• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناهي ويل ويهڻ جي ــ ايپل جي نئين سمارٽ واچ

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
هڪ سنڌي ڏاهي سان ملاقات ٿي، چيائين ته گهڻو ڪجهه پر هڪ ڳالهه ڏاڍي سچي ڪيائين، چي: ”سنڌين کي وڻ جي ڇانءَ ۾ کٽ رکي ڏيو ۽ ٽن ويلن جي مانيءَ جو آسرو ڏيو، هو پنهنجي سڄي عمر اُتي ويٺي گزاري ڇڏيندا.“

شاه سائين پنهنجي قوم جي عادتن مان واقف ٿي گهڻو اڳ ئي چيو هئو، ” ناهي ويل ويهڻ جي“.

اهي حال رڳو اسان جا ئي ناهن پر هاڻي ته اها عادت انگريزن ۾ به شامل ٿيندي پئي وڃي. تڏهن ته جڳ مشهور موبائل ڪمپني ”ايپل“ جي CEO کي چوڻو پيو ته ”ويهڻ هڪ نئي ڪينسر آهي“ نه صرف ايترو پر سائين جن جي ڪمپنيءَ جيڪا نئين سمارٽ واچ متعارف ڪرائي آهي، جنهن ۾ هونءَ ته کوڙ خوبيون آهن، پر ان جي خاص خوبي اها آهي ته اها سمارٽ واچ اوهان کي ڪنهن جاءِ تي گهڻو وقت ويهڻ نه ڏيندي، اوهان کي ويٺي هڪ ڪلاڪ ئي نه گزرندو ته واچ اوهان جي ڪارائي کي ٺپڪي ڏيندي ته اٿ سائين منهنجا، ناهي ويل ويهڻ جي.


خبر هن صفحي تان کنئي..
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top