محمد خان سيال
سينيئر رڪن
منهنجو ڪمپيوٽر سِلو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ جام ٿيڻ به شروع ٿي ويو آهي ـ ونڊو 7 الٽيميٽ، 2007 لڳل آهي ۽ برائوزر ڪروم ۽ فائر فاڪس آهن پر مان گھڻو ڪري ڪروم ڪتب آڻيندو آهيان ـ نئين ونڊو 5 مهينا اڳ لڳرائي هئم ـ روزانو 3 يا 4 ڀيرا ڪلين ڪرڻ لاءِ ايڊوانسڊ سسٽم ڪيئر کان علاوهه جيٽ ڪلين به هلائيندو رهندو آهيان جڏهن ته ايَ ڊبليو ڊي ڪليئرنس هر ٻئي ٽئين ڏينهن هلائيندو آهيان ـ ڊسڪ ڪليئرنس ۽ ڊي فريمينٽيشن به ڪندو رهندو آهيان پر ان جي باوجود ڪمپوٽر مسئلو ڪري ٿو ـ دوست ڪو حل ٻڌائيندا ته سندن مهرباني ٿيندي ـ