گلن جهڙي ڇوڪري

نظم



گلن جهڙي ڇوڪري خوشبو تنهنجو آ بدن

محبتن ۾ آن معطر دل کي تنهنجي آ لڳن

کوڙ ساريون پد مڻيون پرڪون تنهنجو آهي مٽ

تون سراپا سونهن آهين تو لئه تڙپي منهنجو من

قد به پورو چيله سنهڙي تابشي تنهنجي آ مرڪ

جنهن آ موهيو منهنجي من کي تابشن ۾ تڙپي تن

تون جياپو جيءَ جو تون آهين انمول اهڙي

تو نه جهڙي ڪا سکي تنهنجي اڳيان سڀ دفن

روح کي آ تو ريجهايو ساه کي تو لئه سٽون

بي چين ٿي پيو روح آ جو محبتن ۾ آ مگن

شاه ۽ بادشاه تو در پيا پڪارين پيار ۾

سڀ ٿيا فقري فقير هاڪ ايڏي تو حسن



رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top