منهنجو هت يار جو آهي

ترحي غزل


منهنجوهت يار جو آهي منهنجوهت پيار جو آهي

جيءَ جنسار ڀي آهي ڏسان ٿو روبرو آهي

سدائين سوچ هن لئه آ سدائين لوچ هن لئه آ

نه سينو ساهي سگهجي ٿوعشق جي آرزو آهي

ائين هو سوجهرو سج جو لڳي ٿو ترورو سج جو

ڏئي ٿو روشني جڳ کي خماريل خوبرو آهي

اسان جي بره جي بند ۾ اچي هو ٿيو آهي اسرار

بره ۾ بيقراري ڏي جنهن جي جستجو آهي

سڄو ڦهليل هوائن ۾ فلڪ جي پر فضائن ۾

سمايل آ اندر ۾ هو اڳيان ڄڻ هو بهو آهي

ستارن ۾ سمايل آ اسان جي عشق جو انسان

جهومي هو ٿيا سرها گلن ۾ گفتگو آهي

منهنجا يارو منهنجا پيارو سڄو هي سونهن آ سارو

الفت يار جي اهڙي عشق جي آبرو آهي


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top