• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي آبِرِي مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jb2zhW6hIudGs1.jpg

مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ
پِي پِيَالَو اُڃَ جَو، اُڃَ سِين اُڃَ اُٿِيَارِ
پُنُهُون پَاڻَ پِيَارِ، تَہ اُڃَ سَان اُڃَ اُجَهائِيَان


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

مَنَ ۾ = دل ۾،
تَشِنِگِي = اُسَاٽَ، اُڃَ
اُڃَ = پياس، تئونسَ، هتي اڃ جي معني' سڪ بہ ٿيندي
تَارِ = ٽمٽار، گهڻي، اُٿَاھُ
اُٿِيَارِ = جاڳاءِ، اٿارِ، وڌاءِ، ڀڙڪاءِ
اُجَهائِيَان = وِسَايَان، ٻُجَهايَان، ماٺو ڪيان

بيت جو پس مظر

~ جن جَي اندر ۾ عشق آهي تن کي سدائين اٿاھ اڃ رهي ٿي.
~ تون بہ اِهو اڃ جو پيالو پي، اڃ کي اڃ سان اٿارِ.
~ او پنهون! تون پنهنجي هٿن سان اڃ جو جام پيار تہ هن اڃ کي اڃ سان ئي ماٺو ڪيان.

سمجهاڻي

جن کي اندر ۾ عشق لڳل آهي سي عشق جي ان وهندڙ درياھ هوندي سدا اڃارا رهن ٿا.سندن اِها اڃ، اساٽ، پياس ۽ محبوب ملڻ جي سڪ ۽ اڪير ڪڏهن ختم ٿي وڃي، ايئين ٿي ئي نٿو سگهي. محبوب تہ اهڙي انمول ۽ املھ ماڻڪ شئي آهي جو ان جي صحبت ۽ محبت مان ڪڏهن ڍؤ ٿيڻو ئي ڪونهي. ڪڏهن هن سڪ جي پيالي مان چُڪِي چکي ڏسو اوهان جي اندر ۾ باھ ڀڙڪي پوندي.
سسئي چئي ٿي ؛ او محبوب پنهون! هي محبت جو جام مون کي پنهنجي هٿن سان پيار تہ اندر ۾ لڳل تنهنجي سڪ جي اڃ کي، تنهنجي ئي ڏنل جام سان ٿڌو ڪيان.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
محبت جنهن جي من ۾ تنهن جي صبر کي سلام..
لڪائي لوڙڪ لوڪ کان اٿن دل اندر ارمان.....
تات طلب محبوبن جي تنهن کي صبح ۽ شام...
رولي ويا رڻن ۾ بادشاه بنجي غلام
انهن جي روحن کي سلام جنهن سور سانڊهيا ساه ۾
 
Back
Top