• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي محبت موهيو

تنهنجي محبت موهيو
___________________________

تنهنجي محبت موهيو من کي تنهنجي سڪ آهي سرير
تون وڻي مون پيار ۾ ٻي ڪنهن جا نه ٿيا آهيون اسير

تون آن نرمل ناز سان تو نهوڙيو نينهن منهنجو
تنهنجي عشق اوتيو اڄ جو ٿي وڌي وڻ هي اڪير

تون ته آهين جوت جلوو تون ته سسئي سور آن
تو لئه بره بيقرار تو لئه وهن ٿا منهنجا نير

تنهنجي تابش عشق آتش باهيو ٻاريون بره ۾
هي ڀنل هن نيڻ تو لئه هون سدان تنهنجا فقير

تون رڳو آن راح من جي محبتن جي ملڪ جي
تو ڏي وڌي ٿي وک واهر منزلن جا اي امير

ڀاڳ پنهنجا ڀائيان ڀاڪرن ۾ جي رهين
ساعتون سڀ سک هونديون باد صبا ڄڻ آهي هير


____________________
رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top