حڪومت پاڪستان پاران بجلي جي صارفين لاء سمارٽ ميٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو. ان سان گڏ پري پيڊ ڪارڊ به متعار ڪرايو آهي.هن ڪارڊ جي اها خاصيت هوندي ته بل جي ادائگي پري پيڊ ڪارڊ جي ذريعي ٿيندي.جيئن ئي بيئلنس ختم ٿيندو ته بجلي بند ٿي ويندي. سمارٽ ميٽر جو مقصد بجلي جي چوري ۽ اجايو ضايع ٿيڻ کان روڪڻ آهي. اهي سمارٽ ميٽر 3 سالن تائين صارفين کي ڏنا ويندا.
ادا بجلي جي چوري اسان جي ملڪ ۾ نٿي روڪي سگهجي، ڇو ته اسان جا مهربان واپڊا جا ملازم خود چوري سيکاريندا آهن. بلڪه پاڻ ئي لائين ٺاهي ڏيندا آهن.
اهي ميٽر اينگلينڊ ۾ سونهن ٿا جتي پاڻي ۽ لائيٽ جي سهولت بي پناهه آهي پاڪستان ۾ اهي ميٽر آڻين پر ان لاءِ ضروري آهي ته لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪئي وڃي نه ته هي سڀ ترقي اجائي آهي