رجنيش اوشو/ فياض لطيف پرن بنا پرواز سرمتي اها ٻولي آهي، جنهن کي انسان بلڪل ئي وساري چڪو آهي. ان کي وسارڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو ويو آهي، ڇو ته پورو سماج ۽ تهذيب ان جا مخالف آهن. معاشري جا مفلسي ۽ بد حاليءَ ۾ پنهنجا مفاد آهن، بلڪه معاشري جو بنياد ۽ جياپو ئي بدحاليءَ جي بقا تي آهي. حقيقت ۾ معاشري جو وجود انسانيت جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ نه آهي، پر اهو انسانن کي پنهنجي مفادن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ هجي ٿو، انهيءَ ڪري ئي معاشرو، انسان کان وڌيڪ وقعت وارو ٿي ويو آهي. ڪلچر، تهذيبون ۽ عبادت گاهون سڀ انسانن لاءِ آهن، پر هينئر انهن جي اهميت ۽ وقعت ايتري وڌي وئي آهي، جو انسان جو هئڻ ئي انهن جي حيثيت ڪري وڃي رهيو آهي. سرمستي فطري سچائي آهي. هر ٻار پيدائشي طور من موجي ۽ معصوم هوندو آهي. سرمستي ۽ وجدان فقط اوليائن ۽ درويشن جي ميراث نه آهي، پر هن دنيا ۾ هر ٻار سرمستي ساڻ کڻي اچي ٿو، جنهن کي بعد ۾ معاشرو ٻار تي مختلف بندشون وجھي، ان کي بدحال بڻائي، ان کان وجدان ۽ سرمستيءَ جون ساريون سندرتائون ڦري وٺي ٿو. وجدان ۽ سرمستي زندگيءَ جي سچائي آهن. ڪنهن به زنده ماڻهوءَ کي ان جي مرضيءَ بنا فتح ڪرڻ ناممڪن آهي. فقط بدحال ۽ بي وس ماڻهوءَ کي ئي باندي بڻائي سگھجي ٿو. من موجي ۽ سرمست ماڻهو پکين جيان آزاد هوندا آهن، جن کي آسانيءَ سان غلاميءَ تي آماده نه ٿو ڪري سگھجي. هو ستارن جي هيٺيان جيئڻ، هوائن سان سرگوشيون ڪرڻ ۽ سج، چنڊ سان رهاڻيون رچائڻ چاهيندا آهن، جنهن لاءِ کين محدود نه پر لامحدود وسعتون گھربل هونديون آهن. هنن کي اونداهيءَ ۾ جيئڻ تي ڪڏهن به آماده ڪري نه ٿو سگھجي. سرمست ماڻهو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان زندگي گذاريندا آهن، انهيءَ ڪري ئي هو سماج جي هيانو تي تور هوندا آهن. سرمست ۽ من موجي ماڻهو معاشري جي فرسوده روايتن جا منحرف هوندا آهن. جيڪڏهن انهن جو انگ ججھو هجي، ته جيڪر معاشرو گھڻي وقت تائين پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگھي. سرمست ۽ من موجي ماڻهو خود دار ۽ نڊر هوندا آهن. آءُ سرمست ماڻهن لاءِ انقلابي ۽ سرڪش جو لفظ استعمال نه ٿو ڪريان، پر آءُ کين خود دار پيو سڏيان، ڇو ته انقلابي ۽ سرڪش اهو هوندو آهي، جيڪو هڪ سماجي ڍانچي کي تبديل ڪري، ان جي جاءِ تي هڪ ٻي سماجي صورت کي تشڪيل ڏيندو آهي. جڏهن ته هڪ خود دار ماڻهو اهو هوندو آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن بنياد پرست سماج ۾، روايتي زندگي