پاڪستان جا لوڪ رقص

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG] پاڪستان پراڻي ۽ مختلف ثقافتي روايتن سان ڀرپور ملڪ آهي، هتي شروع کان ئي فنون لطيفه ماڻهن ۾ تمام گھڻو مقبول آهي. اداڪاري هجي، شاعري، مصوري، مجسمه سازي يا موسيقي. پر هڪ صنف اهڙي آهي جنهن ۾ پاڪستان کي ٻين ملڪن تي سرسي حاصل آهي. اها آهي جسم جي شاعري يعني ناچ، رقص. پاڪستان ۾ رقص جا مختلف لوڪ انداز صدين کان رائج آهن.

    هتي هر صوبي ۾ خوشي ملهائڻ لاءِ مختلف اندازن جي رقص جو سهارو ورتو ويندو آهي، پوءِ اهو ٻار جي پيدائش جو موقعو هجي يا شادي جي خوشي يا وري ڪا ٻي تقريب. هر موقعي کي ملهائڻ ۾ مقامي روايتن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو هر صوبي ۾ هڪ نه ڪيترن ئي قسمن جا لوڪ رقص مقبول ۽ مشهور آهن ۽ اهي به هڪٻئي کان تمام گھڻا مختلف پڻ آهن.

    سنڌ جا لوڪ رقص

    سنڌ جا لوڪ رقص ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آهن، هتي سنڌ جا ٻه مشهور لوڪ رقص پيش ڪجن ٿا.

    هو جمالو

    سنڌ جو مشهور ترين لوڪ رقص هو جمالو ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور آهي. حقيقت ۾ هو جمالو هڪ سنڌي لوڪ گيت آهي. هي قديم سنڌي لوڪ گيت عام طور تي ڪنهن به پروگرام جي آخر ۾ ڪيو ويندو آهي. هو جمالو گيت تي رقص به ان جي مخصوص ڌُن تي ڪيو ويندو آهي ان ڪري هن رقص جو نالو به ”هو جمالو“ آهي. هي لوڪ گيت توڙي ان تي ٿيندڙ ناچ سنڌ جي لوڪ ليجنڊز جي ترجماني پڻ ڪندو آهي، عام طور تي هي رقص خوشي ۽ جشن جي موقعن تي ڪيو ويندو آهي جن ۾ شادين ۽ ڪنهن ڪاميابي جي موقعي تي خاص طور تي هي رقص ڪيو ويندو آهي.

    ڏند ڪٿائن موجب هو جمالو گيت ۾ 18 هين صديءَ جي سنڌي مجاهد جمال جي ڪهاڻي بيان ڪئي ويندي آهي جنهن پنهنجي ڌرتي ماتا جي حفاظت ڪندي ان کي پرڏيهي حملي کان بچايو هو. هي گيت ڳائيندڙ ان جي هر جملي ۾ ”هو جمالو“ جو نعرو هڻندو آهي جنهن دوران گيت تي نچندڙ ڳائڻ واري جي چوڌاري جھومندي نظر ايندا آهن. هي سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول رقص آهي، اڪثر ڪري اوطاقن ۾ ويٺل نوجوان بنا موسيقي جي به رڳو ”هو جمالو“ جا نعرا هڻي نچڻ لڳندا آهن. هي رقص جيترو مقبول ۽ وڻندڙ آهي اوترو ئي آسان به آهي، اهو ئي سبب آهي جو ننڍو توڙي وڏو هن رقص تي ڀرپور نموني پرفارم ڪندو آهي. ”هو جمالو“ گيت تي شروع ۾ ميوزڪ آهستي وڄندو آهي پر جيئن جيئن اُن جو مزو اچڻ لڳندو آهي ته موسيقي تيز ٿيندي ويندي آهي. جڏهن به جتي به ماڻهو هي لوڪ گيت ٻڌندا ۽ ان تي رقص ڏسندا آهن ته انهن تي ان جو نشو چڙهي ويندو آهي. سنڌي ٻولي جو هي رقص ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي به تمام گھڻو پسند آهي.

    ڌمال

    ڌمال اڪثر صوفي بزرگن جي درگاهن تي ٿيندڙ رقص آهي جيڪو انتهائي مستي واري حالت ۾ ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ حضرت قلندر لال شهباز جي مزار تي هي رقص باقاعدگي سان تقريبن روزانو ڪيو ويندو آهي ۽ هي رقص قلندر جي ڌمال جي نالي سان به مشهور آهي. چيو ويندو آهي ته جڏهن ڌمال هڻندڙ شخص پنهنجي اندر جا سمورا ڏک سور ڪڍي ڇڏيندو آهي ته هو خوشيءَ ۾ مست ٿي ويندو آهي ۽ ڏسڻ واري کي لڳندو آهي ته رقص ڪندڙ هاڻي ڪنهن ٻي دنيا ۾ پهچي چڪو آهي. ڌمال رقص قلندر جي مزار کانسواءِ منگھي پير جي مزار تي عرس جي موقعي تي به ڪيو ويندو آهي، ان موقعي تي شيدي برادري جا ماڻهو منفرد انداز سان ڌمال وجھندا آهن، جيڪي جلوس جي صورت ۾ مدهوشي واري عالم ۾ نچندا آهن. هن رقص دوران پير اگھاڙا ڪيا ويندا آهن، منگھي پير جي مزار تي ٿيندڙ ڌمال مختلف آفريقي طرز جي ڌنن تي ڪيو ويندو آهي ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ نچندا ۽ ڳائيندا مزار تي پهچندا آهن .



    پنجاب جا لوڪ رقص

    ڀنگڙا ڊانس

    هي سڄي پاڪستان ۾ عام رقص آهي جنهن جي شروعات پنجاب مان ٿي پر هاڻي هي سڄي ملڪ ۾ مقبول آهي، جنهن جي تاريخ به ڪافي پراڻي آهي. ڀنگڙا ناچ يا ڀنگڙا رقص جي شروعات وچ اتر پنجاب ۾ هارين جي ميلا ملهائڻ کان ٿي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هي پاڪستان ۽ هندستان ۾ عام ٿي ويو، پر ان کي ڀنگڙا جو نالو 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڏنو ويو. نوي واري ڏهاڪي ۾ هن ۾ اولهه جو رقص مڪس ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن ناچ وڌيڪ مقبوليت ماڻي ورتي ۽ ڪيترائي رڪارڊ ٺاهيا.

    لُڊي

    پنجاب ۾ شادين جي موقعي تي لُڊي ناچ جو مزو نه هجي ته شادي تمام سادي لڳندي آهي. هن رقص ۾ هر عمر جا ماڻهو حصو وٺندي نظر ايندا آهن ۽ اهو اڄ جو نه پر صديون پراڻو رقص آهي، جنهن جي مقبوليت اڄ به گھٽجي ناهي سگھي. لُڊي ڊانس جي شروعات سڀ کان پهريان راندين جي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد رانديگرن پاران خوشي ملهائڻ جي انداز سان ٿي. بعد ۾ هي رقص شادي تقريبن جو حصو بڻجي ويو، جيڪو هاڻي شادي وهانءُ جي تقريبن جو لازمي حصو بڻجي ويو آهي.

    سمي ڊانس

    رقص جو هي شاهڪار قسم پوٺوهار واري علائقي مان شروع ٿي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پهتو. ناچ جو هي نمونو بنيادي طور تي پنجاب جي قبائلي برادرين جو روايتي ڊانس هو، جنهن کي پنجابي فلمن مقبول ۽ مشهور ڪرڻ ۾ ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو. هي رقص ڏيکاريندڙ فنڪار چمڪيلا ڪُرتا يا لهنگا پائي رقص ڪندا آهن. هي هڪ خاص جاءِ تي ڪيو ويندو آهي.

    گِڌا ڊانس

    پنجاب جو هي لوڪ رقص ڀنگڙا ڊانس جو ٻيو روپ چورائي ٿو، ڇاڪاڻ جو هي ڊانس انتهائي پرجوش رقص آهي جيڪو ماضي ۾ گھنٽيون وڄائي ڪيو ويندو هو پر ان ۾ توانائي تمام گھڻي نظر انيدي آهي ۽ عام طور تي ان کي تمام خاص موقعن تي ئي ڪيو ويندو آهي. هن رقص تي پرفارم ڪندڙن جو جوش عام طور تي تاڙين جي آواز سان گڏ تيز ٿيندو ويندو آهي، جنهن سان گڏ دُهل به تيز تيز وڄندو آهي.

    بلوچستان جا لوڪ رقص

    ليوا

    بلوچن جي رقص ۾ ليوا تمام گھڻو مشهور ۽ مقبول رقص آهي. ليوا رقص عام طور تي شادين جي موقعن تي ماڻهن پاران خوشي جي اظهار طور ڪيو ويندو آهي پر هي رقص ٻين خوشين جي موقعن تي به ڪيو ويندو آهي. هن رقص ۾ ماڻهو بي اختيار جھومندي پرجوش نظر ايندا آهن. بلوچ معاشري ۾ ليوا رقص کي تمام گھڻي اهميت ڏني ويند آهي ۽ هن کي بلوچ قومن جو ثقافتي ورثو سمجھيو ويندو آهي. هن رقص ۾ حصو وٺندڙ ماڻهو دُهل واري جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي نچندا آهن. عام طور تي هن رقص ۾ شرنائي ۽ دُهل ئي استعمال ٿيندو آهي. هي رقص ڪندڙ تمام گھڻا مدهوش ٿي ويندا آهن، آهستي آهستي شروع ٿيندڙ ليوا ڊانس جي آخر ۾ ساز تيز ٿي ويندا آهن، جيڪو عمل ماڻهن کي وڻندو آهي. ليوا ڊانس نه رڳو بلوچن ۾ پر ملڪ جي سمورن ماڻهن ۾ پسند ڪيو ويندو آهي.

    چاپ

    چاپ بلوچي ٻولي ۾ تاڙيءَ کي چئبو آهي. چاپ ڊانس شادي جي موقعي تي ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ نوجوان تاڙين تي نچندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن جو نالو ئي چاپ يعني ”تاڙي يا تاڙيون“ آهي. هن ناچ ۾ هڪ قدم اڳتي وڌي ۽ وري پوئتي هٽي ڪري تاڙي وڄائي جسم کي منفرد انداز ۾ حرڪت ڏني ويندي آهي جنهن سان ڏسندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو آهي. هي رقص مرد گروپ جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ دُهل جي ٿاپ تي پنهنجي پيرن، ڪنڌ ۽ مٿي کي رقص جي رڌم ۾ حرڪت ڏيندا آهن. ڪجھه موقعن تي عورتون به هي رقص ڪنديون آهن پر صرف دائري جي صورت ۾ تاڙي وڄائي پرفارم ڪنديون آهن.

    جھومر

    جھومر يا جھُمِر نالي سان ئي پتو پوي ٿو ته هي رقص ڪيڏو نه دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو. سرائيڪي رقص سمجھيو ويندڙ جھومر ناچ بلوچستان ۾ تمام گھڻو مقبول آهي ۽ هي شادين ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڪيو ويندو آهي. هن جو انداز ايترو ته منفرد ۽ وڻندڙ آهي جو خوشين جي لمحن کي يادگار بڻائي ڇڏي ٿو. چيو ويندو آهي ته جنهن شادي يا خوشي ۾ جھومر نه هجي ته اها خوشي مزو نه ڏيندي آهي. جھومر دوران جسم جو هر حصو حرڪت ڪندو آهي. پير ۽ ڄنگھون هڪ ترتيب سان حرڪت ڪنديون آهن، مٿو ۽ ڪنڌ جسم سان گڏ گردش ۾ اچي وڃي ٿو ۽ گڏ .ئي ساهه جي رواني به معمول کان تيز ٿي ويندي آهي.



    خيبرپختونخها جا لوڪ رقص

    اُٽڻ

    هي اهڙو رقص آهي جيڪو افغانستان ۽ پاڪستان جي پشتون علائقن ۾ عام آهي. هي رقص پٺاڻن ۽ افغانين ۾ جنگ ۽ خوشي ٻنهي موقعن تي ڪيو ويندو آهي، هي رقص کليل آسمان هيٺ ٿيندو آهي. موسيقي جي ڌُن جيڪا دُهل ۽ بانسري تي ترتيب ڏني ويندي آهي، هن رقص لاءِ ضروري سمجهي ويندي آهي. هڪ وڏي دائري جي شڪل ۾ ڪيترائي ماڻهو گڏجي دُهل جي ڌڪ ڌڪ تي هڪ ئي طرح سان نچندا رهندا آهن ۽ ان دائري جي چوڌاري گھمندا آهن. هي رقص شروع ۾ سست رفتاري سان ٿيندو آهي پر جئين جيئن وقت گذرندو ويندو آهي ته رفتار به وڌندي ويندي آهي. عام طور تي هڪ ئي ڌُن تي هي رقص 5 کان 25 منٽن تائين جاري رهندو آهي. مختلف پٺاڻ قبيلن ۾ اُٽڻ رقص جا ڪيترائي قسم رائج آهن. جنگ ۽ امن جي زماني ۾ فرق ظاهر ڪرڻ لاءِ به هن رقص ۾ ڪيترائي قسم ۽ طريقا رائج آهن. امن جي زماني ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي مختلف موقعن جهڙوڪه شادي، مڱڻو، کٽڻ جي خوشي، راند، آزادي، فصل جو لابارو، بهار جي آمد جي موقعن لاءِ هن رقص جا ڌار ڌار قبائلي طريقا مقرر ڪيل آهن.

    خٽڪ ڊانس

    تلوارن سان رڳو جنگون وڙهيون وينديون آهن، پر پٺاڻن ۾ تلوارن سان ناچ به ڪيو ويندو آهي. تلوارن تي انتهائي تيز رفتاري سان ٿيندڙ هي خٽڪ ڊانس سڄي ملڪ ۾ تمام گھڻو مقبول ۽ مشهور آهي. هن رقص جو اهتمام عوامي ميڙاڪن ۾ ڪيو ويندو هو پر هاڻوڪين حالتن جي ڪري هي رقص هاڻي رڳو خاص موقعن تي ئي ڪيو ويندو آهي. تقريبن هر قبيلي جو پنهنجو رقص هوندو آهي پر خٽڪ ڊانس کي ٻين قبيلن جي رقص کان وڌيڪ ترقي ملي آهي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته نه رڳو ڪنهن خوشي جي موقعي تي پر ڪنهن تهوار يا وري پرڏيهي سفارتڪارن جي اچڻ وقت خٽڪ ڊانس لازمي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻي ته هن کي قومي ڊانس جي حيثيت ملي چڪي آهي.

    خٽڪ ڊانس ۾ خٽڪ قبيلي جي ماڻهن کي عبور حاصل آهي. تلوارن سان ڊانس ڪرڻ ڪنهن به وقت خطري کان خالي ناهي هوندو پر خٽڪ قبيلي جا نوجوان هي ڊانس ڪندي ڪو به خوف يا خطرو محسوس نه ڪندا آهن. خٽڪ ڊانس ۾ عام طور تي 12 اسٽيپ هوندا آهن ۽ پهرئين اسٽپ ۾ ڊانسر هڪ گول دائري ۾ گڏ ٿيندا آهن ان وقت موسيقي جي رفتار ٿوري آهستي هوندي آهي پر پوءِ ان ۾ تيزي اچي ويندي آهي. جڏهن دائرو مڪمل ٿي ويندو آهي ته موسيقي تيز ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ تيز موسيقي سان خٽڪ ڊانس شروع ٿي ويندو آهي جنهن جو پنهنجو هڪ لطف هوندو آهي. خٽڪ ڊانس جا 3 قسم هوندا آهن جنهن ۾ شاهه ڊوله، ڀنگڙا ۽ بلبله شامل آهن.

    چترالي ناچ

    هن قسم جي ناچ جي نالي مان ئي خبر پوي ٿي ته هي چترال واري علائقي جو رقص آهي. هي رقص خيبرپختونخوا سان گڏ گلگت بلتستان ۾ تمام گھڻو ڪيو ويندو، جنهن ۾ رقص ڪندڙ سمورا ماڻهو هڪٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي دائري ۾ نچندا آهن ۽ عام طور تي هي رقص خوشي جي موقعي تي ڪيو ويندو آهي ۽ وڏي دُهل جي ٿاپ تي ناچ ڪيو ويندو آهي. بنيادي طور تي هي ڪيلاش وادي جي ثقافت جو حصو آهي جيڪو بعد ۾ گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف حصن ۾ پهتو.
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين جهُمر سنڌ جي رقص ۾ به ته آهي اڪثر شادين مرادين تي اسان دُهل جي ڏونڪي ۽ بِين ۽ شرنا تي اسان سنڌي به جهمر هڻندا آهيون..
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    پهريان ايئن هيو ته هر قوم پنهنجو مخصوص رقص ڪندي هئي پر هاڻ اڪثر ملي ويا آهن
    ڪجهه بلوچي رقص اسان سنڌي بلوچن ۾ به ڏسندا رهندا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو