غزل مون ته پنهنجي ڪئي سکي آ چاندني مون ته سيراندي رکي آ چاندني هر ڪوئي ٿو شوق سان خوشبو مکي پاڻ کي پر مون مکي آ چاندني هر چڱي شئي جو چکن ٿا ذائقو مون ته هر دم پئي چکي آ چاندني ڪون جذباتن کي آ روڪي سگهي ڊوڙيندي مون سان ٻکي آ چاندني تنهنجي چهري جي چمڪ سا ڇا پڄي توڻي جو چو ڏس بکي آ چاندني ڪاش تون مان ڀي سکيا ايڏا هجون چنڊ سان جيڏي سُکي آ چاندني جاويد نواز