محمد عثمان سومروتاريخ ساز شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]محمد حسن سومرو

    (1902 کان 1970)

    سردار محمد عثمان سومرو ضلعي ٺٽي جي سومرا قبيلي جي خاندان متوءَ پوٽي مان هو. پاڻ 7 فيبروري 1902ع مطابق 28 شوال 1319هه تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم سومرو لڳ ٺٽو ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم لاءِ ٽي درجا مس ئي پڙهيو ته سندس والد وڏيرو محمد خان سومرو 1919ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن سبب سردار صاحب پنهنجي تعليم جاري نه رکي سگهيو. سردار صاحب ٻاروتڻ کان وٺي اصول پرست ۽ باضمير ماڻهو هو. 1921ع ۾ هن تعلقي لوڪل بورڊ ٺٽو جي ميمبر چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 1925ع کان 1928ع تائين تعلقي ٺٽي جو مئجسٽريٽ ٿي رهيو. 1928ع ۾ سردار واحد بخش ڀٽو تي هڪ عورت نالي خانزادي کي غائب ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيو. جنهن ۾ سردار واحد بخش ڀٽو سان گڏ سردار محمد عثمان سومرو کي به نامزد ڪيو ويو. پوليس جي ڪوشش هئي ته سردار محمد عثمان کي سردار واحد بخش تي سرڪاري شاهد بنايو وڃي. پر انهن کي ناڪامي نصيب ٿي. 1930ع ۾ ٻئي سردار انهيءَ ڪيس مان باعزت بري ٿيا. 1932۾ سردار محمد عثمان سومرو بنا مقابلي تعلقه لوڪل بورڊ ٺٽو جو صدر چونڊجي ويو، جيڪو 1935ع تائين انهيءَ عهدي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

    سردار محمد عثمان سومرو جا گهاٽا دوست سردار واحد بخش ڀٽو، شهيد الهه بخش سومرو، سر شاهنواز ڀٽو، مير جعفر خان جمالي، رئيس امام بخش خان ڳاهو، وڏيرو ملهه پالاري ۽ وڏيرو ڀوٽو خان درس اڪثر ميل جول ۾ رهندا هئا.

    سردار محمد عثمان سومرو سياست سان گڏوگڏ تعليمي سرگرمين ۾ پڻ اڳيان اڳيان هو. 1936 کان 1940ع تائين ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر به رهيو. 18 اپريل 1932ع ۾ سرشاهنواز ڀٽو جي صدارت ۾ ” سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي“ ٺاهي ويئي. جنهن ۾ سردار محمد عثمان سومري کي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بنايو ويو ۽ گڏوگڏ ڪراچي ٻهراڙي جي ضلع ورڪنگ ڪميٽي جو سربراھ بنايو ويو. ان کان پوءِ سر شاهنواز ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ ٺاهي ويئي ته ان ۾ به سردار محمد عثمان کي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 27 اپريل 1937ع تي پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. سنڌ اندر جڏهن سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت ٺهي ته سردار صاحب شهيد الله بخش سومرو سان گڏ مخالف ڌر ۾ ويٺو. 23 مارچ 1938ع تي سنڌ اندر شهيد الله بخش سومرو حڪومت ٺاهي ته سردار محمد عثمان سومرو به هن سان گڏ هو. 1939ع کان 1942ع تائين سردار محمد عثمان ضلع لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين رهيو. 18 مارچ 1940ع ۾ جڏهن مير بنده علي ٽالپر حڪومت ٺاهي ته هڪ دفعو وري سردار صاحب شهيد الله بخش سومرو سان گڏ مخالف ڌر ۾ ويٺو. 7 مئي 1940ع تي شهيد الله بخش سومرو جي اڳواڻي ۾ ”سنڌ مسلم آزاد پارٽي“ ٺاهي ويئي ته پاڻ شهيد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ رهيو. 7 مارچ 1941ع تي شهيد الله بخش سنڌ جو وري وزيراعليٰ ٿي ويو. تنهن دور ۾ به سردار صاحب شهيد سان گڏ رهيو.

    1942 ۾ ڳوٺ سلمان سومرو ۾ پاڪستان جي سومرا قبيلي جي چڱن گڏجي سردار محمد عثمان سومري کي پڳ ٻڌائي کيس سومرا قبيلي جو ”قومي سردار“ بنايو، جنهن ۾ شڪارپور جي سومرن جو وڏو ڪردار هيو. جيڪو تسلسل اڃا تائين هلندو پيو اچي. سردار صاحب جي وفات کانپوءِ سندس وڏي فرزند سر حاجي محمد علي سومري کي پڳ ٻڌائي ويئي ۽ هن کان پوءِ سردار حاجي عبدالڪريم سومري کي پاڪستان جي سومرا قبيلي جو چيف سردار بنايو ويو ، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.

