وِک وِک تي اقرار : نالي واري شاعر مختيار سمي جي شخصيت ۽ شاعري تحرير: رياضت ٻرڙو سائين مختيار سمون هڪ ملنسار، محبتي مزاج رکندڙ، ماٺيڻائپ سان ڳالهائيندڙ، سلجهيل سوچ وارو، پڙهيل لکيل، علم ۽ ادب دوست هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ڄاتل سڃاتل استاد، سماجي اڳواڻ، ناليج سينٽر جو روح روان، سٺو مقرر ۽ نالي وارو ٻارڙن توڙي وڏن جو شاعر آهي، جيڪو پيار ڀرين داخلي ڪيفيتن تي سهڻا شعر لکڻ سوڌو سماج جي خرابين کي به پڌرو ڪندڙ شاعري ڪري ٿو. مختيار سمون هر لحاظ کان ان لائق آهي ته ساڻس مانائتي رهاڻ رچائي وڃي ۽ سندس خوبين کان عام توڙي خاص ماڻهن کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هو به اسان جي پٺتي پوندڙ معاشري ۾ مختيار سمي وانگر پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. مختيار احمد سمون ولد حڪيم يار محمد سمون 18 آگسٽ 1960ع تي، لاڙڪاڻي ضعلي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1986ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1991ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ علمي ۽ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد پڻ رکيو، جنهن جو هُو ڊائريڪٽر آهي. اهو ادارو هن وقت لاڙڪاڻي ۾ اهم ادارن ۾ شامل آهي. جڏهن ته انڊس اسڪول جو پڻ روح روان آهي. مختيار سمي 1974ع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سان شروعات ڪئي. سندس 400 کن اسم نثر ۽ نظم ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هن نثر ۾ ڪالم ۽ مضمون، ۽ شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم سرجيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”دنيا آهي گول“ (شاعري-1983ع)، ”ڌرتي روشن ٿيندي“ (شاعري-1990ع)، ”وفائون منتظر آهن“ (شاعري-1997ع) ۽ ”عورت: حق، حيثيت ۽ تشدد“ (ترتيب ڏنل مضمون-2008ع) شامل آهن. سندس تعلق سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ سان رهيو آهي جنهن جو هو سيڪريٽري به رهيو، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو پڻ هو ڪيترو وقت سرگرم سيڪريٽري رهيو آهي ۽ چائيلڊ رائيٽس ڪاميٽي لاڙڪاڻو سان پڻ سلهاڙيل آهي. ٻارن لاءِ سرجيل سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي ۽ دنيا جي مشهور يونيورسٽين بابت لکيل سندس مضمونن جو مجموعو پڻ سهيڙجي رهيو آهي. سائين مختيار سمي جي شاعريءَ جي ڳالهه ڪجي، ته شروعات، سندس جنهن خوبصورت اظهار واري، پَر تشويش ڏياريندڙ شعر سان ڪيان ٿو، اهو هي آهي: محبتن ۽ پيار جي ڏڪارَ جو شڪار ٿي، ڪٿي وڃي نه زندگي فرار جو شڪار ٿي. هي شعر نه صرف سنڌي سماج جي زندگيءَ بلڪ اهڙن سڀني سماجن جي معاشرت جي باري ۾ هڪ سڄاڻ ۽ سجاڳ شاعر جي انديشن کي ظاهر ڪري ٿو جتي پيار ۽ محبت جي اڻاٺ آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو ئي نڪرڻو آهي جو اتان زندگيءَ جهڙي بهترين وَٿ هميشه لاءِ هلي ويندي. اهڙن سماجن ۾ هي به شعر پوءِ سرجيا ويندا آهن: اُٿيون جڏهن به دل منجهان ڪي چاهتن جون خواهشون، مرِي ٿڏي تي ئي ويون ڌڪارَ جو شڪار ٿي. ڏسو ته خيالن جي ڪيڏي نه ترتيب آهي: محبتن ۽ پيار جو ڏڪار، جنهنڪري زندگيءَ جو فرار ۽ ان جو نتيجو وري چاهتن جي خواهشن جو ڌڪارَ سبب ڏکوئيندڙ موت. ساڳي غزل جو هي شعر به اهم آهي: نڪر تون ذات مان پرين، وڏو پو هِي جهان آ، ڪِري پيو آن کوهه ۾ قرار جو شڪار ٿي. هيءُ هڪ بهترين خيال وارو شعر آهي ۽ اهڙن ئي شعرن جي اسان کي هڪ متحرڪ قوم بڻجڻ لاءِ سخت ضرورت آهي. اهو اسان جو وڏو الميو آهي ته سنڌي قوم کي ذات پرستيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي، قبيلائي سوچ کي هٿي ڏني وئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ شخصيت پرستيءَ کي به همٿايو ويو آهي: هر ڪو ”مان“ ”مان“، ”مان ئي مان“ ڪندو ٿو وتي! مٿين شعر ۾ ”کوهه“ سان ”ذات“ جي ڀيٽ، شاعر جي مشاهدي کي نئين رخ ۾ پيش ڪري ٿي. تن جي ساري حياتي قبر ڄڻ هجي، جي رڳو ”مان“ ۽ ”مان جي اندر“ ٿا رهن. ان ئي حوالي سان مختيار سمي جو سرجيل هڪ ٻيو شعر به هتي ڏيان ٿو: خزان ۾ زرد پتي جيان ٽُٽي ٽاريءَ مان ڪِريو، محبت جو ڇني ناتو، ويو جو ذات ۾ گم ٿي. هن شعر ۾ پنهنجيءَ ذات، يعني شخصيت ۾ وڃائجي ويل فرد جي منطقي نتيجي جي نشاندهي ڪيل آهي، ۽ ايئن اوس ٿيڻو ئي آهي، جيستائين ڪِ اسان اجتماعي سوچ رکندڙ نه ٿا بڻجون. ان ئي گڏيل سوچ جي گهٽتائيءَ هيٺ مختيار سمي جو هي شعر به ڌيان ڇڪائي ٿو: تنگ ذهن جي خودغرضيءَ جي ڄڻ ته ڪهاڻي آهن، هن شهر جا هي سڀ رستا سوڙها ڳالهائن ٿا. شعر ۾ جيتوڻيڪ صرف شهر جي ڳالهه ڪيل آهي، پر هي شعر اسان جي ڳوٺن سان به لاڳاپيل آهي. شهر جي ڳالهه ان ڪري ڪيل آهي ڇو ته اُتي اڪثريت رهي ٿي، ۽ شهرَ جو دائرو ڳوٺ جي ڀيٽ ۾ گھڻو وڏو آهي. اسان ڏسون ٿا ته اسان جا شهر وڏا ٿيا آهن، چئني پاسن کان تيزيءَ سان وڌيا آهن ۽ اهو سلسلو مسلسل جاري آهي، پر شهر اندر، ان جي روڊن، رستن ۽ گھٽين سان اسان ڪهڙي ڪارِ ڪئي آهي، اها پڌري پٽ آهي: سِڌين گهٽين ۽ رستن تي قبضا ڪري، انهن کي اسان گندگيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جا شَي اسان جي تنگ ذهنيءَ ۽ ذاتي مفاد کي ظاهر ڪري ٿي. پر ڇا اهي ننڍا قبضا ئي اسان جو ذاتي مفاد آهن؟ هڪ طرف اسان پنهنجن وڏن شهرن جي سنڀال ڪري نه ٿا سگهون ۽ ٻي طرف پنهنجن گهرن ٻاهران گھٽين تي قبضا ڪيون پيا! شايد اهو ان ڪري به آهي، جو بقول مختيار سمي جي: ماڻهن جو رجحان بدلجي آهي ويو، ڳالهين جو عنوان بدلجي آهي ويو. رجحان ۽ ڳالهين جو بدلاءُ خراب ناهي جيڪڏهن اهو هاڪاري آهي، اڳتي نيندڙ آهي، پر هِتي ته ان رجحان ۽ ڳالهين جي بدلاوَ اسان کي وڏو نقصان ڏنو آهي. ان جو اظهار سندس مٿئين مطلع واري خوبصورت مسلسل غزل ۾ ڪيل آهي، جيڪو هتي ڏيان ٿو: گوليءَ جي ٻولي ٿو سڀ ڪو ڳالهائي، دردن جو درمان بدلجي آهي ويو. وحشت ۾ ويو حيوانن کان گوءِ کڻي، ڪيڏو ڏِس انسان بدلجي آهي ويو! پئسي گاڏي بنگلي پٺيان ڊوڙ لڳل آ، خوشين جو سامان بدلجي آهي ويو. ديپ جلايو پيار کي ڳوليو ڪاٿي آ، محبت جو امڪان بدلجي آهي ويو. ڪهڙو خوش ٿيون حال ته ساڳيو ئي آهي، بس رڳو سلطان بدلجي آهي ويو. خارجي حوالي سان اڃا هڪ ٻه شعر ڌيان ڇڪائن ٿا: سچ اڪيلو آهي دوست! ڪُوڙ ڪري ويو آهي گھيرو. ان صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا ڪوڙ جي گھيري ۾ گھيرجي سچ کي اڪيلو ئي ڇڏي ڏجي يا سچ ڳالهائڻ جي همت ڪجي؟ هر هڪ چوندو ته ”سچ ڳالهائڻ جي همت ڪرڻ گهرجي“ پر دل ۾ چوندو ته ”سچ ڪو ٻيو ماڻهو ڳالهائي“! ڇاڪاڻ ته سچ ڳالهائيندڙ کي تڪليفون سَهڻيون پونديون آهن، ماڻهن سامهون ٿِيڻو پوندو آهي. تڏهن به اڃا ڪِي آهن جيڪي سچ ڳالهائن ٿا، پر اهڙا به آهن جيڪي سچ ڳالهائي پڇتائن به ٿا، انهن لاءِ مختيار سمون چوي ٿو: نيٺ ته ڪاٺيءَ وانگر چُڀندو،ڪُوڙي جي اک ۾، سچ ڳالهائي ٿو پڇتائين، ڪيڏو سادو آن! يا هيءَ فيصلي ڪُن ۽ درست راءِ: سچ جي راهه کان جيڪي ڀٽڪي ويا، ڪو نه منزل پڳا دربدر ٿا رهن. هاڻي داخلي ڪيفيتن جي حوالي سان سرجيل سائين مختيار سمي جي شاعريءَ تي هڪ مٿاڇري نظر وجهون ٿا. دل چوندي آ سڀ ڪجهه توکي هن ڀيري چئي ڇڏبو، دل ۾ ليڪن هر ڀيري ڪجهه رهجي ويندو آ. جنهن کان وڇڙيو اهو ئي ٿو ڄاڻي، ڪيڏو آهي عذاب چهري جو! دُور دردن کان خوشيءَ کي ويجهڙو، جيڪو آ پنهنجي سکيءَ کي ويجهڙو. تنهنجي نيڻن جيان ڇڪي ٿي پاڻ ڏي، مون ڏٺو آ زندگيءَ کي ويجهڙو. قرب جو، مرڪ جو ۽ نظر جو نشو، ڇا ته مون کي ڏئي وئين قهر جو نشو! وِک وک تي اقرار ڇڏي آ ويو، يادن جا شهڪار ڇڏي آ ويو. پيار جِي هڪ دفعو جي چکي ڪو ذرِي، ڪو نه ايندس مزو نفرتن ۾ وري. هي شعر هڪ دردِ دل شاعر جي ڪيفيتن جا عڪس ڏيکارن ٿا. انهن ۾ اظهاريل احساس اسان جيءَ دل ۾پيار جا نفيس جذبا مؤجزن ڪن ٿا. اڃا ڪيئي ڳالهيون آهن مختيار سمي جي شاعريءَ جي باري ۾. هتي ته ڪي جهلڪيون ئي پَسايون اٿم. بهرحال، اميد ته ساٿ به سلامت رهندو ۽ ڳالهيون به ٿينديون رهنديون، بشرطيڪ سندس لفظن ۾: ماڻهو ڪيڏو سنگدل آهي، سوچيو ٿئي ’مختيار‘! پنهنجن ويجهن پيارن کي به ڀلجي ويندو آ. شال ڪڏهن به اهڙو ڏينهن نه اچي، جو اسان پنهنجن ويجهن ۽ پيارن کي وساري ڇڏيون، ۽ ڪڏهن به سنگدلن جي پاسي نه ٿيون!