راڳ پلبو ھو. حنيف لاشاري تعزيتي رجسٽر ۾ پاڻ کي فخر سان ھن دؤر جي اڪبر بادشاھ (خالد) جودرٻاري راڳي سڏي ٿو. انور پيرزادي کيس، ’سنڌ جو راءِ ڏياچ‛ جو لقب ڏنو ھو. مظھر حسين چوي ٿو ته، “مخدوم صاحب جي وڃڻ سان اسان جي راڳ کي وڏو ڌڪ لڳو آھي.‟ سو سنڌ جي ھن دؤر جو راءِ ڏياچ به راڳ جي دنيا کي ويران ڪري ويو خالد صاحب ھڪ ڀرپور زندگي گذاري. زندگيءَ جي ھيٺ مٿاهين ھوندي، ھن زندگي پنھن جي نموني ۽ پنھن جن شرطن تي گذاري. جيڪي ڪجھ ڪرڻ گھريائين، سو ڪيائين. ان لاءِ ڪنھن جي به پرواھ نه ڪيائين. ھن پاڻ ڪنھن کان به ڪجھ نه ورتو، نه ڪا فرمائش ڪئي، ھميشه ڏنو، ۽ جنھن گھريو تنھن کي ڏنو. ھو شاھ سائينءَ جو جکرو ھو، جنھن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا:

    جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا مِڙيئيِ مَلَ
    سَمي جي سُهاڳَ جيِ، ڪَنهيِن نَه پَوي ڪَلَ،
    مِٽيِ انَ مُرسَلَ، اَصَلُ هُئيِ ايتريِ.

    (ليکڪا خالد حسين مخدوم جي ڀيڻ آهي. پاڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻ به رهي آهي )
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو