سَسُئِي آبِرِي جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي
    پِتَائِين پُنُهَونءَ کَي، هَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ هِڪَ
    اِنَ تَڙَ مَنجَهان تِڪَ، ڏِنَي پَاڻَ اُڃَ ٿِئَي


    سُرُ سَسُئِي آبِرِي

    سِجَهائَي = ڳاريسِ، جلائيسِ، پچائيسِ، جهوريسِ
    پِيتَائِين پُنُهُونءَ کَي = پنهونءَ جي صحبت جو جام پيتائين
    ڀَڳِيَسَ = لٿسَ، پوري ٿيسِ
    تَڙَ = گهيڙ، چشمو، درياھ، سمنڊ
    تِڪَ = ڳِيتَ، سرڪي

    بيت جو پس منظر

    ~ جي سسئي سِڪَ ۾ ڪباب جيان پچي پئي تہ بہ سِڪَڻَ کان نہ مڙي.
    ~ هن پنهونءَ جي صحبت جو، جيڪو جام پيتو آهي، تنهن سِڪَ اڃان سوائي ڪري ڇڏي اٿسَ.
    ~ هن عشق جي درياھ مان جنهن بہ چُڪِي پيتي ان جي اُڃَ اڃان وڌي وڃي ٿي.

    سمجهاڻي

    هي عشق جو مها ساغر جيڪو سدا وهندو رهي ٿو ان مان پنهنجي اُڃَ اُجَهائڻَ لاءِ جنهن هڪ دفعو سُرِڪِي پيتي تہ سندس پياسَ اڃان وڌي وڃي ٿي. جيڪو بہ محبوب جو جلوو پَسِي هن لازوال حُسُنَ تي موهت ٿي پيو، ۽ عشق جو جام پيتائين ان جي پِيَاسَ هن هيڏي وسيع ۽ وِشالُ ساغر هوندي ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي.
    سو سسئي بہ جيڪڏهن پنهونءَ جي صحبت ۾ پچي، سيڪجي ڪباب جيان ٿي پئي تہ سندس سِڪَ ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي.ڇو تہ پنهونءَ جي صحبت جو جيڪو جام سسئيءَ پيتو آهي، تنهن سندس اُڃَ ۽ اُسَاٽَ ويتر وڌائي ڇڏي آهي.


    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 نومبر 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    "ڪريڇڏي" ادا بيت جي پس منظر ۾ هي لفظ گڏ لکيل آهي سهي ڪري ڇڏيو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    "ختمناهي " ادا سائين هي لفظ سمجها ڻي ۾ گڏ لکيل آهي.. سهي ڪيو.....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    "پِتَائِين" ۽ ٻيو لفظ معني ۾ لکيل آهي "پِيتَائِين" ڪهڙو لفظ سهي آهي پڪ ڪري لکو .......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو