سيارو ۽ شاديون .

'مختلف موضوع' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2015۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڀرپور سياري اچڻ کان اڳ جينئن ئي ٿڌا مٺا ڏينهن شروع ٿين ٿا شادين جي موسم شروع ٿيو وڃي.سياري ۾ شادي جو فائدو جتي گھوٽ ڪنوار کي آهي اتي ڄڃ وارا به آساني محسوس ڪن ٿا.مرد ڪپڙا پسند ۽ رنگ ڍنگ جا پائي سگھن ٿا.عورتون دل کولي قيمتي ڳرا ريشمي وڳا پائي سگھن ٿيون ،وڏي ڳاله ته سندن ميڪ اپ به خراب نه ٿو ٿئي.تقريبا هر هفتي گھٽ ۾ گھٽ ٻن ٽن واسطيدارن وٽان يا دوستن طرفان دعوت ملي ٿي هتي ڪراچي ۾ به ۽ حيدرآباد ۾ به..سرندي وارا ته شادين کي منهن ڏيو ويٺا اهن سڀ کان وڌيڪ عذاب ۾ اسان جهڙا لوئر مڊل ڪلاس ماڻهو آهن.هڪ ته چونڊ ڪيون ته ڪٿي وڃون ڪٿي گسايون .ٻيو ته هر شادي ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڏيڻو ٿو پوي. دوستن جي شادي ۾ الله معاف ڪندو بي ايماني هلي ٿي وڃي (خالي لفافو بغير نالي جي مبارڪ سان گڏ)..ڀاڪر پائي نڪري اچ....پر سائين مائٽ !!!!!! توبه دروازي تي بندوقن سان گڏ لکڻ وارا ويهارين ٿا اتي فرار ناممڪن آهي.مرسون ڪي نه ڪرسون.بهرحال ڪوفت ڏاڍي ٿي ٿئي.جڏهن ويهاري بنڊ ٿا ڪڍن ڪڏهن گھوٽيتا ليٽ،ڪڏهن ڪنواريتا دير ڪن ...ڪڏهن ٻڌون ته ڪنوار اڃا بيوٽي پارلر تان نه موٽي آهي حالانڪ تيار ٿيڻ لاء منهجند 3 بجي کان ويل....گھوٽ ويچارو ته 15 منٽ اندر ڪپڙا، گول پٽڪو پائي تيار لڳو اسٽيج تي مسڪينن وانگر ويٺل نظر اچيو وڃي.ماڻهو ماني جي انتظار ۾ بي صبرا ۽ بيزار نظر ايندا.ڪينئن نڪاح پيو ڪينئن دعا ٿي ....اک رڳو مانيء ۾ ڪڏهن ٿو ڍڪ کلي.ماني جو ڍڪ کليو.ماڻهن ۾ ڀاڄ قيامت صغرا ٻار لتڙ ۾ اچيو وڃن پوڙها ٿالهيون کنيون گھمندا وتن ...ڪٿان وٿي نه ملي .ٿاله کڻي ايندڙن جا ٿاله وچ ۾ خالي ٿيو وڃن.وڏي چمچي تي جنهن قبضو ڪيو تنهن کان ڇڏائڻ مشڪل جيستائين پنهنجي ٿالهي کي هماليه جيڏو اوچو نه ڪري حرام آهي چمچو ڦٽي ڪري.پوء هٿ سان ماني ڪڍڻ شروع ڪن ...ڪڪڙ پيس هٿن ۾ ڪپڙا ڪنا...چٽڻيون چت،رائتو ميزن تي هاريل ،سلاد پٽ تي ڪريل..پوء وري مٺي sweet تي مار...الامان والحفيظ......هڪڙي شاديء ۾ ڪشميري بادام پستن واري چانه رکيائون ...هاڻي ڊرم هڪڙو معني چانه اوتڻ واري نلڪي هڪڙي....ماڻهو وٺي ڀڳا...”کون جيتا هے تیری زلف کے سر ہونے تک“ ڪیر صبر ڪری سائين مٿيون ڍڪ کولي سڌو گرم چانهن ڀرڻ شروع ڪيائون...مونکي گھوٽيتو دوست وٺي ويو ته هل جھونا چانه پيون گرم ٿيون... شرمسار موٽي آئيو.
    هن سڄي ڳاله جو ڳت هي آهي ته هونئن ته اسين وڏيون ڳالهيون دعوي ڪندڙ، پنهنجي دين ۽ تهذيب تي فخر ڪندڙ ...پر ٻيلي طور طريقن Manners آدابن کان بلڪل وانجھيل آهيون اسان جو تهذيبي ورثو ۽ ديني طريقو دسترخوان تي ويهي کائڻ جو آهي..ڇا ڪا اصلاح احوال جي گنجائش آهي ؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ڪنهن به اصلاح جي گنجائش ناهي ، سچ ۽ حقيقت کي بيان ڪيو اٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو