• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

1973 جي آئين هيٺ سنڌي، سنڌ جي قومي ٻولي قومي ٻولي ٿي سگھي ٿي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
1973 جي آئين هيٺ سنڌي، سنڌ جي قومي ٻولي قومي ٻولي ٿي سگھي ٿي
محمد خان سيال / 13 فيبروري 2015

بيريسٽر ضمير گھمريَ گذريل سال بيچ لگزري هوٽل ۾ ادبي ميلي جي موقعي تي سنڌ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته سال 1973 جي آئين ۾ پاڪستاني ٻولين کي پهريون ڀيرو اهميت ڏني وئي آهي ۽ ان جي بنياد تي سنڌ سرڪار پنهنجي صوبي اندر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ڊڪليئر ڪري سگھي ٿي ۽ اها حيثيت سال 1956 توڙي سال 1962 وارن آئينن ۾ به ڪونه ڏنل آهي ـ

اها به حقيقت آهي ته سال 1972 ۾ جيڪو ٻوليءَ جو بل بحال ڪيو ويو ۽ اهو ايڪٽ بڻيو تنهن ۾ چٽيءَ ريت لکيل آهي ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي هوندي ـ ظاهر آهي ته جيڪڏهن سنڌ کي ٻه لساني صوبو مڃجي ها ته ٻوليءَ جا هنگاما ڇو ٿين ها؟ منهنجو انهيءَ سلسلي ۾ کليو چيلينج آهي ته ايڪٽ ۾ ڪٿي به ٻه لساني صوبو، سنڌ کي ڊڪليئر ڪونه ويو هو جڏهن ته ڪوڙا سنڌي قومپرست شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ اهڙي لاڳيتي دعوى ڪري سنڌ کي قانوني ۽ آئيني طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ غير ارادي طورجاکوڙيندا رهيا آهن ـ ڪو به شخص ايڪٽ (سياستدانن جي بيانن مان نه) مان ٻه لساني صوبي جي ڳالهه ثابت ڪري ته مان ڏوهه ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اها ڳالهه مان پوري ذميداريءَ سان چوان ٿو ـ

ٻنگالين سال 1956 واري آئين ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو هو ۽ ان وقت هڪ سنڌي قوم پرست اڳواڻ يعني جي ايم سيد چاهي ها ته بنگاليءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به سولائيءَ سان قومي ٻولي ڊڪليئر ڪرائي سگھي ها ۽ بيريسٽر ضمير گھمري جي چواڻي، سنڌي ٻوليءَ کي اهڙي حيثيت 1956 واري آئين يا 1962 واري آئين ۾ به نه ملي سگھي جيڪا 1973 جي آئين ۾ ڏني وئي آهي ـ

سو سنڌي ٻوليءَ کي 1973 جي آئين موجب سنڌ جي قومي ٻولي بڻائڻ جو آئيني جواز موجود آهي، رڳو ڀرپور جدوجهد ڪرڻ گھرجي ـ ساڳي وقت مان سنڌي قوم پرستن کي دل جي گھراين سان اپيل ڪريان ٿو ته هو شهيد ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبي بڻائڻ وارو ڪوڙو ناٽڪ هاڻ بند ڪن ڇاڪاڻ ته سندن اهڙين حرڪتن جي ڪري سنڌ جي وحدت کي گھڻو نقصان پهچي سگھي ٿوـ
 
Back
Top