مختيار احمد ملاح سنڌ ۾ عربن جي حڪومت کان اڳ مذهبي طور ماڻهن جي اڪثريت ٻڌ ازم سان وابسته هئي، بلڪه هن پوري خطي ۾ ٻڌ ازم رياستي مذهب جي حيثيت رکندڙ هو، موريا گهراڻي جي حڪمران چندر گپت پوري ملڪ ۾ ٻڌ ازم کي زور وٺرايو. ان دور ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشمير تائين ڦهليل هيون، Early History of India جو ليکڪ، لکي ٿو ته اشوڪ اعظم جنگ کان نفرت ڪندي ٻڌ مذهب اختيار ڪيو. سنڌ مان آيل اپگپتا نالي هڪ ٻوڌي عالم جي اثر هيٺ اشوڪ جنگين واري واٽ ڇڏي امن ۽ شانتيءَ جي راھ اختيار ڪئي سنڌ ۾ راءِ ۽ برهمڻ دور ۾ ٻڌازم جو زور موجود هو. فطري طور سنڌ جا ڌرمي طور انهن سڀني ملڪن سان سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود هئا، جتي ٻڌ ازم کي رياستي حيثيت هئي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيترن ئي شهرن ٻڌ ازم جا آستان، اسٽوپا، ٺل ۽ ٻيا آثار ٻڌازم جي عروج جي گواهي ڏين ٿا. رني ڪورٽ جي ديوارن جي ديوار چين جي ديوارن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو چين ملڪ جيڪو سنڌ کان هزارين ميل ڏور آهي، پر ان سان سنڌ جا مذهبي، اقتصادي ۽ سياسي ۽ سفارتي تعلقات موجود هئا. سنڌ جا عالم چين ويندا هئا ته چين جا راهب ۽ ڀڪشو سنڌ ۾ ايندا هئا. پالي ٻولي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطي جي زبان طور ڪم ڪندي هئي. اڄ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترائي چيني مستقل رهن ۽ ڪاروبار ڪن ٿا. قديم دور کان ڪيترائي چيني سنڌ ۾ آيا ۽ پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا قلمبند ڪيائون، مگر اسان چيني زبان تي دسترس نه هئڻ ڪري سندن سنڌ شناسيءَ جو مطالعو ڪري نه سگهيا آهيون هتي ڪجهه چيني سنڌ شناسن جو ذڪر ڪجي ٿو. فاهيان (fahian) : سڀ کان اول فاهيان نالي چيني سنڌ شناس جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جي سفر جو دور 399ع کان 413ع تائين رهيو، هي ٻوڌي گپتا گهرائي جي دور ۾ سنڌ ۾آيو ۽ ٻين ملڪن سميت سنڌ جو احوال پنهنجي ڪتاب ۾ لکيائين. سن ين (Sun-yun) ۽ هئي سينگ (Hui-Seng) : هنن ٻن سياحن به سنڌ ۾ سياحت ڪئي ۽ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ گهمي پر سندن آزمودن جي معلومات نه ٿي ملي. ڪياتان (Kiya-Tsan) هن چيني جاگرافيدان ۽ سياح ڪئنٽن کان ايراني نار تائين جڳهن ۽ بندرن جا نالا ڄاڻايا آهن، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ” هن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڏي درياءَ ”مي لان“ آهي. ايئن ٿو معلوم ٿئي ته ”مي لان“ مهراڻ جو چيني اچار آهي، ”تي يو“ دي بول (ديبل) جو چيني اچار آهي.“ هيون سانگ (Huan-Tsang) مٿي ذڪر ڪيل سڀني سياحن مان مکيه ۽ مشهور هيون سانگ آهي، جنهن هزارين ميل سفر ڪيو نه، سهڻ جهڙا ڪشالا ڪڍي پندرهن سالن تائين برصغير جي ڪنڊڪڙڇ جو سفر ڪيو. انهيءَ سفر بابت لکيل سندس سفرنامو ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ 138 ملڪن بابت احوال لکيو ويو اهي. 138 ملڪن مان هيون سانگ 110 ملڪ پنهنجي سرگهميا ۽ 28 ملڪ بابت جيڪو ٻڌو هئائين. اهو لکيو اٿس هيون سانگ هندستان کي لڳ ڀڳ 70 ملڪن ۾ ورهايو آهي. هيون سانگ چين جي هاڻوڪي صوبي هينان ۾ 602ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ٻڌڌرم جو وڏو عالم هو. سندس وڏو ڀاءُ ٻڌ ڀڪشو هو. هيون سانگ کي ننڍي عمر کان مذهبي ڄاڻ جو شوق هو ۽ ان چاهنا ۾ 20 سالن جي عمر ۾ باقاعده ڀڪشو بڻجي ويو. ان دور ۾ چين ۾ ٻڌڌرم جا ڪيترائي فرقا رائج هئا ۽ هر فرقو پاڻ کي سچو ۽ حق جو پوئلڳ سمجهندو هو. هيون سانگ کي سچ جي تلاش هئي پهريائين هن چائنا ۾ مروج روايتن ۽ عقيدن کي پروڙيو پوءِ هن هند ۽ سنڌ جو سانڀاهو ڪيو. ان وقت چين ۾ تانگ گهراڻي جي (907-618ع) جي حڪومت قائم هئي ۽ حڪومت جي اجازت کانسواءِ ملڪ ڇڏڻ جي اجازت نه هئي. هيون سانگ راءِ دور ۾ سنڌ پهتو هو. سنڌ ۾ اهو دور ٻڌ ڌرم جي عروج جو دور هو. ايڇ ٽي ليمبرگ مطابق هُورا ۽ سهاسيءَ جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. جڏهن ته لئمبرڪ جو خيال آهي ته ان وقت سنڌ جي گاڌي جو هن ” اروڙ“ هو. هيون سانگ جي سفرنامي جي آڌار تي ان وقت جي سنڌ جي سرسبزي، خوشحاليءَ ۽ مذهبي حالتن جي پروڙ پوي ٿي. هتي جي پوکن مان ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي گهڻي مقدار ۾ هئڻ ۽ ڌاتن مان سون، چانديءَ ۽ ٽامي جي ججهي انداز ۾ ملڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. مال ۾ ڍڳن، رڍن، اٺن خچرن جو پڻ احوال آهي هن اڇي لوڻ، ڪاري ۽ جابلو لوڻ جي دوائن ۾ استعمال بابت به لکيو آهي. هيون سانگ اهو به لکيو آهي ته هن ٻڌو ته هتان جا ماڻهو اڳي سرڪش هئا. پوءِ پوءِ مها ارهت جي پوئلڳي ڪندي پنهنجا مٿا ڪوڙائي مذهبي زندگي گذارڻ لڳا.“ هيون سانگ هند سنڌ مان 657 ٻوڌي مقدس لکتون کڻي چين واپس ويو. جتي هن انهن مان ڪجهه جو ترجمو ڪيو، جن ۾ ڪي تمام اهم مهاين Mahayan لکتون هيون. باقي سنڌ درياءَ پار ڪندي هڪ هنڌ تيز هوائن جي ڪري درياءَ ۾ ڪري ضايع ٿي ويو هيون. هو سنڌ جي خوشحالي، عام ماڻهن ۽ حڪمرانن لاءِ لکي ٿو ته ” هتي جي زمين اناج پيدا ڪرڻ لاءِ موزون آهي ۽ هتي ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ٽامو تمام گهڻو آهي. ڍڳن، رڍن، اٺن، خچرن ۽ ٻين جانورن لاءِ هتي چارو تمام گهڻو آهي هتي جا اٺ هڪ ٿوهي وارا ٿين ٿا. هتي سنڌ ۾ سينڌي لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن ان کانسواءِ اڇو لوڻ، ڪارو لوڻ ۽ جابلو لوڻ به جام آهي. مختلف جاين تي اهو لوڻ دوائن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. عام ماڻهن جو رويو سخت سڀاءُ وارو آهي، پر اهي ايماندار ۽ سنوان سڌا آهن پاڻ ۾ ڪو نه ٺهن. پڙهن ٿا، پر بنا مقصد جي ٻڌمت جا پوئلڳ آهن هتي ڏھ هزار ڀڪشو ٽڙيل پکڙيل آهن. انهن ٻوڌين مان ڪيترائي سچ جا ڳولائو، سالڪ ويران جاين، جبلن ۽ ٻيلن ۾ تياڳ وٺن ٿا. هو سنڌ ۾ گوتم ٻڌ جي اچڻ ۽ ٻڌ ڌرم جي ڦهلاءُ لاءِ لکي ٿو ته ” جڏهن گوتم ٻڌ پاڻ هن سنسار ۾ جيئرو هو، تڏهن سنڌ ۾ آيو هو. انڪري راجا اشوڪ جتي جتي به گوتم ٻڌ جي رهڻ جا نشان لڌا، اتي اسٽوپا جوڙايا سندس شهرت هڪ عالم، سياح ۽ مترجم سان گڏوگڏ هڪ ٻوڌي ڀڪشو ۽ پروهت طور آهي. هن کي هندستاني اپکنڊ ۾ ٻوڌي ڌرم جي پوتر ڪتابن جي تلاش ۽ گوتم ٻڌ جي جنم ڀومي ڏسڻ جي شوق هن طرف سفر ڪرڻ جو سبب ڏنو ۽ هن سورهن سال هند سنڌ جي سياحت ۾ گذاريا، انهن ڏينهن ۾ چين تي تانگ گهراڻي (907-618ع) جي حڪومت هئي ۽ ڪن ملڪن سان جنگ جي حالت ۾ هئڻ سبب ڪنهن کي به ملڪ کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪانه هئي. انڪري هو لڪ ڇپ ۾ شاهراھ ريشم وارو رستو وٺي تاشقند، ثمرقند، باميان ۽ قنڌار کان ٿيندو، ڪشمير پوءِ لاهور ۽ چنيوٽ کان سنڌونديءَ ذريعي سنڌو پار ڪري هندستان ويو، سنڌو درياھ جي ٻنهي ڪپن تي ٻڌ ڌرم وارن جا جيڪي مندر ۽ پاٺشالائون هيون. انهن مان ڦيرو ڏئي اڳتي وڌيو، نامور محقق دادا سنڌيءَ ان سفر جو دور 628 کان 631 عيسوي لکيو آهي. جنهن ۾ هن اروڙ، سيوهڻ ۽ ڪجهه ٻين شهرن جو سفر ڪيو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ جتي جتي به ٻوڌي اسٽوپا هئا. اتي پڻ ويو، جن ۾ لئمبرڪ موجب موهن جي دڙي وارو اسٽوپا، جهرڪ، ٻميو، سيوهڻ، ٺل، مير رڪڻ، سن ۽ ديبل جا اسٽوپا شامل آهن. هيون سانگ مجموعي طرح 138 ملڪن جي حڪومن، ماڻهن سندن رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن ۽ تهذيبي قدرن ۽ مذهبي حالتن جو ذڪر پنهنجي هڪ ضخيم ڪتاب/سفرنامي ۾ ڪيو. ٿيوڊر بيري پنهنجي ڪتاب Services of Chinese Traditions ۾ لکي ٿو ته هيون سانگ جي هي ياترا، چيني تاريخ ۽ ادب جو هڪ اهم باب آهي هن پنهنجي سفر دوران مقامي فيلسوفن ۽ دانشورن سان بحث مباحثا ڪيا، جن جي نتيجي ۾، ٻڌ ڌرم جي 75 بنيادي مخطوطات کي چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو.“ هيون سانگ مختلف ملڪ مان ٿيندو فيبروري 645ع ۾ چانگان پهتو، شهر جا ننڍا وڏا سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ شهر جي در کان ٻاهر اچي ڪٺا ٿيا ۽ اتي ايڏي پر جوش انداز ۾ خوشيون ملهايون ويون جو اها رات هيون سانگ کي شهر جي قلعي ٻاهران گذارڻي پئي. ٻئي ڏينهن تي بادشاھ تائي سنگ پاران هن جي شهر اندر شاهي نموني دعوت ڪئي وئي. هيون سانگ باقي عمر پنهنجي شهر ۾ رهيو ۽ لکندو رهيو سن 664ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. خود سندس ڪردار چيني اسٽيج ڊرامن ۽ لوڪ قصن جو وڏو موضوع رهي آهي. مها ارهت اپاگپتا (upaguptta)به هن ملڪ (سنڌ) ۾ آيو ۽ ٻڌ مذهب کي وڌيڪ پکيڙيائين. جتي جتي هو رهيو، اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن ٻيا اسٽوپا سنڌ ۾ جتي ڪٿي ٺهيل نظر اچن ٿا.“ هو عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت لکي ٿو ته ”سنڌو درياھ جي ڪنارن تي تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. هو مال چاري گذارو ڪن ٿا. اهي نه ته شاهوڪار آهن ۽ نه وري غريب “ هيونگ سانگ جي سفرنامي جو مواد هند ۽ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو ستين صديءَ جي سنڌ جي مذهبي، سماجي، اقتصادي ۽ علمي حالتن جي معلومات ڏئي ٿو.