عورتن ۾ گنج پڻ جو جين

'سنڌياڻي' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عورتن ۾ گنج پڻ جو جين

    آسٽريليا جي سائنسدانن ويجهڙائي ۾ هڪ اهڙو جين ڳولي لڌو آهي جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو عورتن جا وار وڌيڪ ڪيرائڻ جو سبب بڻجندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان جين جي لڀڻ سان گنجي ٿيڻ جو مڪمل علاج ممڪن ٿي سگهندو ۽ وار نه ڪرندا. يونيورسٽي آف ميلبورن ۽ سينٽ ونسنٽ اسپتال سان واسطو رکندڙ ريسرچرن لڳ ڀڳ 50 کان وڌيڪ عورتن جي ڊي اين اي جو مطالعو ڪيو جن جا وار 50 سيڪڙو ڇڻي چڪا هئا ۽ انهن جون عمريون 18 سالن کان 65 سالن تائين جون هيون ۽ جن ۾ وار ڪرڻ جي بيماري ڏٺي وئي هئي. اها بيماري 10 کان هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ ۾ ڏٺي وئي هئي. اهڙين عورتن جي ڀيٽ ٻين اهڙين عورتن سان ڪئي وئي جن جا وار صحيح سلامت هئا. اهڙيون عورتون جيڪي وارن ڪرڻ جي مرض ۾ مبتلا هيون انهن ۾ آبسٽروجن، حساسيت پيدا ڪندڙ بيٽاجين ڏٺو ويو هو، جنهن کي اي ايس آر ٽو جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جين جي ڪري اهڙين عورتن جا وار بلڪل ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي جسم جي آسٽروجن ليول به گهڻي حساسيت واري هئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ 40 سيڪڙو وار ڪرڻ وارين عورتن ۾ اهو جين ڏٺو ويو آهي، جنهن جا وار تمام گهڻا ڪري رهيا هئا. مرض وڏي پيماني تي ڦهلجي چڪو هو. اهڙيون عورتون جن جا وار نه پيا ڪرن انهن کي به اهڙو جين مختلف نوعيت ۾ ڏٺو ويو آهي پر گنجي ٿيڻ واري شڪار عورتن ۾ اهو مختلف هوندو آهي. محققن مان هڪ اهم محقق راڊ سنڪليئر جو چوڻ آهي ته ان جين جي مدد سان عورتن ۾ وار ڪرڻ کان روڪڻ جو علاج آهي ۽ ان سلسلي ۾ دوا تيار ڪري هڪ انقلابي قدم کڻنداسين ته جيئن عورتون اهڙي بيماريءَ کان محفوظ رهي سگهن. اڳ ته اهو سمجهيو ويندو هو ته آبسٽرو جو گهڻو مقدار وار ڪيرائڻ کان بچائي ٿو ۽ ان سان وارن جي واڌ ويجهه به ٿئي ٿي پر ان جين جي ڪري آبسٽروجن وارن جي پاڙن کي ڪمزور ڪندو آهي، جنهن سان وار ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ ٻيهر پيدا ٿيڻ جو ڪو به چانس باقي نه بچندو آهي

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عورتن ۾ گنج پڻ جو جين

    اهو ته سڀ سهي آهي پر اهڙي قسم جو عورتون لکن مان ڪي هڪڙيون هونديون جن جي مٿي جا وار ڇڻي پٽ پئجي ويندا آهن پر هتي اسان جهڙن مردن جا وار ڇڻڻ وارا مسئلا تقريبن هر ٽي مرد مان چوٿين مرد ۾ ضرور هوندا آهن۔ چانڊوڪي بابا ڇا ڪيو وڃي جاني والي چيز ڪا غم ڪيا ڪرين
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عورتن ۾ گنج پڻ جو جين

    سٺو ٿريڊ شيئر ڪيو اٿو
    اوهان جي مهرباني
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عورتن ۾ گنج پڻ جو جين

    سائين پير صاحب ته ولايت مان اهو مسئلو به حل ڪرائي آيو هو
    غم ڪرڻ جي بجاء انهن کان مشورو وٺجي ته بهتر ٿيندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو