ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون محمد سليمان وساڻ ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ منعق ٿيندڙ ڇهين ٽن ڏينهن واري ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. هن ايونٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو. ٻارن لاء پينٽنگ ۽ ٻين سرگرمين جا ڪيئي پروگرام هيا. ڪيترن ئي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن سان گڏ صحافتي ۽ فن جي دنيا سان واڳيل اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ ڪچهريون ٿيون. اتي وڃي اهو محسوس ڪيم ته سنڌي ماڻهو هن دفعي هن ميلي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آيل آهن، جن ۾ فيمليز سان گڏ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هيو، اها ڳالهه تمام گهڻو اتساهيندڙ هئي. هڪ ئي وقت ست ست پروگرام ملڻ سبب انتخاب ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هن قسمن جي ميلن ۾ شرڪت ڪري ماڻهو علمي ۽ ادبي ڳالهيون سِکي ٿو ۽ گهڻو ڪجهه سمجهڻ لاء ملي ٿو جنهن سان دل ۽ ذهن جا دروازا کُلن ٿا. هڪ وڏي مايوسي اها پڻ ٿي ته سنڌين جي هيڏي وڏي تعداد جي شامل ٿيڻ باوجود به ميلي ۾ هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال موجود ڪونه هيو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ علمي ۽ ادبي ميلو هجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا دڪان موجود نه هجن ته ڪيڏي مايوسي ٿيندي. معلوم ڪرڻ تي اهو پتو پيو ته صرف 15 هزار روپين جي بوڪنگ سان اسٽال پئي مليا پر اسان جي ادارن ۾ ويٺل اديبن، دانشورن ۽ اسان جي نمائندن صرف مايوس ئي ڪيو. هتي نمائندگي ته سڀني پبلشرز کي ڪرڻ گهربي هئي جو هي ميلو سنڌي ٻوليء جي بقا لاء اهم هيو ۽ سڀ پبلشرز ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪتاب ڇپائي اسان تي احسان ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اهو محسوس پڻ ڪرائيندا آهن پر اسان جي سرڪاري ادارن خاص ڪري ثقافت کاتي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪراچي ۾ موجود شاهه لطيف چيئر ته بلڪل مايوس ڪيو. هڪ ٻي مايوسي اها به ٿي ته 70 يا 72 پروگرامن مان صرف ٻه سنڌي ٻولي جا پروگرام ٿيا جن ۾ هڪ سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ۽ ٻيو امر جليل جي آتم ڪٿا جو پروگرام جنهن ۾ به انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ميلي ۾ الائي ڇو اردو ٻولي وارا گهڻي احساس ڪمتري ۾ نظر آيا جو انگريزي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ هنن دخل اندازي ڪندي اردو ۾ ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو. ان قسم جو هڪ واقعو مهتاب راشدي پاران ڪيل پروگرام ۾ ٿيو جنهن ۾ عابده حسين ۽ ٻيا مقررپاڪستان جي سياسي حالتن تي ڳالهائي رهيا هيا. ٻيو واقعو سنڌ ڄائي بينا شاهه پاران تصوف ۽ سنڌ جي شهيدن جي سار ۾ لکيل انگريزي ناول A Season for Martyrs ۾ پيش آيو، جڏهن انگريزي ۾ ٿيندڙ ان پروگرام ۾ هڪ شخص ساڳيوئي مطالبو ڪيو. بينا شاهه هر سوال کي سهڻي انداز سان سمجهايو ۽ جواب ڏنو، ساڳي وقت هن تنقيد کي به مڃيو. هڪ نوجوان ناصر سومري شاهه لطيف جي وائي “سُور انهيءَ ساڙي، هُو جي ويا هليا” مڌر آواز ۽ ترنم سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. امر جليل سان ٿيندڙ پروگرام In conversation with Amar Jaleel جو ميزبان شاهه محمد پيرزادو هيو. مان سوچي رهيو هوس ته ڇا هن پروگرام ۾ هال ڀربو يا نه ..... پر مونکي حيرت ٿي ته سوين سنڌي نوجوان، عورتون، شاعر، اديب ۽ صحافي اچڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سمورو هال ماڻهن سان ڀرجي ويو. رش وڌندي رهي ۽ ڪيترائي ماڻهو فرش تي ويهي پروگرام ڏسڻ لڳا ۽ ڪيترا ماڻهو پاسن کان بيهي امر جليل کي سنجيدگي سان ٻُڌڻ لڳا. هال ڀرجي وڃڻ سبب ڪيترائي ماڻهو واپس ويا. امر جليل هميشه وانگر سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪيون. شروعات پنهنجي هڪ انگريزي نظم سان ڪيائين جيڪو خدا سان سندس مڪالمو هيو. امر جليل چيو ته ورهاڱي کانپوء سنڌ ڇهن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي هڪڙن جو شهرن تي قبضو آهي ته ٻين جو رهيل سنڌ تي. هن چيو ته سنڌ تي هن وقت پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جو قبضو آهي جنهن حصا ورهائي کنيا آهن. پنهنجي آتم ڪٿا ورجائيندي امر جليل چيو ته ورهاڱي کانپوء ڪراچي ۾ هندن جي گهرن تي قبضو ڪندڙن سندن گهرن جي لائبريرين کي ٽَڪن ۾ نيلام ڪيو ويو، سندن قيمتي ڪتاب فٽ پاٿ ۽ روڊن تي نيلام ٿيندا رهيا. هن چيو ته اسان جي ڪجهه پِيرن کي اهو ٺيڪو مليو آهي ته هڪ ڇوڪِري جو مذهب مٽرائي مسلمان ڪيو ان جي عيوض هڪ لک وٺو. امر جليل چيو ته مان ڪراچي پيو ڳوليان جنهن ۾ ماڻهو مذهبن کان مٿانهان هيا. هتي مسجد، گرجا گهر ۽ مندر محفوظ هيا. هن چيو ته اصل ۾ ٻه قومي نظريي هندستان جي ڌرتي ماء کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهي جيڪي 47 کان اڳ ڄايا هئا انهن جي ماء هند ڌرتي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو جيڪي پنهجي ماء جي ٻئي ٽڪري ۾ وڃڻ لاء ويزا لاءِ ڌِڪا پيا کائن. هن چيو ته اسان جي جن اسڪولن لاء واويلا پئي ٿئي ته هزارين اسڪول بند آهن اهي دراصل اسڪول ئي ناهن .... هن پڇيوته ڇا هڪ ڪمري واري اسڪول کي به ڪو اسڪول سڏبو جنهن ۾ هڪ کان پنجين درجي جا ڪيئي شاگرد هجن ۽ هڪ استاد سڀني کي پڙهائي؟ هن چيو ته علم ۽ تعليم ئي اسان کي هن اونداهي مان ڪڍي سگهي ٿي ۽ تعليم ئي آهي جنهن کان وڏيرو ۽ جاگيردار ڊڄي ٿو. هن ايونٽ تي اسان جا اديب، شاعر ۽ صحافي گهڻي تنقيد ڪندا پر انهن کي پاڻ کي به ڏسڻ گهرجي ته هن پروگرام جي آرگنائيزر آڪسفورڊ پبلشرز سان اسان جو ڪيترو سهڪار رهيو؟ يا اسان هنن تائين پنهنجون ڪهڙيون ڳالهيون ۽ صلاحون پهچايون؟
ڪُجهه اڻ ٽر مجبورين سبب هي پروگرام اٽينڊ نه ڪري سگهيس پر اوهان پاران لکيل هن پيرائتي حال احوال خوش ڪري ڇڏيو.
مٿين ليک جي حوالي سان ۽ پنهنجي يعني سنڌي لينيوئيج اٿارٽي جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ ميڊم فهميده حسين جو اڄوڪي عوامي آواز ۾ لکيل ليک به هت شامل ڪجي ٿو: پَرائي دهلين احمق نچي ! ڊاڪٽر فهميده حسين ڪجهه ڏينهن اڳ روزاني ’عوامي آواز‘ سميت ڪجهه اخبارن ۽ رسالن کانسواءِ سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جي اپٽار ڪئي پئي وڃي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڪراچيءَ ۾ لڳندڙ لٽريچر فيسٽول ۾ سنڌي اديب ۽ سنڌي ادارا ڇو نه شريڪ ٿيا ۽ انهن ادارن جا بڪ اسٽال ڇو نه لڳايا ويا. ان ڳالهه کي ائين کنيو ويو آهي، ڄڻ ته اهي ادارا ڪنهن جرم جا مرتڪب ٿيا هجن – انهن معزز صحافين/اديبن جو پنهنجي راءِ رکڻ جو حق تسليم ڪندي آءٌ اهو چوڻ چاهيان ٿي ته خدارا جج بنجي ڪنهن ڳالهه بابت ڪو به فيصلو ڏيڻ کان اڳ ۾ انهن اديبن ۽ ادارن جي ذميوارن جو موقف به ضرور ورتو وڃي ها، پر ائين نه ڪيو ويو ۽ پنهنجن مٿان آڱر سَڃڻ جي روايت کي قائم رکندي، ڌُريان ئي ڌارين جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو ويو. سڀ کان پهرين ڳالهه جيڪا سمجهڻ جي آهي، سا اها ته اهو فيسٽيول هڪ ڪاروباري/واپاري اداري جي طرفان پنهنجي ڇپايل ڪتابن جي پبلسٽيءَ ۽ وڪري جي لاءِ لڳايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هو جن به ادارن کي اُن ۾ شامل ڪرڻ چاهين صرف انهن کي ئي دعوت ڏيندا آهن. اُنهيءَ ميلي ۾ سنڌي ڪتابن جو اسٽال لڳڻ يا نه لڳڻ سان هنن جي وڪري تي ڪو به فرق ڪو نه ٿو پوي. ساڳي ڳالهه سنڌي اديبن کي گهرائڻ يا ڳالهرائڻ جي ڏس ۾ چئي سگهجي ٿي، پر جيئن ته ڪراچيءَ ۾ موجود ٻن چئن سنڌي اديبن کي گهرائڻ سان مجموعي تاثر اهو بيهندو ته ٻيلي هنن سنڌي اديبن کي به سڏيو هو ۽ کين ڳالهائڻ جو به موقعو ڏنو (باقي ٻيا ڪو نه آيا)ان ڳالهه کي ڏسندي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل سنڌين جو هڪ وڏو انگ هن ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندو آهي ۽ هنن جا ڪتاب خريد ڪندو آهي ۽ ائين سندن ڪمرشل مفاد پورا ٿيندا آهن. سنڌي ماڻهن ۾ پڙهڻ جو شوق وڌي ۽ ادب ڏانهن سندن لاڙو ٿئي ته اها هڪ خوش آئند ڳالهه سمجهڻ گهرجي پر اهي سنڌي ڪتاب به خريد ڪري پڙهن اها ڳالهه اڃا ته صرف خواهش آهي-ڪراچيءَ ۾ ’ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر‘ جي نالي سان ايڪسپوسينٽر ۾ لڳندڙ ميلي جي منتظمين طرفان هر سال دعوت اچڻ جي نتيجي ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، شاهه لطيف چيئر، سنڌي ادبي بورڊ، ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ طرفان اسٽال لڳايا ويندا آهن. ٽن ڏينهن جي ان ميلي ۾ به سوين سنڌي شريڪ ٿيندا آهن، اهي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ ڪيترا سنڌي ڪتاب خريد ڪندا آهن! اها ڳالهه به ڪو انهن ادارن کان پڇي، تنهن هوندي به سنڌي ڪتابن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ۽ سنڌي پبلشرن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ، گذريل ڪيترن سالن کان باقاعدگيءَ سان ان ۾ حصو ورتو ويندو آهي- باقي جيڪڏهن ڪو دعوت ئي نه ڏي- نه ادارن کي نه ئي انهن ۾ موجود اديبن کي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ محض دهل جو آواز ٻڌي اڻڪوٺيا“ پرائي دهلين احق نچي“ وانگر اتي وڃي ڪيئن شرڪت ڪبي ۽ ڪٿي اسٽال لڳائبو؟ مٿي ذڪر ڪيل اُپٽار ۾ ڪجهه اردو اديبن ۽ صحافين جا رايا به ڏنا ويا آهن. جنهن ۾ سڄو بار سنڌي ادارن ۽ انهن جي ذميوارن تي نالا وٺي وڌو ويو آهي… معنيٰ اُهي نالا انهن جي ذهن تي هئا ۽ آهن، پوءِ به دعوت نه ڏيڻ جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ آءُ ٿي توهان کي چند واقعا ٻڌايان: ڪجهه سال ٿيا ته ڪراچيءَ جي ’آرٽس ڪائونسل‘ ۾ ٿيندڙ ’عالمي اردو ڪانفرنس‘ ۾ مون کي ٻه ڀيرا دعوت ڏئي گهرايو ويو، محترم احمد شاهه فون تي رابطو ڪيو ۽ لکت ۾ دعوت موڪلي ۽ مون شرڪت به ڪئي. موضوع هوندو آهي ’اردو- سنڌي روابط‘، ’اردو ادب ۾ سنڌ جو ذڪر يا ’اُردوءَ جو سنڌيءَ تي اثر‘ وغيره يا سنڌيءَ جو اردوءَ تي اثر وغيره- ان سان ملندڙ جلندڙ ڪو ٻيو مسئلو- ظاهر آهي ته اردو ٻوليءَ ۽ ادب بابت ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اديبن کان ٻيو ڇا ڳالهرائبو! نه ڪا سنڌي ادب جي ڳالهه ٿيندي، نه ئي ٻوليءَ جي، تنهن هوندي به دعوت ملڻ جي صورت ۾ محض نمائندگيءَ جو مقصد آڏو رکي شرڪت ڪئي هئم. اُن جي جاءِ تي جيڪر اهي سنڌي اديب، جيڪي اردوءَ ۾ ٿا لکن، شرڪت ڪن ته انهن جو حق وڌيڪ آهي ته هو ان ۾ شريڪ ٿين، جيئن محترم امر جليل آهي يا محترم امداد حسيني، سحرامداد، نورالهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجو وغيره. 2013ع ۾ لاهور ۾ ’الحمرا آرٽس ڪائونسل‘ طرفان هڪ ادبي ڪانفرنس گهرائي وئي، جنهن ۾ مون کي دعوت ملي جنهن لاءِ عطاالحق قاسميءَ پاڻ به ڳالهايو، خط موڪليو ۽ پوءِ به سندن نمائيندا رابطي ۾ رهيا ۽ اُن ۾ مون کي ”سنڌي ادب ۾ نئي اضاف سخن ڪا مستقبل“ تي مقالو پڙهڻ لاءِ چيو ويو- بهرحال ان موقعي تي لاهور ۾ هڪ لنچ جي موقعي تي مانيءَ واري ميز تي محترمه زاهده حنا ۽ اسلم فرخيءَ سان ويٺا هئاسين ته آصف فرخيءَ مون کان پڇيو ته ”ادي، توهان ’عالمي اردو ڪانفرنس‘ ۾ مقالو پڙهڻ ايندا نه؟ اهو هڪ سڌو سوال هو، جنهن جو مطلب اهو ٿي نڪتو ته هنن مون کي دعوت ڏني هوندي، سو مون ٻڌايو مانس ته مون کي ته دعوت ڪانهي. تڏهن ٻنهي دوستن زور ڀريو ته توهان کي اچڻو آهي دعوت موڪلي وئي آهي. ٽي ڏينهن لاهور ۾ رهي واپس حيدرآباد آيس، آفيس مان پڇا ڪيم ته اُتي ڪا به دعوت آيل ڪا نه هئي نه ئي گهر تي ڪو ڪارڊ يا خط آيو هو. وچ ۾ وقت به صرف ٻن ٽن ڏينهن جو هو. نه مقالي جي موضوع جو پتو هو، نه ئي ايترو وقت هو جو ڪجهه لکجي، ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ زاهده حنا فون ڪيو ته ”اچين ٿي نه!“ مون کي ڪو بهانو ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ گذريل سال به ڪا دعوت ڪا نه آئي. وري اچو انهيءَ الحمرا واري ڪانفرنس تي، جنهن ۾ هڪ نشست پنجابي، ڪشميري، سنڌي ۽ ٻين ’علائقائي ٻولين‘ کي مليل هئي. مون سنڌيءَ ۾ نين صنفن جي حوالي سان مقالو پڙهڻ کان اڳ لفظ ’علائقائي زبان‘ تي اعتراض ڪندي، پنهنجو مقالو پڙهيو، ان تي سرائڪي ۽ پنجابي اديبن ڏاڍيون تاڙيون وڄايون. ان مقالي ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسينيءَ، امرسنڌو، عطيه دائود، حسن درس ۽ ڪن ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڪيل نون تجربن ۽ نين صنفن بابت ڳالهائيندي، اياز ۽ امداد جي چونڊ نظمن جا اردو ترجما پڙهيا هئم- ۽ سنڌ ۾ حال ۾ ٿيندڙ شاعريءَ ۾ نواڻ کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان صنفن جي مستبقل بابت راءِ ڏني. اياز ۽ استاد جي شاعريءَ جي ترجمي تي به ايتريون تاڙيون وڳيون، جو ٻيءَ ڪنهن نشست ۾ ڪو نه وڳيون هيون. آخر ۾ مون وري به اهو ئي چيو ته توهان جي تاڙين مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي ٻولين ۾ ڪيترا وڏا ڏات ڌڻي موجود آهن، پر اُنهن کي قومي سطح تي مڃتا ڪانهي. جيڪڏهن فيض احمد فيض پنجابيءَ ۾ شاعري ڪري ها ۽ احمد فراز پشتو ۾ ته انهن سان به ساڳيو حشر ٿئي ها، اهي به اياز وانگر قومي سطح تي اها مڃتا نه ماڻين ها جيڪا کين پنهنجي ماءُ ٻولي ڇڏي نام نهاد قومي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ سان ملي- مون کي افسوس آهي ته شيخ اياز جا اردو شاعريءَ جا ٻه مجموعا موجود آهن پر پوءِ به اردو ادب جي تاريخ ۾ ڳڻپ ۾ نٿا اچن؛ ڇو ته هو سنڌي شاعر آهي- اُن ڳالهه تي به خوب تاڙيون وڳيون. اسٽيج تان هيٺ لٿس ته هر ڪنهن اچي مبارڪون ڏنيون ته واه جي ڳالهه ڪئي اٿو- خير اهو ڏينهن ڪانفرنس جو آخري ڏينهن هو. آءٌ رات جو موٽي آيس، صبح جو هڪ پنجابي اديب محترم جميل پال جو ميسيج مليو ته انتظار حسين توهان جي مقالي تي ’ايڪسپريس اخبار‘ ۾ ڪمينٽ لکيو آهي- مون نيٽ تي اها خبار ڪڍي پڙهي. انتظار حسين لکيو هو ته ”هڪ محترمه، سنڌي ادب جي صنفن جي مستقبل تي ڳالهائڻ جي بهاني ٻولين جي مسئلي تي ڳالهائي خوب تاڙيون وڄرايون، جڏهن ته اهو موقعو ان ڳالهه ڪرڻ جو ڪو نه هو. ساڙ ۾ هن کي منهنجو نالو به ياد ڪو نه پيو يا شايد ڄاڻي واڻي ڪو نه لکيائين!! اچو وري چوٿين واقعي تي. مهينو ٻه اڳ مون کي ڀاءُ اعجاز قريشيءَ فون ڪيو ته ادي ڪراچيءَ ۾ مولانا روميءَ جي نالي سان منسوب هڪ تنظيم ’صوفي ڪانفرنس‘ ڪري رهي آهي جنهن ۾ هو سنڌ جي تصوف تي هڪ مقالو پڙهائڻ چاهين ٿا، سو مون توهان جو نالو ڏنو آهي، مهرباني ڪري ايندڙ آچر تي توهان ڪراچيءَ ۾ اچي، ان ۾ شرڪت ڪجو. مون پڇيو مانس ته توهان سان ڪنهن ڳالهايو ته چيائين مجاهد بريلويءَ- مون کيس چيو ته انهيءَ تنظيم وارن کي چئو ته ڪانفرنس جو پروگرام ۽ موضوع وغيره ڏياري موڪلين. قريشي صاحب بضد هو ته آءٌ جو توهان کي پيو چوان ته توهان منهنجو مان رکو. مون چيو مانس ته ادا توهان جو مان اکين تي، پر مجاهد بريلوي مون کي سڃاڻي ٿو، مناسب آهي ته مقالي پڙهڻ جي دعوت هو موڪلي، ٻيو نه ته ڀلا ڪارڊ ته موڪلي سگهي ٿو، منهنجي اٿارٽيءَ جي ائڊريس ته سؤلي آهي، نه هجيس ته توهان ڏئي ڇڏيوس. ٻئي ڏينهن وري به ڀاءُ اعجاز قريشيءَ پروگرام اي ميل ۾ ڏياري موڪليو پر متنظمين گوارا نه ڪيو ته دعوت موڪلين. ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ جو فون آيو، اُنهيءَ تصديق لاءِ ته توهان اچو ٿا يا نه؟ سو به ان ڪري جو قريشي صاحب کين زور ڀريو هو ته توهان پاڻ فون ڪريو ته بهتر- ظاهر آهي ته ’صوفي ازم‘ تي مقالي لکڻ لاءِ چند ڏينهن ناڪافي هئا. اڄڪلهه ’صوفي ڪانفرنسن‘ جو فيشن ٿي پيو آهي اُن کان اڳ ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان ”مست الست“ نالي سان هڪ وڏي هوٽل ۾ ’صوفي ڪانفرنس‘ ٿي، ان ۾ هڪ نشست ”سنڌي صوفي شاعرن“ بابت رکي وئي، ان ۾ منهنجو نالو منهنجي استاد سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا ڏنو هو، به استاد جي حڪم موجب هلي ويس. ٻن ڏينهن جي ان ڪانفرنس ۾ صوفي ازم بدران مولوي حضرات نقش بندي، قادري، چشتي ۽ سهروردي مڪتبه فڪر جي نالي ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ مذهبي تبليغ پئي ڪئي، هر نشست ۾ هال کچا کچ ڀريل هو، جڏهن سنڌ جي تصوف ۽ سنڌي صوفي شاعرن واري آخري سيشن جو آغاز ٿيو ته منتظمين کانسواءِ هال ۾ ڪل ويهه پنجويهه ماڻهو ويٺل هئا. (باقي ٻه ڄڻا ترڪي هئا ڇو ته ڪانفرنس بين الاقوامي هئي. جن مان به گهڻو ڪري سڀئي سنڌي هئا. اسان انگريزيءَ ۾ اردوءَ ۾ مقالا تيار ڪري ويا هئاسين. يعني ”سنڌ جي صوفي شاعريءَ ۾ موجود تصوف“ بابت ٻڌڻ وارو اتي ٻيو ڪو به ڪو نه هو. سمورا مست الست صوفي ۽ رومي لوَرس ٽپڙ ٻڌي هليا ويا هئا، سنڌي سامعين حاضرين کي اسين سنڌي چار اديب ۽ اسڪالر ”انگريزي ۽ اردو ۾ شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس بابت ٻڌائي ٻاهر پئي نڪتاسين ته ٿوري دير کانپوءِ رٿيل صوفي راڳ جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هال کان ٻاهر ۽ اندر رش لڳي پئي هئي. سو سائين منهنجا، اهڙن ميلن ۽ ڪانفرنسن ۾ اسان جي عالمن ۽ اديبن جي حيثيت هاڻي وڃي نمائشي شوپيس واري رهي آهي جن جي رسمي شرڪت سان ڪو خاص تاثر پيدا ڪرڻو آهي. ڪي مفاد حاصل ڪرڻا آهن، ڪو ڪارج سر ڪرڻو آهي. محترم امر جليل يا امداد حسيني اسان جا وڏا بزرگ ۽ سنڌي ادب جو شان ۽ مان آهن، جي اهي انهن تقريبن ۾ شرڪت ٿا ڪن ته انهن جي عزت ڪا نه ٿي وڌي، بلڪه اهي کين عزت ٿا بخشين، جيڪي هونئن اردو ۾ نه لکندا هجن ته جيڪر کين سڃاڻڻ کان به انڪار ڪيو وڃي. (اهي وڃن ٿا ته انهن تي به تنقيد جا ڌوڙيا لڳا پيا آهن). اسان جي اردو اديبن ۾ ڪي روشن خيال ۽ مخلص دوست به آهن، جن ۾ محترم احمد شاهه، راحت سيد، فاطمه حسن، فهميده رياض، مظهر جميل، زاهده حنا، مسلم شميم وغيره جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي ڄڻ ته اسان مان ئي آهن، پر جيڪي ڪمرشل ادارن سان وابسته آهن، انهن جا پنهنجا مفاد آهن، اُنهن کي صرف اهي اديب شاعر ۽ اسڪالر ٿا وڻن، جن جي اسٽيج تي ويهڻ سان هو به روشن خيال سمجهيا وڃن. هو انهن کي دعوتون ڏين ٿا، باقي سڄي سنڌ مان ڪيترن کي دعوت ملي هئي ٿورو سروي ته ڪريو! ادارن جي ڪم ڪار تي تعميري تنقيد ضرور ڪئي وڃي، اُن سان ڪم ۾ بهتري ايندي، اهي سجاڳ (vigilant) رهندا، جي ڪم نه ڪن، انهن کان پڇاڻو به جائز آهي، باقي نالا وٺي ذاتي تنقيد ڪري ڪنهن کي خوش ٿو ڪيو وڃي؟ اهي ادارا پنهنجا آهن انهن جي مالڪي به ڪجي، پر ٻيلي، پنهنجي به ڪا عزت نفس سمجهجي، ڪير ڪوٺ ڏي نه ڏي اسين ڀڳا وڃون! ڪو اوهان کي استعمال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪري ته ٻالن ڀولن وانگر استعمال ٿي وڃون. ڪمرشل ۽ پروفيشنل ادارن ۽ اڪيڊمڪ ادارن ۾ ڪو ته فرق ڪيو وڃي!