جهڙالي موسم ۾ چڙھي ڪوٺي تي ٿي نهارين تون، هڻي نظرن جا تير ٿي مارين تون، کڻي پنهنجون ناسي اکڙيون ايئن نہ نهار تون،زماني جي نظرن ۾ ايئن نہ مار تون، ڪيو آ توسان سچو پيار مون، کڻي ھَر هَرَ نہ ڏي مونکي ميار تون، آهيان مان تنهنجو ديوانو اڳيئي، ديواني کي ايڏو نہ روئار تون، هاڻي سچي دل سان ´نظير` کي پُڪار تون منهنجي مٺڙي محبت کي ايئن نہ ڌڪار تون