غلام مرتضى ٿهيم
سينيئر رڪن
جنهن سان دلڙي لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ،
اهو جاڙ جيئڻ، تنهن کان زهر پيئڻ
اهو ناهہ مرڻ، ٻيو ڇا هي ڙي؟
دل تي دود دکن، لکين پور پون،
سوين سور سجهن، دل تان ڪين لهن،
اهو ناهہ روئڻ، ٻيو ڇا هي ڙي ؟
جنهن کي نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو،
مون کي ڏس ڏيو، ڏکيو پيچ پيو،
اهو ناهہ ڦسڻ، ٻيو ڇا هي ڙي؟
ملي ماهہ لقا، جنهن تان آهيان فدا،
ڪيو قهر قضا، ٿيو يار جدا،
اهو ناهہ جلڻ، ٻيو ڇاهي ڙي ؟
ماندي يار مران، پکي روز پڇان،
”زمان“ مان ملان، اها آس رکان،
اهو ناهہ سِڪڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
(زمان شاه)