رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
بيتن ۾ بره
___________
مجازي موهيو ڪري پئي مردار
گند ٿيو گفتار ڪردارن جي ڪرت ۾
مجازي موهيو ، ڀلي پياسي ڀاڻ
سڪ نه هئي تو سپرين ٿئين ڪين سڄاڻ
الله سڀ اهڃاڻ پرکي ڏس تون پاڻ کي
مجازي موهيو توکي اي انسان
راه نسوري نپٽ توتي ڪيئن احسان
بندا تون بهتان حڻين ٿو هوت تي
هوت ته تنهنجي هنج سمجهين ڪين سالکي
ٻاراڻي ٻالڪي نفس نه ڄاتو نينهن کي
جي تو ۾ جيءُ جهان پو تولئه سڀ مڪان
روشن جنهن جي راه منزل سڀ آسان
لوچي له انسان اڳيان اونده پئي اچي
جيءُ نه پسي جندڙي ڪو جيئڻ جو جهان
جيسين هلي هوت جيڪو مڙس مهان
صورت سڀ سبحان معشوقن جي ملڪ ۾
رسول بخش دائودپوٽه
___________
مجازي موهيو ڪري پئي مردار
گند ٿيو گفتار ڪردارن جي ڪرت ۾
مجازي موهيو ، ڀلي پياسي ڀاڻ
سڪ نه هئي تو سپرين ٿئين ڪين سڄاڻ
الله سڀ اهڃاڻ پرکي ڏس تون پاڻ کي
مجازي موهيو توکي اي انسان
راه نسوري نپٽ توتي ڪيئن احسان
بندا تون بهتان حڻين ٿو هوت تي
هوت ته تنهنجي هنج سمجهين ڪين سالکي
ٻاراڻي ٻالڪي نفس نه ڄاتو نينهن کي
جي تو ۾ جيءُ جهان پو تولئه سڀ مڪان
روشن جنهن جي راه منزل سڀ آسان
لوچي له انسان اڳيان اونده پئي اچي
جيءُ نه پسي جندڙي ڪو جيئڻ جو جهان
جيسين هلي هوت جيڪو مڙس مهان
صورت سڀ سبحان معشوقن جي ملڪ ۾
رسول بخش دائودپوٽه