• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ڪافي

ڪافي

پنهنجي راڻل لئه سڄي رات رني

ڪري ڏينهن ڇڏيو پرڀات ڀني

جنهن جي سڪ ۾ هت نه ٿي ساعت سري

جنهن جي جهوريءَ ۾ هت جيءُ جهري

اهڙي لالڻ آهي لوري ڏني.......

اهڙو عشق اندر اسرار ٿيو

تکي تابش تنهن بي قرار ڪيو

هر ڏينهن ڏکيو ٿي جيءَ جهني......

ملي محبت ڪو من منڙو ٺري

هي هانءُ سدان جنهن لئه ٿو هري

هر ڪنهن کان دعا هي آ پني.....


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top