جيئڻ بدران انفرادي جياپو جيئڻ چاهيندو آهي. هو هڪ سماج جي جاءِ تي ٻي سماجي وجود جو منڪر هوندو آهي، ڇو ته ڪميونزم کان وٺي سوشلزم، فاشزم ۽ ڪيپيٽلزم تائين سڀئي سماجي نظام هن وقت تائين هڪٻئي جا سوٽ ماسات ئي ثابت ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو به نظام هڪ ڀيرو طاقتور بڻجي ويو، ته پوءِ اهو ڪنهن به ماڻهوءَ کي سرمست ۽ وجداني بڻجڻ ڪونه ڏيندو، ڇو ته سرمستي نظام جي ناڪاري آهي. سرمست، انقلابي نه، پر خود دار هوندو آهي. انقلابي هڪ سياسي ماڻهو ٿيندو آهي، جڏهن ته خود دار ماڻهو دل جي دنيا جو ماڻهو هوندو آهي. انقلابي پنهنجي پسند ۽ مرضيءَ جو نظام چاهيندو آهي، جنهن ۾ سندس واڳ وارسيءَ واري خواهش کي اوليت حاصل هوندي آهي. هو هميشه لٽجڻ بدران لُٽڻ، مظلوم بدران ظالم ۽ محڪوم بدران حاڪم ٿيڻ چاهيندو آهي. جڏهن ته خود دار ماڻهو نه حاڪم ٿيڻ گھرندو آهي ۽ نه ئي محڪوم. هو دنيا ۾ حاڪميت جو بنھ ئي منڪر هوندو آهي. هن کي سماجي نظامن بدران فطرت تي يقين هوندو آهي، ڇو ته کيس فطرت جي حسناڪين ۽ حقيقتن جي پوري پوري سُڌ هوندي آهي. جانورن، ٻوٽن ۽ پکين جي هيڏي وشال ڪائنات ڪنهن به حڪومتي نظام کان سواءِ ازل کان روان ۽ دوان آهي، ته پوءِ آخر انسان جي اها ڪهڙي مصلحت آهي، جو هو حڪومتي ٽڪساٽ کان سواءِ زنده رهي نه ٿو سگھي؟ انسان، حاڪميتي نظام کان سواءِ رهي سگھي ٿو، پر ڪڏهن طاقتورن طرفانکيس اهڙو موقعو ئي ڪونه ڏنو ويو آهي. جڏهن اوهان هڪ ڀيرو حاڪمن بنا جيئڻ سکي ورتو، ته پوءِ اهي زور آور ۽ طاقت جي نشي ۾ ڌت بد حواس حاڪم خود بخود پنهنجي موت مري ويندا، پر هينئر ته اوهان سندن حمايتي آهيو. توهان پنهنجي ئي دشمن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت ڏئي ڪامياب بڻايو ٿا. ان ڪري توهان پنهنجي لاءِ خود ئي غلامي خريد ڪندڙ آهيو ۽ جڏهن توهان هڪ ڀيرو غلاميءَ جي چونڊ ڪريو ٿا، تڏهن اها توهان کي ڪڏهن به آزاديءَ جو لطف حاصل ڪرڻ ڪونه ڏيندي. ٻار کي ان ڪري ئي ننڍپڻ کان قابو ۾ رکي غلام بڻايو ويندو آهي، ڇو ته جيڪڏهن هن کي هڪ ڀيرو آزاديءَ جي احساس جي لذت حاصل ٿي وئي، ته پوءِ هو ڪڏهن به سياهي ۽ سنگھرن کي قبولڻ لاءِ تيار ئي ڪونه ٿيندو. هو غلامي بجاءِ موت کي ترجيح ڏيندو. جڏهن توهان ماڻهن تي حاڪميت لاءِ طاقت جا طالبو هجو ٿا، ته ان مان صاف ظاهر آهي، ته اوهان خود پنهنجي ”هئڻ“ کان هراسيل آهيو، تنهنڪري ئي ٻين تي طاقت تحت غالب پوڻ گھرو ٿا. ميڪائولي چواڻي: ”پنهنجي بقا جو بهترين ذريعو ٻي جي هلاڪت ۽ محڪومي آهي“. دنيا ۾ انهن کي ئي ڪامياب سياستدان مڃيو وڃي ٿو، جيڪي پنهنجي وجود ۾ احساسِ ڪمتري جو شڪار ۽ ڀاڙيائپ ۽ مڪاريءَ جو ڀنڊار هجن ٿا. هو هميشه انهيءَ ڊپ ۾ هوندا آهن، ته هو جيڪڏهن سياسي طور سگھارا نه ٿا ٿي سگھن، ته پوءِ ڪا نه ڪا سگھاري ڌر سندن ترا ڪڍي ڇڏيندي، تنهڪري هو سدائين محڪوم بدران حاڪم ۽ طاقتور ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا. حقيقت ۾ حاڪم ۽ محڪوم هڪ ئي ٻيڙيءَ جا سوار آهن. هنن ٻنهين جي پوري طاقت ان ٻيڙيءَ جي بچاءَ ۽ حاصلات تي ضايع ٿئي ٿي. جيڪڏهن ٻار هڪ ڀيرو آزاديءَ جو مزو ماڻي ڏسي، ته پوءِ هو ڪڏهن به ڪنهن هٿ ٺوڪي سماجي نظام، ڪنهن ڪليسا، ڪنهن ڪلب ۽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو حصو ٿيڻ ئي ڪونه چاهيندو، پر هو ان جي بدران اڪيلو رهي آزاديءَ مان خوب لطف اندوز ٿيندو ۽ سندس ”هئڻ“ آزاديءَ لاءِ هڪ دروازو بڻجي ويندو. ٻار کي آزادي ماڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن هو ڪنهن مهل ماءُ کي چوندو ته ”امي! مان ٻاهر وڃان؟ ٻاهر روشني ۽ کليل هوا ۾ ڊوڙڻ تي منهنجي ڏاڍي دل ٿي چوي“. پر ٺھ پھ ۽ رکائيءَ سان اڪثر مائرون وراڻينديون آهن، ”نه“. ٻار ڪا وڏي خواهش ته ڪونه ڪئي هوندي آهي. هو ته فقط صبح جي سونهري سج، ٿڌڙي هوا ۽ فطرت جي خوبصورت نظارن سان دل وندرائڻ جي تمنا ڪندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جو ڪوئي خرچ ڪونه ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻار ڪو ڪم ڪندي، ان جي سرور ۽ مسرت ۾ مگن هوندو آهي، پر ڪو نه ڪو رُخنو وجھي کيس ان کان منع ڪندو آهي ۽ ٻار سمجھڻ لڳندو آهي، ته خوش ٿيڻ به شايد گناھ آهي، تنهنڪري هو سرهو ٿيڻ بدران غمگينيءَ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪوئي ٻار گھڙيال کولي، ان جو مشاهدو ڪرڻ گھرندو آهي، ته گھر جا ڀاتي مٿس ڏمرجي پوندا آهن. هو صرف گھڙيال کولي ان جي پُرزن کي جاچڻ چاهيندو آهي. هو فقط اهو ڏسڻ گھرندو آهي، ته ان ۾ ڪهڙي سائنسي سچائي عمل پيرا آهي. اهو جذبو ۽ اشتياق، گھڙيال جي قيمت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملهائتو آهي. جيڪڏهن گھڙيال خراب به ٿي پيو، ته ان ۾ ايڏو هرج ڪونهي، پر جيڪڏهن هُن جي ذهن جو اشتياق ۽ جذبي جو جولان مري ويو، ته پوءِ سچ جي ساڃاھ لاءِ هن جي جيءَ ۾ ڪڏهن به تڙپ ۽ تانگھ جي چڻنگ روشن ٿي ڪونه سگھندي. تارن ڀري خوبصورت رات ۾ ٻار جو من چاهي ٿو، ته هو قدرت جي حسين منظرن جو مشاهدو ڪري، پر سندس اهو سمهڻ جو وقت آهي، جڏهن ته هن جي نيڻن مان ننڊ جلاوطن ٿي ويل آهي. هو ڏاڍو اداس ۽ وياڪل آهي. صبح سويري جڏهن هن ننڊ مان اک پٽڻ نه ٿي گُھري ۽ بستري تي ننڊ مان خوب مزو وٺڻ ٿي چاهيو، تڏهن سندس گھر وارا پٽي ننڊ مان اُٿارن ٿا. جڏهن ٻار خوابن ڀري ننڊ مان نيڻ کولڻ نه ٿو چاهي، تڏهن جاڳڻ لاءِ مٿس جبر ڪيو وڃي ٿو، پر جڏهن هو جاڳي خوبصورت تارن ڀرئي آڪاش ۽ موهيندڙ ماحول مان مزو وٺڻ، جھومڻ ۽ نچڻ گھري ٿو، تڏهن کيس سمهڻ ۽ ننڊ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. ٻار جڏهن کيڏڻ چاهي ٿو، تڏهن کائڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو وڃي ٿو، توڙي جو ان وقت هو مانيءَ جي ضرورت محسوس ڪونه ٿو ڪري، پر جڏهن کيس بک هجي ٿي، تڏهن آويلو وقت هجڻ جو عذر ڏئي کيس ٽاريو وڃي ٿو ۽ هن جي بک مري وڃي ٿي. ان طرح ٻار جي فطري سرمستين ۽ سرهائين جو آهستي آهستي انت آندو وڃي ٿو. ٻار جڏهن پنهنجيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهي، تڏهن ان ۾ مداخلت ڪري کيس جڙتو سرهائين جو درس ڏنو وڃي ٿو. اسڪول ۾ اوچتو ڪلاس کان ٻاهر ڪنهن ڪويل جي موهيندڙ ڪوڪ ٻار کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري ٿي، جڏهن ته ڪلاس ۾ ميٿيميٽڪ جو پيرڊ هلندڙ آهي، جتي سماجي طور ٻار کان سگھارو استاد موجود آهي، جيڪو ٻار کي گھڙي گھڙي بليڪ بورڊ ڏانهن توجھ ڏيڻ لاءِ ڇڙٻيندو رهي ٿو، پر ڪويل جي موهيندڙ ڪوڪ ان کي وڌيڪ موهي ۽ متاثر ڪري ٿي ۽ ٻار چاڪن سان چچريل بليڪ بورڊ بدران ڪويل جي مڌر ٻولين ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. اهڙي ٻار کي سماجي طور سلڇڻو ڪونه سمجھيو ويندو آهي، ڇو ته سماج سرمستيءَ جي حسن ۽ حقيقت کان نا آشنا ۽ محروم آهي. سماج جي واڳ ڌڻين جي ماڻهن جي بيوسي ۽ لاچاريءَ ۾ ئي سرهائي آهي. مندرن، ڪليسائن ۽ طاقتورن جي درن تي فقط اهي ئي جُھڪندا آهن، جيڪي مصيبت ماريل هوندا آهن. پُرمسرت ۽ سرمستيءَ سان سرشار ماڻهو ڪليسائن ۾ ويندا ڇا لاءِ؟ هنن لاءِ ته خدا هر جاءِ تي موجود هوندو آهي. هو جيڏانهن به نهاريندا آهن، سندن سڄڻ سامهون هوندو آهي. خدا ته جھومندڙ گلن، ٻوليندڙ پکين، ڀريل بادلن، دريائن ۽ سمنڊن جي سندرتائن ۽ معصوم ٻارڙن جي خوبصورت نيڻن ۾ موجود هوندو آهي، پر ان کي بصيرت کان محروم ۽ بدنصيب ماڻهو پسي ڪونه سگھندا آهن، ان ڪري ئي هو مندرن، مسجدن، ڪليسائن، پنڊتن، پادرين ۽ مُلن وٽ وڃي خدا جون پڇائون ڪندا ۽ ان جا پار ۽ پتا ووڙيندا آهن. حقيقت ۾ ڌرمن جو ڌڻ به اهي وهمن ۾ ورتل ۽ بدحال ماڻهو ئي هوندا آهن. برٽرينڊرسل چواڻي، ”دنيا ۾ جنهن ڏينهن انسان پُرمسرت بڻجي ويو، ان ڏينهن ڌرمن جو وجود ختم ٿي ويندو.“ رسل پنهنجي راءِ ۾ نوانوي سيڪڙو صحيح آهي. آءٌ سَو سيڪڙو انهيءَ ڪري نه ٿو چوان، ڇوته مان هڪ اهڙي سرمستيءَ جي مذهب بابت ڄاڻان ٿو، جنهن جي باري ۾ رسل کي ڪائي خبر ڪونهي ۽ دنيا ۾ اهو مذهب تڏهن جنم وٺندو، جڏهن ماڻهو پُرمسرت ۽ پيار ڪندڙ بڻجندا. اڄ جا ڌرم اصل نه پر خمار ڏياريندڙ ٽرنڪولائيزر آهن. ان حوالي سان مارڪس ان چوڻ ۾ حق بجانب آهي ته، ”ڌرم انسان لاءِ آفيم جيان آهن، جيڪي ان جي بدحاليءَ ۽ بيوسيءَ کي اينگھائين ٿا“. سياستدان ۽ پادري هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. هو توهان جي بدحالي ۽ بيوسيءَ تي خوش ٿي کڳيون هڻن ٿا. سياستدان توهان کي قوم ۽ ملڪ جي نالي تي جنگيون وڙهڻ لاءِ آمادھ ڪن ٿا، ته پادري وري ڌرم جي نالي تي توهان ۾ ويڇا وڌائي، توهان کي هڪٻئي جي خون جو پياسو بڻائين ٿا. فقط بدحال ماڻهو ئي خون خرابو ۽ مار ڌاڙ ڪري سگھندا آهن، ڇوته اهي ايترا ته تنگ هوندا آهن، جو زندگيءَ کي موت تي ترجيح ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هڪ ڀيري ايڊولف هٽلر ڪنهن برطانوي ڊپلوميٽ سان ٽيھ ماڙ عمارت تي بيٺو هو. هٽلر برطانوي ڊپلوميٽ کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ جرمن سپاهيءَ کي ان ٽيھ ماڙ عمارت تان ٽپو ڏيڻ جو حڪم ڪيو، سپاهي بنا ڪنهن دير جي ٽپو ڏنو ۽ مري ويو. برطانوي ڊپلوميٽ کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. هٽلر کيس وڌيڪ متاثر ڪرڻ لاءِ ٻي سپاهيءَ کي ٽپو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ پهرين وانگر هن به ٻڙڪ ٻاڦڻ کان سواءِ ٽپو ڏئي ڇڏيو. جڏهن هٽلر ساڳي عمل لاءِ ٽين سپاهيءَ کي آرڊر ڪيو، تڏهن برطانوي ڊپلوميٽ ڊوڙي وڃي سپاهيءَ کي روڪيو. ”تون هي ڇا پيو ڪرين! بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجي زندگي، موت جي منهن ۾ ڇا لاءِ پيو اڇلائين؟ “ سپاهيءَ وراڻيو، ”سر! هن پاڳل ماڻهوءَ جو ماتحت هجڻ ۽ هن ملڪ ۾ زندھ رهڻ بدران موت ئي بهتر آهي.“ جڏهن ماڻهو بدحال هوندو، تڏهن موت ۾ ئي کيس نجات نظر ايندي ۽ هو مرڻ، مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. سياستدان اوهان جي بيوسي ۽ بدحاليءَ سبب زندھ ۽ سگھارا آهن. توهان جيستائين انهن سياستدانن کان جند نه ڇڏائيندو، بدحاليءَ مان ڇٽڪارو حاصل ڪري نه سگھندو، تيستائين اوهان کي سرمستي حاصل ٿي ڪونه سگھندي. زندگيءَ جون مسرتون ۽ مرڪون ماڻي ڪونه سگھندو ۽ جياپي بنا ئي اجل جو بَکُ بڻجي ويندو. هي معاشرو، جنهن کي اوهان تهذيب يافته، مهذب ۽ تعليم يافته سمجھو ٿا، ان جي تشڪيل جا بنياد ئي طلسمي آهن. اهو توهان کي اهڙا علامتي، چمڪندڙ ۽ هوائن ۾ اڏامندڙ خيال ڏي ٿو، جن جي فريب ۾ اوهان جلدي ڦاسي پئو ٿا، پر آهستي آهستي ٿوري وقت ۾ ئي اهي پنهنجي چمڪ ڌمڪ وڃائي ويهن ٿا. مثال طور معاشرو توهان کي خواهشن، اميدن ۽ سڀاڻي جي آسري تي اڄ جي جياپي کي قربان ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ اوهان ان ٽڪساٺ ۾ ڦاسي پنهنجون خوشيون ۽ خوبصورتيون وڃائي ڇڏيو ٿا. ٻالڪ پڻي کان وٺي اوهان جي ذهنن ۾ امير ٿيڻ ۽ طاقتور بنجڻ جو بوسو اهي ماڻهو ئي ڀرين ٿا، جن کي خود اها به سُڌ نه آهي، ته هر فرد ۾ فطري طور قابليت ۽ سرمستيءَ جي خوبي موجود هوندي آهي. هر لمحي ٻار کي ان فريب ۾ مبتالا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ته جيستائين اوهان وٽ ججھي دولت، ڪار، بنگلو ۽ فلاڻي فلاڻي شيءِ نه هوندي، تيستائين اوهان پرسڪون ۽ پرمسرت ٿي نه ٿا سگھو ۽ اها ڪوشش اهي ڪن ٿا، جن مسرتون ڪڏهن ماڻيون ئي ڪونه آهن. انهن جو سڪون ۽ سرهائيءَ سان ڪڏهن ڪوئي سروڪار ئي ڪونه رهيو آهي. مسرت حاصلات بدران هڪ فطري صداقت آهي. جانورن وٽ دولت، بنگلا ۽ ڪارون ڪونه آهن، پر پوءِ به هو پرمسرت ۽ آزاديءَ جي احساس سان سرشار آهن. وڻ ۽ ٻوٽا انهن شين جي الڪي کان سواءِ ٽڙن، مرڪن ۽ جھومن ٿا. اهي پنهنجون ساريون سرهائيون ۽ سندرتائون ڪائنات ۾ موجود مخلوق سان ونڊين ۽ ورهائين ٿا. اهي ڪنهن به ڪليسا ۾ ڪونه ٿا وڃن، پر خدا خود انهن وٽ ڪڏهن برسات جي حسين بوندن جي روپ ۾، ڪڏهن سج جي سندر ڪرڻن جي صورت ۾، ته ڪڏهن وري هوائن جي وڻندڙ احساس ۾ ڪَهي اچي ٿو. دنيا ۾ ماڻهو ئي اهڙي مخلوق آهي، جيڪو ناخوش ۽ نراس آهي، ڇو ته هو فطري حقيقتن بدران مصنوعي خواهشن جي دنيا ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ خواهشون اهڙو فريب هجن ٿيون، جيڪي اوهان جي ذهن ۽ زندگيءَ کي ڀٽڪائي ڇڏن ٿيون. جيڪڏهن اوهان حقيقي جياپو جيئڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ اوهان کي انهن پرفريب اميدن ۽ آسرن کان پنهنجو پاند آجو ڪرائڻو پوندو. جڏهن توهان انهن غرضن ۽ لالچن کان آزاد ۽ آجا ٿي ويندو، تڏهن ئي توهان ۾ حقيقي ۽ حسين جيون ۾ داخل ٿيڻ جي جرت پيدا ٿيندي. سرمستي ذهن ۽ خيال بدران دل ۽ احساس سان تعلق رکي ٿي، پر توهان کي ته احساسن ۽ امنگن کان دوريءَ جو درس ڏئي، ايترو پري ڪيو ويو آهي، جو اوهان انهن جو ادراڪ ۽ احساس ئي وساري ويٺا آهيو. دماغ فقط وجود جو حصو آهي، جڏهن ته دل پورو وجود هجي ٿي. تنهنڪري دماغ بدران مڪمل دل ٿي وڃو. جڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ اوهان مڪملتا سان موجود هوندو، تڏهن جذبا ۽ احساس جنم وٺندا ۽ جذبن ۽ احساسن سان وري سرمستي ۽ سرمديءَ پيدا ٿيندي. اوهان جيڪڏهن دل بدران دماغ سان محبت ڪندو، ته پوءِ اوهان کي سرمديءَ جي سندرتا ڪڏهن به حاصل ٿي ڪونه سگھندي. ڪبير جي لفظن ۾، ”جھوم دل اڄ جھوم، مسرتن سان جھوم“. جيڪي ماڻهو ان رمز کي پروڙي وٺندا آهن، اهي ئي زندگيءَ جي حسن ۽ حقيقت کي ماڻي سگھندا آهن. خوشي اڻ جھل شيءِ آهي، جنهن کي صرف غير معمولي ماڻهو ئي سنڀالي سگھندا آهن. عام ۽ رواجي ماڻهو ايترو ته چالاڪ ۽ ڪُند دل ٿئي ٿو، جو خوشي هن جي برداشت کان ٻاهر هجي ٿي. سماج پرمسرت ماڻهن کي جھڪائي نه ٿو سگھي. اوهان جيڪڏهن ضابطي ۾ رهڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ ڪڏهن به مسرتون ماڻي ڪونه سگھندو. ضابطي سان صرف بدحالي ۽ بيوسي خريد ڪري سگھجي ٿي. سرمستي ۽ سرهائي ضابطي جي مڙني سرحدن کان مٿانهين آهي. جيئن خالق لافاني آهي، تيئن سرمستي ۽ سرمدي لامحدود آهي، جنهن تي ضابطي قائم ڪرڻ بدران ان جو مطيع ٿيڻو پوي ٿو. سرمستي ۽ سرهائي سمنڊ جيان وشال ۽ گھري آهي، جنهن جو انت لهڻ ۽ ان کي قابو ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي. خوشين کي ضابطن جي زنجير ۾ نه جڪڙيو، پر مسرتن سان ائين جھومو ۽ نچو، جو زندگي ۽ موت ان جي رقص ۽ رنگ ۾ تضادن جون سڀئي تميزون وڃائي ويهن. اوهان جڏهن پُرمسرت هوندو، تڏهن نه رڳو جبل۽ نديون، پر پوري ڪائنات اوهان سان گڏ محوِ رقص هوندي. جيڪڏهن اوهان غمگين ۽ ويڳاڻا هوندو، ته پوءِ بدحالي ۽ مصيبتون ويتر اوهان کي ويڙهي وينديون ۽ توهان بلڪل کوکلا ٿي ويندو. بدحالي اوهان کي کوکلو بڻائي ٿي ۽ کوکلائپ اوهان کي روحاني طور ڪنگال ڪري ڇڏي ٿي. انا ۽ غرور خوشين ۽ خوبصورتين جا ازلي ويري آهن. جڏهن اوهان پُرمسرت هوندا آهيو، تڏهن خوشيون ۽ خوبصورتيون ورهائڻ لاءِ آتا هوندا آهيو، پر جڏهن غمگين هوندا آهيو، تڏهن ڪسمپرسيءَ کي ترجيح ڏيو ٿا. مهاوير ۽ گوتم ٻڌ جڏهن غمگين هئا، تڏهن دنيا ڇڏي جھنگ منهن ڪيائون، پر ڇهن ورهين کان پوءِ جڏهن سندن من مسرتن ۽ سرمستين سان سرشار ٿي ويو، تڏهن ماڻهن جي هجومن ۾ واپس موٽي آيا. اوهان غمن ۾ ٻج جيان هوندا آهيو ۽ خوشين ۾ گلن وانگر، جن جي خوشبو هوائن جي دوش تي پري پري تائين پکڙجڻ لاءِ آتي هوندي آهي. جڏهن ماڻهو غمن جو شڪار بڻجي ويندو آهي، تڏهن ئي خودڪشي ڪندو آهي. خودڪشي ڇا آهي؟ هن دنيا کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ واپسيءَ جي سڀني آشائن تان هٿ کڻي ڇڏڻ جو نالو ئي خودڪشي آهي. ڇا توهان ڪڏهن اهو ٻڌو آهي، ته ڪنهن جھومڻ، پُرمسرت ۽ سرمست هجڻ دوران خودڪشي ڪئي هجي.؟ نه ڪڏهن به نه... موجن ۽ مسرتن دوران اوهان جي دلين جا دروازا کليل هوندا آهن ۽ ان ۾ دوستن کان وٺي پاڙيسرين ۽ نا آشنا ماڻهن تائين جي آمد لاءِ آجيائون منتظر هونديون آهن، پر جڏهن اوهان غمن ۾ هوندا آهيو، تڏهن نا آشنا ته پري، پر توهان وٽ پنهنجن پيارن جي آجيان لاءِ به گرم جوشي ڪونه هوندي آهي. دنيا جا سمورا مذهب خدا جي خلقڻهار واري عظمت جا اقراري آهن، پر ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي سمجھڻ کان ڪيٻائن ٿا. جيڪڏهن خدا خلقڻهار آهي، ته پوءِ تخليق ذريعي ئي سندس قرابت حاصل ڪري سگھجي ٿي. تخليقار بڻجو، اها ئي اوهان جي اتم عبادت آهي. مصوري، سنگيت، رقص ۽ شاعري ڪريو يا ڪو ننڍڙو باغيچو ئي لڳايو، مگر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تخليقي ۽ تعميري بڻجو. جيڪو ڪجھ ڪريو، ان کي دل جي حضور،نئين رنگ ۽ نزاڪت سان نڀايو، ڇو ته خالقِ ڪائنات خود سونهن ۽ سليقي کي پسند ڪري ٿو. اڄ تائين مذهبي ماڻهو گھڻو ڪري تخليق ۽ نواڻ کان ڪوهين ڏور رهيا آهن. مصوري، سنگتراشي، شاعري ۽ رقص جا عمل سندن نظر ۾ گناھ آهن، پر آءٌ وشواس سان چوان ٿو، ته غير تخليقي هجڻ خدا جي انڪار مترادف آهي. آءٌ توهان کي ڪنهن شيءِ تياڳڻ جي تعليم ڪونه پيو ڏيان، پر فقط اهو ٿو چوان، ته جيڪا شيءِ اوهان ۾ اڳ ئي موجود آهي، تنهن کي صرف محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جڏهن توهان جو خدا توهان ۾ موجود آهي، تڏهن ان کي ڳولڻ ۽ پسڻ لاءِ توهان کي ٻيا در واجھائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بقول ڪبير: ”خدا اندر ۽ ٻاهر هر جاءِ تي موجود آهي، پر ان کي پسڻ جي ابتدا سڀ کان پهريان اندر کان ڪرڻ گھرجي، ڇو ته جيستائين اوهان خدا جو جلوو جيءَ ۾ نه ٿا پسو، تيستائين ان کي ٻاهر پسي سگھڻ جي قابل به نه ٿا بڻجي سگھو. جيڪڏهن اوهان خدا کي اندر ۾ پسڻ بدران ٻاهر ڏسو ٿا، تڏهن اهو هڪ خواب مترادف آهي، جنهن ۾ صرف هڪ خواهش جي تسڪين ممڪن بڻجي ٿي.“ پرين پسڻ جي سفر جي شروعات ٻوٽيل نيڻن سان ۽ انتها اُپٽيل اکين سان ٿيڻ گھرجي. جيڪڏهن توهان هڪ ڀيرو پرينءَ کي ان ريت پَسي ورتو، ته پوءِ اوهان کي هر جاءِ تي سڄڻ سامهون نظر ايندو. توهان پوءِ کيس اکين کان سواءِ به ڏسي سگھندو. ڪنن کان سواءِ به ٻُڌي ۽ هٿن کان سواءِ به ڇُهي سگھندو. توهان جي حيثيت پوءِ ڪبير جي هن شعر جو عملي روپ بڻجي ويندي. ”ڳولا جي سفر ۾ ڪبير پاڻ وڃائي ويٺو. قطرو سمنڊ ۾ ملي ويو ۽ سمنڊ قطري ۾، جنهن کي ٻيهر ڳولي لهڻ ناممڪن آهي.“
هي ليک وڻيو ... بهترين تحرير ... ڳالهين تي گهرائي سان سوچجي ۽ سوال ڪجن ٿا ته هي مذهب ۽ سماجي رسمون آڙي اچن ٿيون ...... سچ اهو آهي ته آزادي نه هجڻ برابر آهي.