
ان ڏينهن رات جو دير سان خبر پئي ته تصوف ۾ پي ايڇ ڊي هولڊر ۽ درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي انتقال ڪري ويو آهي. اکين ۾ پاڻي اچي ويو. سخي قبول محمد سان هڪ ڊگهي عرصي کان فيس بوڪ دوستي هئي .... شايد تڏهن کان جڏهن مان فيس بوڪ اڪائونٽ جوڙيو هو. مان خيرپور جي اديبن جو البم جوڙيو ته پاڻ منهنجي مدد ڪندا رهيا. نه صرف اهو پر انباڪس ذريعي رهنمائي ڪندا رهيا. اڪثر منهنجي پوسٽ تي رايا ۽ تبصرا به ڏيندا هيا. موبائل فون تي به ڪچهري ٿيندي رهي. افسوس جو ملاقات ڪانه ٿي ..... سندس لاڏاڻي کانپوء مان سندس فيس بوڪ پروفائل کولي ان کي ئي هر هر ڏسڻ لڳس ۽ يادن جا ورق اٿلندا رهيا. پوء مان سوچي رهيو هوس ته مرڻ کانپوء منهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ جو ڇا ٿيندو ؟؟؟
انهن سوالن جو حل فيسبوڪ پاڻ ئي ڏئي رهيو آهي. تازي خبر آهي ته فيس بوڪ انتظاميه ان تي سوچي رهي آهي ۽ جلد فيصلو ڪندي ته مرڻ کانپوءِ فيس بوڪ اڪائونٽ کي ڇا ڪجي؟
ان کي بند ڪجي ؟
ان کي نئون رخ ڏجي ؟
ڪنهن وارث کي ان جي هلائڻ جا اختيار ڏجن ؟
ان سلسلي ۾ ڪيترن ماڻهن کان پڇڻ کانپوء فيس بوڪ انتظاميه ابتدائي مرحملي ۾ آمريڪا ۾ شروعات ڪري پيو. جنهن ۾ هر اڪائونٽ هولڊر پنهنجي دوستن يا عزيزن مان ڪنهن هڪ کي پنهنجي اڪائونٽ جو وارث ڪندو جيڪي سندس مرڻ کانپوء سندس اڪائونٽ کي هلائيندي دوستن جي فرينڊ رڪئيسٽ جا جواب ڏيندو، پروفائل پڪچر يا ڪور تصوير تبديل ڪري سگهندو ۽ يادگار ٽائم لائين تي پوسٽ ڪري سگهندو.
اڪائونٽ هولڊر کي اهي اختيار آهن ته هو فيس بوڪ انتظاميه کي اها درخواست ڪري ته سندس مرڻ کانپوء هن جو اڪائونٽ بند ڪيو وڃي.
هاڻي ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي .... ؟؟؟؟
وڌيڪ تفصيل بي بي سي جي هن لنڪ تي موجود آهن