• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسجد ۾ مندر ۾ ٻري هڪ ڏيئو

ادا ضروري آهي ته وضاحتون به ڪريو اهي فقير ڪهري مام ۾ ڳالھ ڪري ويا جي ڳالھ سمجه ۾ آئي آهي ته ان جي وضاحت به ڪريو ۽ لکو ب پر جي مون وانگي سمجھ ۾ ناهي آئي ته ائين نه ڪيو جو اسان جهڙا ماڻهون پريشان ٿيندا وتن يا ڪنهن بزرگ کان بدزن ٿي پون
وسلام
 
سائين دين ڌرم ۾ڪجه ڌريون ڳاله سمجه کان مٿاهين ڪري ٿا وڃن جن جو هن عقل سليم سان ڪو واستو ئي نه آهي ...جڏهن ته واضع نموني فرق آ انسان هڪ ئي آ پرڪو الله کي هڪ ڪري مڃي ٿو ڪو بت پرست آ ...ٻئي هڪ جهڙا نه آهن قرآن خود فرمائي ٿو ته توهان مان اهي ڀلا آهن جيڪي ڏينهن قيامت تي ايمان آڻين ٿا ۽ الله کي هڪ ڪري مڃين ٿا ڪو الله جو فرمانبدار آ ڪو نافرمان آ ...مسلمان کي هڪ خدا جي عبادت ڪرڻي آ اهو مسلمان آ ۽ هو هندو غير مسلم جيڪو بتن جي پوڄا ڪري ٿو اهو ڪيئن برابر ٿيا مسجد ۾ الله جي عبادت ڪجي ٿي ۽ مندر ۾ بت رکيل آهن جن جي هو پوڄا ٿو ڪري دين ڌرم الڳ الڳ شيءِ آهن سو سمجهڻ جي اشد ضرورت آ ......مسجد الڳ مندر الڳ آ ڪليسا الڳ آ گردوارو الڳ آ ......سڀ کان عظيم مذهب اسلام ۽ سڀ کان ڀلي عبادت جي جاءِ مسجد آ.........جيڪو سچ آ حق آ باقي سڀ باتل آ
 
ادا ٿهيم صاحب اوهان کي وضاحت ڪرڻ گهرجي سٺي ڳالھ آهي اسان به مڃون ٿا ته سائين روحيل فقير ڳالھ صحيح ڪئي آهي پر اسان جي سمجھ کان مٿانهين آهي اوهان کي مهرباني آهي ته اوهان هن ونڊ جي شرح ڪريو ته مهرباني ٿيندي سائين دائود پوٽه صاحب جا سوال پنهنجي جاءِ تي سچا آهن هي ٻولي به شايد صحيح آهي پر جي وضاحت ٿي وڃي ته بهتر رهندو.
وسلام
 
سائين توهان بلڪل سهي چئو آ
پر هن شعر جي وضاحت ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي پر جيڪي منهجي علم ۾ آهي ۽ منهنجن استادن جيڪو مون کي سمجهيو آ سو توهان سان سئر ڪريان ٿو.......

هت روحل فقير چئي ٿو ته جڏهن مسجد ۽ مندر ۾ هڪ ئي ڏيو ٻري ٿو
ڏئي مان مطلب عبادت مسجد ۽ مندر ۾ هڪ خدا جي سارا ٿيندي آهي يا عبادت ٿيندي آهي
اسان الله پاڪ کي سارائيندا آهيون ته هندو وري پنهنجي خدا کي سارائندا آهن
ڇو جو عبادت ڪرڻ اسان تي فرض آهي
۽ جڏهن اسلام اسان کي خدا طرفان مليو پو ڪفر ته اسان جو پنهنجو بنايو ويو آه .........هن هن کي ٿا چئون ته تون حق تي ڪونه آهين تون غلط ڪري رهيو آهين . تون ڪافر تون فلاڻو ڪم ڪيو سو ڪفر ڪيو
پر خدا پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرما.و آهي ته ...توهان کي ڪو حق ڪو نه آه ڪنهن کي برو يا ڀلو چوڻ جو هي حق مون خدا زات کي آهي
جنهن کي چاهيان عزت ڏيان جنهن کي چاهيان زلت ڏيان
 
ادا سُٺي ڳالھ آهي اوهان جيڪو سمجيو آهي اهو به صحيح آهي اوهان جي نقتهءِ نظر تائين اسان کي ڪنهنجي ذات سان ڪو تضاد ڪونهي چاهي روحيل فقير هجي لطيف سرڪار هجي يا ڪو قلندر هجي اسان لاءِ حجت رسول اڪرم جي ذات گرامي قرآن آهي اهو شعر جنهن چيو آهي ان ڪهڙي ڪانسٽيسٽ ۾ چيو آهي اهو اڃان عليحده موضوع آهي اسان اوهان ان شعر جي جيڪا به معنيى ڪڍندا سين اهو اسان جو مطلب هوندو نه ڪه روحيل فقير جو روحيل فقير ڇا سامهون رکي اها ڳالھ ڪئي آهي اهو اهو ماڻهون سمجهي سگهي ٿو جيڪو نفس شناس هجي جنهن جي نفس جي بُلندي به روحيل فقير جيان هجي يا ان کان بهتر هجي يا ان جيتري ان جي به ارتقائي منزل هجي. ڀلي ڳالھ آهي اوهان وضاحت ڪئي ان ۾ به اسان کي ڪا قباحت ناهي الله اوهان کي خوش رکي منهنجا ادا.
وسلام
 
Back
Top