    03 مارچ 1943ع تي سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پاڪستان پيش ڪئي. جنهن تي سردار محمد عثمان سومري تقرير ڪندي سوال پڇيو ته جيڪڏهن پاڪستان ٺاهيو وڃي ٿو ته سنڌ جي پاڻي، ناڻي، فوج ۾ حصو ۽ ڌارين جي يلغار جي ضمانت ڪير ڏيندو؟ 1943ع ۾ محمد ايوب کهڙي کي شهيد الله بخش سومري جي قتل جي سازش ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو ته سردار صاحب شهيد سان دوستيءَ جو فرض نڀائيندي ايوب کهڙي تي شاهد تي بيٺو ۽ 5 آڪٽوبر 1951ع ۾ پاڻ ضمني اليڪشن ۾ ٺٽي مان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. سردار محمد عثمان سومري جو ڪردار هميشه مثالي رهيو. سنڌ جو بمبئي کان آزاديءَ وارو مطالبو هجي يا وري ون يونٽ، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ يا پاڪستان ۾ آمريت جو مسئلو هجي، پاڻ هميشه آمريت جي خلاف رهيو. 1964ع ۾ جڏهن محترمه فاطمه جناح ايوب خان جو صدارتي اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو ته پاڻ محترمه جي ڀرپور حمايت ڪيائين ۽ ٺٽي ۾ هڪ عاليشان جلسو به ڪرايائين. صدر ايوب خان جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ لاڏيون شهر ضلعو ٺٽو ۾ رئيس محمد يوسف چانڊئي طرفان صدر ايوب جي مان ۾ دعوت ڪئي ويئي، جنهن ۾ سردار صاحب کي به گهرايو ويو هو، اڳ اهڙن پروگرامن ۾ هميشه ڪرپٽ ڪامورا سردار صاحب کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر صدر صاحب جي خاص هدايتن تي سردار صاحب کي گهرايو ويو هو، ڇو ته صدر ايوب خان سردار صاحب جي تيز طبيعت ۽ حقيقت پسنديءَ کان واقف هو. بهرحال صدر ايوب خان شڪار جي شوق کان فارغ ٿي کلي ڪچهري ڪرائي. ان ڪچهريءَ جو موضوع هو.“ ضلعي ٺٽي مان ڏوھ ڪيئن ختم ڪرائجن ۽ هندستان مان ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ ذريعي ٿيندڙ اسمگلينگ کي ڪيئن روڪجي.“ ان کلي ڪچهريءَ ۾ وقت جي حاڪم کي چيائين ته جيڪڏهن ڏوھ بند ڪرائڻا آهن ته ٺٽو جي ڊي سي ۽ ايس پي 24ڪلاڪ جيل ۾ وجهو ان سان گڏ پنهنجي پٽ گوهر ايوب کي به جيل ۾ وجهو ته چوري، بدامني ۽ اسمگلينگ پاڻهي بند ٿي ويندا.

    انهيءَ ئي دور ۾ مڪليءَ کان هيٺ لهندي ٺٽي شهر طرف ورڊ جي ٻنهي پاسن کان جيڪي مذهبي جايون آهن. اوڀر طرف مندر ۽ اولهه طرف مسجد آهي. انتظاميا روڊ کي ويڪرو ڪرڻ لاءِ مسجد شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئي. شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي پيش امام مولوي محمد حسين اها دانهن کڻي سردار صاحب وٽ پهتو ته انتظاميا مندرکي بچائيندي مسجد کي شهيد ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو آهي. سردار صاحب مولوي سان گڏجي ان مسجد وٽ پهتو ته انتظاميا مسجد کي شهيد ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي هئي. پاڻ انتظاميا کي للڪاريندي چيائين ته آئون توهان کي مذهبي فرقيواريت جي اجازت نه ڏيندس. انتظاميا سردار صاحب جو اهڙو سخت لهجو ڏسي مسجد کي شهيد ڪرڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اها مسجد اڄ به صحيح سلامت اتي موجود آهي.

    1967ع شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ايوبي آمريت کي للڪاريندي ميدان ۾ لٿو ته سردار محمد عثمان هن جو ڀرپرو ساٿ ڏنو. 1967ع جي آخر ۾ پي پي پي ضلعي ٺٽو جو پهريون آرگنائيزر سردار صاحب کي چونڊيو ويو. پاڻ عمر جي آخر حصي تائين ضلعي جو آرگنائيزر رهيو.

    پاڻ 02 مئي 1970ع تي 68 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پونيئرن ۾ پنج پٽ سردار حاجي محمد علي سومرو، عبدالرحمان سومرو محمد خان سومرو، عبدالستار سومرو ۽ عبدالرحيم سومرو ڇڏيائين، جيڪي سڀ راڄوڻي سياسي سرگرمين ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان هئا. هن وقت سندس پوٽا سردار حاجي عبداڪريم سومرو (چيف سردار آف سومرا قبيلو)، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو (اڳوڻو صوبائي وزير سنڌ)، عبدالخالق سومرو (نائب صدر پ پ پ ضلعو ٺٽو)، عبدالحميد سومرو انجنيئر( صدر پ پ پ تعلقو ٺٽو) عبدالجبار سومرو (زميندار)، شاهجهان سومرو (سرگرم پي پي پي اڳواڻ) هينئر واري دور ۾ سردار صاحب جي سرگرمين جي تسلسل کي قائم رکيو اچن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هميشه جيان سهڻي ونڊ مهرباني ادا ، جاري رکندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ادا پسنديدگي لا مهرباني اوهان جي رهنمائي ۾ ضرور اڳتي وڌبو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو