سينيٽ جي چونڊن ۾سنڌکي ڪيتري قدر فائدو ملندو!!!!!!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    محمد علي ش

    ايندڙ مهيني ۾ سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن ملڪ جي سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي جي پنهنجوڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي جون سخت مخالف پارٽيون به هڪ ٿي ويون آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اڪثر اقتدار جا مزا ماڻينديون رهيون آهن. اقتدار ۾ هميشه جاگيردار قيادت پنهنجي طاقت جي زور تي ڪاميابيون ماڻي غريب عوام تي حڪمران ڪندي رهي آهي. اقتدار ۾ جاگيردار، وڏيرا، ۽ مير ايندا رهيا آهن، جن جي ترجيح سنڌ کي گوڊ گورننس ڏيڻ قطعي نه رهي آهي. هڪ ٻئي جون سخت مخالف پارٽيون هڪ ٻئي جي ويجهو فقط اقتداري مفادن خاطر آيون آهن. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم اقتدار کان ٻاهر آهي، پر سينيٽ جي چونڊن سندن ڪاميابيءَ جا دروازا کولي ڇڏيا آهن ۽ اسان جي سنڌ سرڪار سينيٽ جون سيٽون کٽڻ لاءِ کين گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ايم ڪيو ايم اقتدار کان ٻاهر رهندي ڪافي بدنام به ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي آپريشن ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به سامهون آيون، جن جا ڇنڊا ايم ڪيو ايم تي پيا آهن. گذريل مهيني ايم ڪيو ايم خلاف وزيراعليٰ جي بيان به عوام کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وزيراعليٰ ايم ڪيو ايم خلاف ڪڙو سچ ڳالهايو هو. ظاهر آهي ته ڪراچي ۾ بلديه سانحو ۽ 12 مئي جا واقعا فائلن ۾ دٻجي ويا هئا ۽ ذميوارن جو ڪو پتو سرڪار لڳائي نه سگهي هئي، پر ائين نه هو. سرڪار اهو سڀ ڪجهه پاڻ لڪائي ڇڏيو هو ته جيئن اهي شيون وقت تي ڪم اچن، جيئن ته ايم ڪيو ايم هاڻي پيپلز پارٽي جي اتحادي پارٽي نه آهي، ان ڪري سينيٽ جي ووٽن لاءِ سرڪار خود اهڙيون شيون بچائي رکيون هيون ته جيئن وقت اچڻ تي اهي ڪيش ڪرائي سگهجن. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ پل جو ڪردار اڳ به رحمان ملڪ جو هو ته هاڻي به سندس ساڳيون ٽاپيون آهن. رحمان ملڪ جو واسطو سنڌ سان ڪونهي، پر هو نه فقط سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو وڃي ٿو، جڏهن به ايم ڪيو ايم جا اقتداري مفاد متاثر ٿيندا آهن ته هو سنڌ جي ورهاڱي تي لهي ايندي آهي. بلديه سانحو ٿيو، ان جي پڪڙيل جوابدار ايم ڪيو ايم بابت اهم انڪشاف ڪيا، وري 12 مئي واقعي جو ٽارگيٽ ڪلر پڪڙيو ته ان ايم ڪيو ايم جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جنهن جا تفصيل 9 فيبروري 2015ع جي اخبارن ڇاپي ڇڏيا آهن. منهنجي خيال ۾ بلديه سانحي جون حقيقتون ۽ 12 مئي واقعي تان هٽايل پردي جو تعلق يقينن سينيٽ چونڊن سان آهي ته جيئن ايم ڪيو ايم کي سوڙهو ڪري کانئن سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽ حاصل ڪري سگهجن. حالانڪه ان کان اڳ ئي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا. سنڌ سرڪار کين اقتدار ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ته ايم ڪيو ايم به انڪار نه ڪيو، اهي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ اڳ کان به وڌيڪ حصو ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم جون پسند واريون وزارتون، بلديات، صحت، تعليم ۽ گهرو کاتو آهن، جن مان کين بلديات ۽ هوم منسٽري ملڻ جون ڳالهيون گردش ۾ آهن. يقينن وري مفاهمت جي ان دور جو آغاز ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جي عوام گهڻو ڪجهه وڃايو هو ۽ سنڌ جو سيٽ اپ سئين لڱين نه بچيو هو. مفاهمت ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي، ايم ڪيو ايم کي وزارتون، صلاحڪاريون به ڏيندي، پر اهي گهاءَ نه ڀرجي سگهندا، جيڪي سنڌي عوام کي ٻنهي پارٽين جي رساڪشي سبب رسيا هئا. عوام اها چاڪنگ ڪيئن وساري سگهندو، جيڪا ڪراچيءَ جي ڀتين تي رات پيٽ ۾ ڪئي وئي هئي. سنڌ جا ماڻهو الطاف جي سنڌ جي ورهاڱي واري خطاب کي ڪيئن وساري سگهندا، جنهن ۾ هن گهر ڪئي هئي ته شهري سنڌ مهاجرن کي ڏني وڃي. ڪجهه مهينا اڳ سنڌ اسيمبلي فلور تي ايم ڪيو ايم جيڪو ممڻ مچايو هو، سو ڪنهن کان وسريو آهي ڇا؟ ساڳيا پيپلز پارٽي جا نمائندا هئا، جن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا هئا، جن ايم ڪيو ايم جو جيئڻ حرام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون. سينيٽ جي چونڊن سنڌ جي سمورن مفادن کي چيهاڙي ڇڏيو! هاڻي ٻئي پارٽيون گڏجي سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺنديون، اقتداري مفادن جي رام ڪهاڻي ته اها گردش ۾ هئي ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کان سينيٽ چونڊن لاءِ جيڪي ڳالهيون سامهون رکيون هيون، اهي منظرعام تي نه آيون. پيپلز پارٽي وٽ جيڪي ايم ڪيو ايم جا راز آهن، چون ٿا انهن وڏو ڪم ڏيکاريو. چون ٿا رحمان ملڪ، ايم ڪيو ايم کي اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم سينيٽ چونڊن لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي حمايت نه ڪئي ته پيپلز پارٽي جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ ۽ مسلم ليگ (ن) سان ملي معاملا طئي ڪندي. اقتدار لاءِ آتي ايم ڪيو ايم کي اقتدار جي آڇ ٿئي ۽ هوءَ ڪنڌ ڪڍائي، اهو ته ٿي ڪونه ٿو سگهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي سهڪار سان ڪجهه پراڻا ۽ ڪجهه نوان سينيٽر چونڊرايا ويندا. رحمان ملڪ جي هن ڀيري به سنڌ مان سيٽ پڪي آهي. حالانڪ سنڌ جي مسئلن لاءِ رحمان ملڪ ڪڏهن به آواز نه اٿاريو آهي، باقي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ هڪ سٺي مُفاهمتي جو ڪردار ضرور ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سڀ معاملا طئي ٿي ويا آهن، رحمان ملڪ لنڊن ۾، ايم ڪيو ايم سربراهه سان ڊگهي ملاقات ڪري واپس اچي چڪو آهي. هوڏانهن فنڪشنل مسلم ليگ پڻ ٻڏتر جو شڪار آهي، هو به پيپلز پارٽي سان سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد ڪرڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ڌر اڳواڻ ڄام مدد علي جي سنڌ جي وزيراعليٰ سان ملاقات جا فوٽو به اخبارن ۾ ڇپيا.

    اقتداري ايوانن ۾ ننڊون ڪندڙ ميمبرن ڄڻ ته، سنڌ جو ڪيس ٻوڙي ڇڏيو آهي. ڇا ڪجي سنڌ جا ووٽ ڏيندڙ مسڪين ماڻهو آهن، جن جي ووٽن جي ڪا اهميت ڪانهي. سنڌ جو عوام اقتداري پارٽين کي اها عرض ٿو ڪري ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ جن به پارٽين جون سرگرميون پنهنجا اميدوار چونڊرائڻ تي مرڪوز ٿي ويون آهن، اهي سنڌ جي ڀلائي خاطر ڪنهن مفادپرست پارٽي سان مفاهمت ڪرڻ بجاءِ انهن سنڌ دوست عوام دوست شخصيتن کي سينيٽ جي سيٽ تي ڪامياب ڪرائي پنهنجو فرض ۽ حق ادا ڪري.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو