سنڌ جي اڪير

سنڌ جي اڪير
_______________

مايوس ڪڏهن ڪين ٿيڻو آ
هي پنڌاڳي ئي هلڻو آ
ڇو پير پساريون او پيرا
دشمن ديس کي دسڻو آ
ماريءَ کي اچ مات ڪيون
قوم سڄي کي اٿڻو آ
دوله منهنجي ديس جا دودا
وک ورائي ورڻو آ
نينهن نسورو سنڌ امڙ آ
پيار انهيءَ ۾ پچڻو آ
سنڌ اسان جي ديس پيارو
گفتو سڀ کي چوڻو آ
سنڌ سلامت جيءُ سلامت
هي اونو سڀ کي رکڻو آ
او دشمن ويري تون ته مري وئين
هٿيار اڀو هاڻي ڪرڻو آ

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top